آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

سياسي قيدين جي رهائيءَ جون خبرون

(پهرين مارچ 1984ع)
هينئر هينئر جيل جي مورچن تان سپاهين گهنڊ کي 11 ڌڪ هڻي رات جا 11 ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صبح جو 9 وڳي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيس. دوست بئرڪن ۾ وڃي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي تبليغ ڪري رهيا آهن. تنهنڪري اڄ ڪجهه وڌيڪ دوست شريڪ ٿيا. 11 وڳي جان محمد برهماڻي، علي احمد پليپوٽو ۽ بشير ٻگهيو آيا، چيائون ته 4 مارچ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ صلاح ڪرڻ آيا آهيون ته ج- س- ا-ف کي دعوت ڏجي يا نه؟ مون چين ته شرڪت جي دعوت ضرور ڏجي، باقي دوستن سان تقرير جي سلسلي ۾ اڳ ئي ڳالهائجي. اختلافي ڳالهيون نه ڪيون وڃن، وڌيڪ جيڪو فيصلو سپاف ڪندي، اسين اهو ئي مڃينداسين. محترم جي ايم سيد جي سالگره جو بائيڪاٽ سپاف ڪيو ته پ پ وارن سندن تائيد ڪئي.
12 وڳي اي ڪلاس ويس. ڀائو ابوبڪر ۽ عالم شاهه ويٺا هئا. اتي خبر پئي ته ڪالهه امير علي شاهه ڄاموٽ کي مارشل لا وارن گهرايو هو ۽ رهائي لاءِ بهتر چال جو بانڊ ڀري ڏيڻ لاءِ چيو پر شاهه صاحب انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اڄ به سندس رهائي جو مشروط آرڊر آيو آهي پر ڄاموٽ صاحب رها ڪو نه ٿيو آهي.
ڄاموٽ صاحب کي آفرين هجي. ٻيا به جي جيل مان وڃڻ جي ٿوري جلدي نه ڪن ها ته شايد حڪومت تي دٻاءُ وڌيڪ پوي ها. وڏن ماڻهن لاءِ هروڀرو ايڏي تڪليف ڪو نه هئي.
اڄڪلهه رهائي جا افواهه زور تي آهن. اخبارن ۾ گورنر جو بيان آهي ته رهائيون جاري آهن. ڪالهه جنرل ضياءَ بيان ڏنو آهي ته سياسي اڳواڻن جي رهائي تي غور ڪيو پيو وڃي. جيل جي بک هڙتال تي به ڳالهائيندي چيائين ته ”بک هڙتالين جي مسئلن جو جائزو ورتو پيو وڃي.“ گورنر عباسي چيو ته ”بک هڙتال سان ڪو به فرق ڪو نه پوندو، سندن مرضي، سدا بک هڙتال ڪن.“ڏاچي هڻي ڏهه توڏو هڻي تيرهن، (ٻنهي ڄڻن جيڪو به ڳالهايو پر ايم آر ڊي ته اکر به ڪو نه ڪڇي سياسي قيدين جي بک هڙتال تي).
اڄ بي بي سي خبر نشر ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي قيدين سان انتظاميه جي غلط رويي جي مذمت ڪئي آهي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اتان اٿي بئرڪ آياسين. شام جو اي ڪلاس ۾ 4 مارچ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي هئي، خبر پئي ته يوسف ٽالپر گڏجاڻي جو ميزبان آهي ۽ سندس طرفان هڪ وقت جي ماني به کارائي ويندي. دوستن اهو به ٻڌايو ته ج.س.ا.ف کي تقرير لاءِ ڪو نه چيو ويندو. ڇاڪاڻ جو ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽس وارن چيو آهي ته جيئي سنڌ وارا تقرير ڪندا ته اسين بائيڪاٽ ڪنداسين. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ج.س.ا.ف. وارن مهراڻ يونيورسٽي ۾ سپاف ۽ ڊيموڪريٽڪ وارن سان جهيڙو ڪيو آهي (اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، ج. س.ا. ف. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ٻي ڪنهن سنڌي شاگردن جي تنظيم جي ڪم ڪرڻ کي غير شرعي سمجهندي آهي)
گڏجاڻي ۾ مقررن تي به مشورو ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 4 مارچ جو مهمان خصوصي به يوسف ٽالپر هوندو. اڄ شام جو اها به خبر پئي ته سياسي قيدي دوستن هڪ ٻي جيل ڪميٽي به ٺاهي آهي، جنهن ۾ ابوبڪر، عبدالله ملاح، مولابخش مشوري ۽ پير معظم شامل آهن. اها ڪميٽي شايد جيل ڪيس وارن دوستن ٺاهي آهي. ان ڪري ٻين ساٿين کي انهيءَ بابت ڪو نه ٻڌايو ويو آهي.
ڪالهه به اونهاري جهڙو ڏينهن ٿي لڳو. اڄ شام جو به گرمي پئي محسوس ٿي. مڇرن يلغار ڪري ڏني آهي. مڇر به ڇتا، جتي ٿا ويهن ڏنڀيو ڇڏين. لکڻ پڙهڻ به مشڪل آهي. انهيءَ مصيبت کان ئي عالم شاهه به پنکو هلائي ڇڏيو آهي.