سياسي خبرن تي سينسرشپ، ڌاڙيلن کي ڀرپور ڪوريج!
ڪالهه صبح جو نائين وڳي پئٿالاجي لئبارٽري ويس، گلوڪوز ٽالرنس ٽيسٽ هئي، 2 ڪلاڪ هلي. اها ٽيسٽ پهرين به ٿي آهي پر سندس رپورٽ مان ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ مطمئن ڪونهي سو وري ڪرائي اٿس. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ئي ليٽيو رهيس. شام جو ڊاڪٽر اشرف ۽ مختيار ملڻ آيا، ڊاڪٽر اشرف ٻڌايو ته اڄ هالا ۽ سعيد آباد جا شهر بند هئا، جو هالا مان ڪجهه ماڻهو اغوا ٿي ويا آهن.
اڄ جو اخبار آئي ته ان ۾ به ڌاڙن ۽ ڌاڙيلن جو خبرون وڏي سرخي سان شايع ٿيل هيون. سڄي سنڌ بدامني ۾ وڪوڙيل آهي. ٻه ڏينهن پهرين دادو ويجهو آءِ جي پوليس بشير صديقي تي حملو ٿيو، سندس عملي جا ماڻهو ماريا ويا ۽ زخمي ٿيا. ساڳئي ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن هٿان قمبر جو اي ايس پي مارجي ويو. اڄ هالا مان ماڻهو اغوا ٿيا آهن. پرو چانڊيي جي مارجڻ کان پوءِ آءِ جي پوليس جي واکاڻ ڪندي نه ٿي ڍاپيو. زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيائين ته ”ڌاڙيلن جو ڪافي حد تائين خاتمو ڪيو ويو آهي، عنقريب امن قائم ٿي ويندو.“ پر حقيقت ۾ ڳالهه وڌي ويئي آهي. ماڻهن رات جو سفر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، هر طرف خوف ۽ هراس ڇانيل آهي. افواهن جو به طوفان آهي. هتي ان افواهه ته پرو جي قتل جي پلاند طور ڌاڙيلن پوليس وارن کي مارڻ جو اعلان ڪيو آهي، پوليس وارن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. اسان وارا سپاهي به ڳالهين ۾ چوندا آهن ته اسان جي قيمت سرڪار وٽ 5000 رپيا آهي، ڪير ٿو 5000 هزارن تي سر وڃائي ۽ ٻچا رلائي!
ڪجهه ڏينهن کان اخبار تي سياسي خبرن شايع ڪرڻ تي سينسر شپ عائد ڪئي وئي آهي. نالي ماتر به ڪا سياسي خبر ڪا نه ٿي شايع ٿئي. هاڻ اخبارن ۾ رڳو ڌاڙن ۽ ڌاڙيلن جون خبرون آهن، اخبارن ۾ رڳو جنرل ۽ سندس هٿ ٺوڪيا وزير آهن يا ڌاڙيل. رڳو انهن کي سرگرمين جي اجازت آهي باقي هر سرگرمي تي بندش آهي.
رات جو نائين وڳي ڌاري عبدالستار بچاڻي صاحب ملڻ آيو، ٻڌايائين ته ايس ايم ايل اي گهرايو هو، اٺن ڄڻن تي سخت ناراض هو ۽ چيائين ته سڄي شرارت انهن اٺن ڄڻن جي آهي، جن اٺن جا نالا کنيائين سي هئا. مخدوم خليق الزمان، حسين شاهه بخاري، غازي صلاح الدين، عالم شاهه، ستار بچاڻي، ظفر لغاري، ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجو ۽ مولابخش چانڊيو. رات جو سائين يار محمد شاهه (کيسانه موري وارو) ۽ سندس هڪ دوست ملڻ آيو.