آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

(16- مارچ 1984ع)
صبح جا پوڻا اَٺ ٿيا آهن. صبح اٿي ٿورو پنڌ ڪيم. پنڌ ڪندي ئي بوند پڻ شروع ٿي ويئي. ڪالهه به جهڙ هو ۽ ٿڌيون هوائون به هلنديون رهيون. اڄ به سنهڙي بوند کان پوءِ گهڙيءَ لاءِ وڏ ڦڙي پيئي. نالي ۾ پٽ پسائي ويئي، مٽي ويٺي آهي ته ڳاڙهسرو ميدان سهڻو ٿي پيو آهي. بئرڪ ۾ چاچو سيف الدين پنهور، ڪامريڊ ڌڻي بخش پنهور (حيدرآباد) ۽ آءٌ جاڳيا ويٺا آهيون. ٻي سنگت اڃا ستي پيئي آهي. هينئر ئي ٻه ساٿي بئرڪ وٽان گذرندي ڳالهائيندا ويا، هڪڙي چيو ”واهه جي موسم آهي“، ٻئي جواب ڏنس ”ڪهڙي موسم، جيل ۾ به ڪا موسم ٿيندي آهي!“ ٻئي سنگتي جي ڳالهه سچي هئي، ”جيل ۾ ڪهڙي موسم“موسمن جي حسن جو احساس ته ڪنهن جي ساٿ ۾ ٿيندو آهي، تنهائي ۾ ته وڻندڙ موسم اداس ڪري ڇڏيندي آهي. الائي ڪهڙو جادو آهي ڪڪرن، ۾، جو هر جيئري دل جهومڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي. الائي ڇو وسندي مينهن ۾ پنهنجن جا پور پوندا آهن.
نہ گل کھلے ہیں نہ ان سے ملے نہ مئی پی ہے،
عجب رنگ میں اب کی بہار گذری ہے۔
خلاف معمول آفتاب مغل سوير اٿي پيو آهي. وڏي ڳالهه ته، تيار ٿيو يونس ڀان، آفتاب ڀان ۽ ٻين دوستن سان ڪرڪيٽ راند ڪرڻ پيو وڃي. سامهون واري ورانڊي ۾ ٽنڊي محمد خان جو دوست وڏي سٿڻ ۽ پهراڻ سان بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي، ٻانهون گوڏن تي رکيو اوڪڙو ويٺو آهي. انهيءَ سنگتي کي ڏسي خيالن ۾ وڃي ڳوٺ پهتس. ڳوٺ به صبح جو مائٽ گهرن مان نڪريو اچو ٻنجرن تي اوڪڙو ويهن. گهرن جا ٿلها هڪ ٻئي سامهون. پوءِ پنهنجي ئي ٿلهي تان پيا خبرون ڪندا، ڪن کي کٻڙ جا ڏندڻ هٿن ۾ ته ڪي نيرانا پيا پن جي ٻيڙي مان دونهان ڪڍندا. سندن خبرون به مزي واريون. ٻني ٻاري جي خبر، ان ۽ گاهه پٺي جي اگهن جي خبر، ڪالهوڪي مليل واقفڪارن جا احوال، آسي پاسي ۾ ٿيل چوري چڪاري ۽ جهيڙي جهٽي جي خبر. سالن کان ڳوٺ نه وڃڻ جي باوجود سوچن ۾ ئي ڳوٺ جي يادن مان روح پئي خوش ڪيم ته، بشير جمعدار جي هڪلن ورائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جيل نالو ئي پرائي وس هجڻ جو آهي.
