۽ جڏهن سر ڪٽيو جِنُ عثمان ڪينيڊي مٿان اچي ڪِريو!
صبح جو اسپتال وڃڻ لاءِ ماڙيءَ تي ويس ته ڊي ايس ايف جو علي حسن چانڊيو بيٺو هو. ڊپٽي ٻڌايو ته پوليس ڪو نه ٿي ملي، مليا ته ٻه ٽي سپاهي ملندا پر اسپتال وڃڻ وارا گهڻا آهن ۽ علي حسن کي وڌيڪ تڪليف آهي تنهن جو وڃڻ ضروري آهي. مون کيس چيو ته آئون ڪو نه ٿو وڃان منهنجي جاءِ تي علي حسن کي موڪليو. اتي ئي ڊپٽي ٻڌايو ته خيرپور مان عثمان ڪينيڊي بدلي ٿي آيو آهي. ڏسڻ مان لڳي ٿو ته ذهني طرح ٺيڪ نه آهي، کيس ڊاڪٽر حيدر قاضي وٽ علاج لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو آهي. عثمان سان ملڻ لاءِ حسين شاهه وارن جي ڪمري تي ويس جو عثمان کي اسپتال واري وارڊ ۾ انهيءَ ڪمري ۾ رکيو اٿن. اتي ويس ته حسين شاهه ۽ عالم شاهه ويٺا هئا ۽ عثمان ڪنڌ هيٺ ڪيو شيو جو سامان ٺاهڻ ۾ لڳو پيو هو، کيس سلام ڪيم پر لفٽ ڪو نه ڏنائين. ويجهو وڃي چيو مانس، ”عثمان ڀائي ڪيسي هو، آپ سي ملني آيا هون،“ تڏهن ڪنڌ مٿي کڻي ٿورو ڳالهايائين، وري ڌيان ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين. ڪنڌ ۾ ٿلهو ڪارو ڌاڳو پيل هئس، موڳو موڳو پي لڳو. وري خيريت معلوم ڪئي مانس. اڌو گابرو جواب ڏئي تيار ٿي موڪلائي ڪمري مان نڪري ويو.
1978ع ۾ به عثمان جيل ۾ هو، ساڻس تڏهن به ڪچهري ٿي هئي. ٺيڪ ٺاڪ هو، اسين هن کان اڳ ۾ رهيا ٿياسين. ڪجهه وقت کان پوءِ اخبارن ۾ خبرون آيون ته عثمان دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي، هڪ ڏينهن اخبارن ۾ خبر شايع ٿي ته ”حيدرآباد ڪا نوجوان رهنما جو ڪڀي بڙا جوشيلا اور شعله بيان مقرر ٿا، خاموش رهتا هي اور هر وقت خلائون مين گهورتا رهتا هي“ ۽ پوءِ اڪثر سندس رهائيءَ جون اپيلون اينديون رهنديون هيون. (ڪجهه عرصو اڳ ۾ ارشاد رائو لاءِ به اخبارن ۾ شايع ٿيو ته”سندس دماغ شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، دماغي توازن وڃائي ويهندو.“ ٿورا ڏينهن اڳ ۾ نفيس صديقيءَ لاءِ به اهڙيون خبرون شايع ٿيون ۽ کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو. انهن رهنمائن جي رهائي جي اپيلن سان گڏوگڏ سندن ننڍن ٻارن جو اپيلون به شايع ٿينديون رهيون آهن ته ”همارا ابو ڪب رها هوگا.“ شهري رهنمائن کي جيل ۾ گهڻو وقت ٿيو يا تڪليف وڌيڪ آئي ته اخبارن ۾ وڏي هاءِ گهوڙا مچي ويندي آهي، سڄي دنيا جا ادارا حرڪت ۾ اچي ويندا آهن. مشير پيش امام کان وٺي انور عباس نقوي تائين گهڻو ڪري رڳو اخبارن جا مشهور ڪيل اڳواڻ آهن. گهڻن اڳواڻن کي ويجهو ڏسڻ سان اندازو لڳي ويندو آهي ته هي ايڏا وڏا ناهن جيڏو هنن کي اخبارن بڻايو آهي.