بشير طوفان ٿي هڪڙي در مان آيو ٻئي در مان نڪري ويو. وري آيو، بئرڪ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چوڻ لڳو ” اڀي تو ساري سياسي سور رهي هين.“ وري طوفان ٿي نڪري ويو، بشير سڀني دوستن کي ”سياسي“ چوندو آهي. بند ڪرڻ ايندو ته چوندو ”او سياسيئو، خدا ڪي واسطي بند هو جائو، خدا ڪا خوف ڪرو، هماري بچون ڪا خيال ڪرو، سارا دن اڌر اڀي تو جاني دو!“ اسان ڪميٽي وارن کي ”ليڊر لوگ“ چوندو آهي. ڪميٽي جي ڪنهن دوست کي بند ٿيڻ ۾ دير ٿي ته چوندو ”او خدا ڪي واسطي آپ ليڊر لوگ سويري آؤ، تو يه سياسي لوگ بند هون، ان لوگون ني تو هماري....“ اڳي رڳو دادو وارن دوستن لاءِ گهوڙا گهوڙا ڪندو هو، هاڻ وري لاکاٽ جا جتوئي دوست به دير سان بند ٿيڻ لاءِ چڪر ۾ ويٺا هوندا آهن ۽ بشير جي آواز تي ڪن ڪو نه ڏيندا آهن. بشير هنن کي بند ٿيڻ جو چئي هيڏانهن هوڏانهن پيو هلندو. هنن جي پاسي بيهي کين بند ٿيڻ جو ڪو نه چوندو آهي، جو ڊڄندو آهي ته متان وڙهي پون. بشير جي رڙين جي باوجود جتوئي جلدي اٿڻ جي ڪو نه ڪندا ته چوندو ويندو ”خدا جاني يه جتوئي صاحب کي مخلوق ڪهان سي آگئي هي“. اسين اينداسين ته چوندو: سائين ان ڪو تو بولو، پهلي ڪيا ڪم تهي ڪه ان ڪو بهي لي آئي“ (جتوئي پهريون ڪاري فئڪٽري ۾ هئا اسين کين وٺي اڇي چڪر آياسين. بشير هڪلون ڪري هليو ويو ۽ گهڙيءَ لاءِ چپ ٿي ته هينئڙو سڀ نيئر ۽ ڏانوڻيون ڇنائي، ڪوٽ اڪري وڃي ڳوٺ پهتو.
ڳوٺ ڦڙيون مس پيون ته مايون مرد لڳي ويندا ها مَنهن لنبڻ ۾، سانوڻ ڏينهن سڀني کي ساريا پيا هوندا هئا، گهرن راڳڻ جي تياري گهڻو ڪري وسڪاري کان اڳئي شروع ٿي ويندي هئي. مايون ،مڙسالن کي چوڻ شروع ڪري ڇڏينديون هيون:. ”هان، ٻڌين ٿو، سانوڻ وري آيو آهي، مينهن آيا ڪي آيا، گارو ڪر ته منهن راڳي ڇڏيون، متان دير ٿئي ۽ ٽپڙ سمورا ڀڄي ٿين ڀت.“
هلڪي مينهن ۾ سڀڪو پنهنجي ڪکن ۾ پيو هوندو هو، ڪي ڪچن گهرن ۾ ته ڪي مَنهَن ۾، ڪي غريب ته پکن ۾ پيا هوندا. گهڻو ڪري سڀني ڪکائن گهرن وارن وٽ پکا پيا هوندا هئا. ڪي هاسيڪار مينهن جي ڪري آڻيندا هئا ته ڪن وٽ شادين جا به رکيل هوندا هئا. هاڻ ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو پڪو گهر به آهي ته ورانڊو به، پر اڳي ڪمرو ۽ ورانڊو ڪو نه هو. ڳوٺ ۾ گهڻو ڪري سڀني جو هڪڙو ڪکائون ڪمرو ۽ اڳيان اڏيل مَنهن هوندو هو. تن ڏينهن شادي ٿيندي هئي ته گهوٽ ڪنوار ستاوڙي تائين ٿلهي تي اڏيل پکي ۾ رهيا پيا هوندا هئا. ستاوڙي کان پوءِ پکي مان نڪري انهيءَ هڪڙي ڪمري ۾ اچي گذران ڪندا هئا جنهن ۾ ڪنوار جي سس، سهرو ۽ ٻيا ٻار رهيا پيا هوندا. ڪو ڳوٺائي سکيو هوندو ۽ وٽس ڪچو ڪمرو به هوندو ته ڪمري کي ڏاڪڻ نما در هوندو، باقي سڀ پڌرا پيا هوندا. هڪڙي ئي ڪمري ۽ منهن ۾ ننهن، سس ٻئي پيون ٻار ڄڻينديون.
ڳالهه هئي مينهن جي، سو هلڪي ڦلڪي مينهن ۾ ته سڀڪو پيو ڳوٺ ۾ مينهن سان مقابلو ڪندو پر جي مينهن گهٽ نه ڪئي ۽ ساندهه وسندو رهيو ته ڳوٺ وارن جو گهرن ۾ رهڻ ۽ هلڻ ڦرڻ مشڪل ٿي پوندو. مالوند، مال کي وس تي موڪلي ڇڏيندا ۽ گهر وارا لڏي اچي پوٺي تي ويهندا. پوٺي تي پکن جو ڳوٺ اڏجي ويندو هو. پوٺو ڳوٺ کان پري ڪو نه هو. مرد ماڻهو روز وڃي گهرن جو حال احوال وٺي ايندا هئا، تيسين پوٺي تي رهيا پيا هوندا هئا. جيسين ڳوٺ مان پاڻي سُڪي ۽ ماڻهن ۽ مال جو رهڻ ممڪن ٿئي.
اونهارو ئي اسان جي ڳوٺ اچڻ جي مند هئي، سياري ورلي ڪو ايندا هئاسين. پانڌي واهه وهي آيو يا سانوڻ جا ڪڪر وريا ته ناني به ڳوٺان اچي ويندي هئي اسان کي وٺڻ، اسان کي به ڳوٺ جا ڏينهن وسرندا ڪو نه هئا. گرمي جون موڪلون مليون ته ناني جو انتظار شروع ٿي ويندو هو. نانيءَ کي گهٽيءَ مان ايندي ڏسندا هئاسين ته ٻارن ۾ خوشي واري رڙ پئجي ويندي هئي ته ”ڏاڏي اچي ويئي، ناني اچي ويئي!“ ناني سان وڏي هڙ ڳوٺاڻين سوکڙين سان ڀري پئي هوندي هئي: سچو گيهه، مکڻ، ٽنڊي جي مشهور حلوائي جي دڪان جي مٺائي، وڙو، حلوو، مال پڙا، ميسو پاڪ، ٽڪيون ضرور هونديون هيون. مند سارو، پيرون، ڪماند جو بُليون ۽ مٽر به کڻي ايندي هئي.
ٻه ٽي ڏينهن رهي ناني، بابا کان موڪل وٺڻ شروع ڪري ڏيندي هئي ته ”ابا پاڻي وهي آيا آهن، سانوڻ مند به آهي، سڀئي ٻار پيا راند روند ڪن، سڄي ڳوٺ جي ماين کي مولا بخش جي ماءُ جو انتظار آهي، موڪل ڏي ته اها به مائٽاڻا ڪک ڏسي اچي.“ بابا انڪار ڪندو ته ناني جو مطالبو به زور وٺي ويندو هو: ”ابا، تيسين ڇڏين، جيسين جيئري آهيان، پوءِ نڪو ڪو زور ڀري ٻار وٺي ويندو نڪو ٻار کرندا.“ ٿيو به ايئن، ناني مئي کان پوءِ نه ئي ڪو شوق مان امان ۽ ٻارن کي وٺڻ آيو ۽ نه ئي اسين به ڪو ڪوڏ مان ڳوٺ لاءِ سنبرياسين.
ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ملي ته هڪ ٻه ڏينهن تياري ٿيندي هئي. ٽنڊي محمد خان وڃڻ اهڙو سولو ڪو نه هو جهڙو هينئر. ٽنڊي بس ڪا ورلي ويندي هئي. هڪڙو رستو بڇڙو، ٻي بس هٽلر جي زماني جي، قدم قدم تي بيهندي هلندي هئي. ماڻهن کي ريل سولي لڳندي هئي. اسين به ريل ۾ ئي ويندا هئاسين. ٽنڊي 3 ريليون وينديون هيون، هڪڙي”پهرين“ صبح جو 7 وڳي، ٻي ”لنڊو“ صبح جو 10 وڳي، ٽين ”پوئين“ شام جو 5 وڳي ڌاري. اهي ريلن جا سرڪاري ٽائيم هئا. باقي ريليون پنهنجي مسافرن جي مزاج تي هريل هيون. ڪڏهن وقت تي ڪو نه هليون. سدائين ليٽ. حيدرآباد کان ٽنڊي تائين ريل جو سفر اسان لاءِ وڏو لطف وارو سفر هو، جو اهو ئي وڏو سفر ڪندا هئاسين. ريل ۾ شين وڪڻڻ وارن جي اچ وڃ، عجيب غريب هوڪا، فقيرن جو قسمين قسمين جون صدائون، سڀ دلچسپي جون باعث هيون.