ڪافي دير تائين حسين شاهه سان ڪچهري ٿي، کيس چيم ته خيال ڪجوس، اوهان سان گڏ رهي وڌيڪ چريو نه ٿي پوي. عثمان گذريل جيل ۾ به حسين شاهه وارن سان گڏ هو، تڏهن به حسين شاهه ۽ شير خان لنڊ، عثمان کي ڊيڄاري سندس ذري گهٽ ساهه ڪڍيو هو. فاضل راهو، علي بهادر شاهه، ستار بچاڻي، محمد خان سومرو ۽ غازي وارا به گڏ هئا، سڀئي عثمان جي ڊڄڻ جا قصا ٻڌائيندا هئا. تن ڏينهن ۾ حسين شاهه جيل ۾ ”سرڪٽيي“ جن جو قصو مشهور ڪري ڇڏيو هو ۽ شير خان هٿرادو سرڪٽيو ٺاهي، ٻين دوستن جي صلاح سان عثمان کي ڏيکاريو هو. حسين شاهه ٻڌايو ته تڏهن ڪمرن کان ٻاهر وارڊ ۾ سمهندا هئا. دوستن صلاح ڪري هڪڙي ڪاري برداشتي کي چيو ته اسين آڌي رات جو اٽڪل ڪري عثمان کي اٿارينداسين، تون ڊوڙندو اچي عثمان کي ڇاتي سان لڳجان. آڌي ٿي. بظاهر سڀ سمهي رهيا. عثمان حسب معمول وظيفا پڙهي پاڻ تي پنهنجي کٽ تي ڦوڪيا ۽ پوءِ چئني پاسي تاڙي هڻي سمهي رهيو. حسين شاهه وارن وڏو پٿر اڇلي ڀتين کي ڌڪ هڻي وڏا ڦهڪا ڪرايا. عثمان ڊڄي اٿي ويٺو، کٽ تان اٿي هيڏانهن هوڏانهن پئي ڏٺائين ته اوچتو ڪمرن جي پٺيان برداشتي ڊوڙندو اچي عثمان کي لڳو. عثمان وائڙو ٿي ويو. وڏي رڙ ڪري کٽ تي ڪري پيو، ٻئي ڏينهن بيمار ٿي پيو. گهران پڙهيل ڌاڳا ۽ پاڻي گهرايائين. ان ڏينهن کان پوءِ عثمان وري ڪمري کان ٻاهر ڪو نه ستو.
حسين شاهه کي سنگت جا هانوَ ڦاڙڻ ۾ مزو ايندو آهي. سندس هڪڙو دوست، ساڻس گڏ ڪراچي ويو، سائين اچي روحن جون خبرون ڪيون. سنگتي ڊڄڻو، رات جو پهر ۽ رڳو جنن جون ڳالهيون. سائين دوست کي اهو به چيو ته ”جنهن گهر ۾ رهون پيا، ان گهر جي مالڪ جي پيءُ جو روح به پنهنجي ٻارن کي ڏسڻ ايندو آهي،“ اهي خبرون ڪري ستا. سائين سمهڻ کان اڳ ۾ گهر ۾ شو خاطر ٽنگيل جهالر مان ننڍڙو گهنگهرو ڪڍي پنهنجي پير جي آڱوٺي ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ سڀني جي سمهڻ کان پوءِ آهستي آهستي ان کي وڄائيندو رهيو، تان جو سندس دوست جاڳي پيو، اٿي ويٺو، ٿوري دير صبر ڪيائين پر پوءِ ڏڪندي وڃي حسين شاهه کي اٿاريائين. سائين وري سمهي رهيو پر هن دوست جي رات ويئي رلي. حسين شاهه جي ڊيڄارڻ جون گهڻيون وارداتون آهن، جن کي خبر آهي سي بيپراهه ٿي ويندا آهن باقي جيڪي ڊنا يا بيخبرا ٿيا تن جو ڄڻ سر ئي ويو. اتان اٿي ڪمري تي آيس، سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ئي گذريو. رات جو 9 وڳي ڌاري بند ٿياسين.