ٽنڊي اسٽيشن تي ڍڳي گاڏي اسان جي انتظار ۾ هوندي هئي. اسٽيشن تان اچي اميڻا چاڪياڻيءَ جي گهر منزل ضرور ٿيندي هئي. ماسي اميڻا وڏي صبر ۽ پيار واري خاتون هئي. ڳوٺ جون مايون ٽنڊي اينديون هيون ته سندن پڙاءُ ماسي اميڻا وٽ ئي هوندو هو. ماسي اميڻا چاڪياڻي جو گهر ٽنڊي ۾ مين اسٽيشن روڊ تي نيشنل بئنڪ جي سامهون هوندو هو. اتي ڪُترن جا ڪارخانا جام هوندا هئا. ڳوٺ وارا پنهنجون گاڏيون گهڻو ڪري انهن ڪارخانن ۾ ئي بيهاريندا هئا. ڪارخانن جي سامهون نيشنل بئنڪ جي لائن ۾ رڳو چاڪين جا گهاڻا هئا. گهاڻن جي پويان ۽ مير جي پڙ ۾ کٽن واريون هوٽلون هيون، ٻوڙ ٻيا به هوندا هئا. پر سيئيل ۽ تريل مڇي، پلو جام هلندو هو. ٽنڊي جي پڙاءُ دوران ٻنپهرن جي ماني انهن هوٽلن تان ايندي هئي. کائي ڳوٺ روانا ٿيندا هئاسين. شهر ۾ ٿورو ترسڻ هوندو هو ته جانورن جي اسپتال جي پاسي ۾ گهاٽين نمن جي ڇانوَ ۾ گهڙيءَ لاءِ ڊاٻو ڪري ڳوٺ هلندا هئاسين.
ٽنڊي کان ڳوٺ وارو رستو ”لاکاٽ روڊ“ به پنهنجي پانڌيئڙن لاءِ وڏو امتحان هو. هڪڙا کڏا ٻي ڌوڙ، ڌوڙ ۾ کڏا کوٻا ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندا هئا، اوچتو ڍڳي گاڏي کي اهڙو لوڏو ايندو، جو پاسراٽين مان ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا. لاکاٽ وارو روڊ به اهڙو ئي هو جهڙو بڪيرن وارو روڊ ٻڌبو هو. بڪيرن واري روڊ بابت پهرين ”قادو شيدي“ کان ٻڌو هئوسين. قادو شيدي به ڪاڄن ۽ مجلسن جي سونهن ۽ سکيائي جي نشاني هو. قادو شيدي فن جي مظاهري مهل خاص قسم جو لباس پائيندو هو. مٿي ۾ ٽن ڪنڊن سان ڪانگريسي ٽوپي پيل هوندي هئس. رات جو انهيءَ ٽوپي ۾ ننڍڙا بلب به ٻرندا هئا. قادو شيدي پنهنجي لطيفن، حرڪتن سان محفل کي کلائي کلائي ساڻو ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهو سڄي رات پيا قادو جون خبرون ٻڌندا هئا. ورچندا اصل ڪو نه هئا. انهن ڪچهرين کي ساري هاڻ ٿو ماڻهن کي ڏسجي ته ڄڻ ماڻهن مان چرچي ڀوڳ جي حس ئي ختم ٿي ويئي آهي. ماڻهن کان ڄڻ کلڻ وسري ويو آهي. وقت انسان کي سهولتون ڏيئي، سڪون ڦري ڇڏيو آهي. سهولتن سان گڏ ماڻهن کي ڄڻ ”ڊوڙ“ به حصي ۾ آئي آهي. ڊوڙ به اهڙي جو زندگي جو نئون نالو ئي ”ڊوڙ“ رکڻ کپي. ڳالهه رستي جي هئي، وڃي اٽڪيو آهيان وقت ۾. وقت کان ڪنهن کٽيو آهي. وقت ”اڄ“ جي حقيقت آهي سڀاڻي نه، تنهن ڪري وقت کي ”اڄ“ ۾ ڪو به ماري نه سگهيو آهي. قادو شيدي، بڪيرن جي رستي جي ڳالهه ڪندي چوندو هو ته ”بڪيرن ويندي بابا جي ڪلهي تان ڪري پيس. حرام جو مائٽن کي هٿ اچان. وڏا پروڻ کڻي آيا، رستي جي مٽي ڇاڻيندا رهيا. ٽئين ڏينهن خدا خدا ڪري مائٽن مون کي لڌو.“
لاکاٽ وارو رستو به ذري گهٽ بُڪيرن واري رستي جهڙو هو. پنڌ وارو اڃا به ڪجهه سولو ساهيون کڻي وڃي ٽنڊي پڄندو هو، پر گاڏيءَ جا لوڏا ڳوٺ تائين سڪائي لاهيندا هئا. ڏيڍ ڪوهه جي پنڌ ۾ ڍڳا آبڙي شاخ تي ساهه پٽيندا هئا. ڳوٺ پهتاسين ته چوٻول پئجي ويندو ته ”حيدرآد وارا اچي ويا.“ (سڀ ڳوٺائي حيدرآباد کي حيدرآد چوندا آهن) اسان واري گهر ماين جا ميڙا مچي ويندا. هڪڙيون مايون هٿ ڏئي گهر جو ڪم ڪار لاهي اينديون ته ٻيون وينديون. امان سان ايندي به مائٽياڻيون روئي ملنديون هيون ته ويندي به. ويندي وڏو جذباتي منظر هوندو هو. سڀئي مائٽياڻيون ۽ ساهيڙيون امان کي رستي تي ڇڏڻ اينديون هيون. موڪلائڻ مهل ڏاڍو روئنديون هيون. روئندو آءٌ به هوس. مائٽن جي وڇوڙي تي نه پر سمجهندو هوس ته کيل ختم، پيسا هضم، وري اسڪول، وري ٻنپهرن جو زوري سمهڻ، هلڪيون ڦلڪيون پابنديون وري شروع.
شهر ۾ سوير سجاڳي ڪو نه ٿيندي هئي، جي ٿي به ويئي ته اسڪول جي ڊپ ۾ هروڀرو به اکيون پوريون پيون هونديون هيون. ڳوٺ جهل پل ڪو نه هئي ته اک به اسر ويل ئي کلي ويندي هئي. وڏي اسر کان ئي زندگي جو آغاز ٿي ويندو هو. ورلي ڪو صدورو سج چڙهئي ستل هوندو هو. مايون، مردن کان اڳ ۾ اٿنديون هيون. چئني پاسي جنڊ جا چيڪڙاٽ پيا ٻڌبا هئا. هر ڪا مائي ڪم سان هوندي هئي: ڪا ولوڙڻ ۾، ڪا ڇڙڻ ۽ ڏرڻ ۾. ٻين ٻارن وانگر پاروٿو ڀت، ديڳڙي ۾ کائي، سوير ئي سنگتين سان مال ۾ ويندو هوس. ٻارهين ڌاري مال کامن ۾ ويهاري گهر ايندا هئاسين.، ماني ڪڏهن ٻوڙ سان ته ڪڏهن سانڌاڻي سان کائي وري مال ۾. مال کامن ۾ ته ڌراڙ به کامن ۾. ٻارن سان وهنجڻ پانڌي واهه تي ويندو هوس. پر تارو ڪو نه هئس. ادا شمون ٻيا دوست ۽ مائٽ ٻٻرن تان چڙهيو واهه ۾ ٽپ پيا ڏيندا هئا ۽ آءٌ ڪپ تي ئي پيو پاڻ کي پسايو خوش ٿيندو هوس.
هينئر ته ڪمند ملڪ کي ڍَئي ڇڏيو آهي. ڪلرآباد ٿي ويا آهن. تڏهن پانڌي واهه ٻاراهو ڪو نه هو، ٻوٺي جون زمينون نارن ۽ هرلن تي ٿينديون هيون. ڪلر آباد ٿيا. خوشحالي جي هلڪي لهر آئي ته ماڻهن چوڻ شروع ڪري ڏنو ته ”اڄڪلهه ڪلر ۽ ڪڃر جو قدر آهي.“ پانڌي واهه ٻاراهو شهيد ڀٽي جي زماني ۾ ٿيو هو. اڳ ۾ گهڻو ڪري ساريون ٿينديون هيون: ”گنجا ۽ رتڙيا.“ گنجا ته اڃا به غريبن جو ساٿ ڏيو اچن. سندن ڳاڙهي ماني، ڳاڙهو ڀت روزانو جو رزق آهي باقي رتڙين کي ڪا اهڙي بيماري لڳي جو ويا ته وري نه ٿيا. پراڻا ماڻهو رتڙين کي ساريو ٿڌا ساهه ڀريندا آهن. رتڙين ۽ سڪون جو ساڳيو زمانو هو. سو ڪمند پئسو ڏياريو ته هڻ وٺ وڌي ويئي. پئسو به ڄڻ اُڃي مٽي ۽ بيچينيءَ جي پاڻي مان ٺهيل آهي، جنهن وٽ ٿو اچي تنهن جي پئي پوي ته ”اڃان ڪي آڻ، اڃان ڪي آڻ!“ پئسو جنهن کي پاڻ پسائيندو آهي تنهن کي حياتيءَ جا ٻيا به ڪيئي منظر ڏيکاري ڇڏيندو آهي.
هاڻ ته پيار به پئسن سان آهي ته مرڪڻ جو به ملهه آهي پر تڏهن ڳوٺ وارا ماهيو ڪو نه ڪندا هئا. کير وڪڻڻ عيب هو. کير به پٽن وانگر هو. سندس خير به پٽن جي خيريت سان گڏ پڇبو هو. کير کائبو ۽ ولوڙبو هو. ماڻهن ۾ ڪس ڪسر کائڻ هو، پنهنجن وٽ ويندي ۽ گهرندي عيب ڪو نه ٿيندو هو، جو پنهنجن کي مهل ۾ ڏيڻ به وڏائي ڪو نه هئي. ٻار ٻچي کي کير لپ جي ضرورت پئي ته ريءَ ملهه ملي ويندو هو. جنهن گهر ۾ کير ڪو نه هو، تنهن گهر جي نياڻي سياڻي صبح سان کير وارن جي گهر لنگهي ويندي هئي ته چوئنري ڏڌ جي ڀري ايندي هئي. ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ننڍڙا دڪان هئا، انهن تي روڪڙي جي ڀيٽ ۾ اوڌر ۽ ان تي ڏيتي ليتي وڌيڪ ٿيندي هئي. اَنُ جي جهولي يا ڳنڍ کڻي ويندا هئاسين ۽ دل گهريون شيون وٺي ايندا هئاسين. گهر وارن جي ڏنل ان مان پيٽ ڪو نه ڀربو هو ته لابارو ٿيل فصلن مان چونڊو به ڪري ايندا هئاسين. ڳوٺ جي ماين جو مينهن ۽ وڇين ۾ ساهه هو ۽ مرد ماڻهو ڍڳن جا شوقين هئا، جن کي ڍڳا گاڏيون هيون سي ڪانا ۽ گاهه کڻي ڪمائيندا هئا (اسان وارا مائٽ گهڻو ڪري ڪانا ڀري حيدرآباد ايندا هئا. حيدرآباد ۾ ڪانن جي وڏي مارڪيٽ هئي. گاڏيون آفندي باغ ۾ بيهنديون هيون) ڪي مزدوري ڪندا هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺاڻن کي پنهنجو ٻني ٽڪر به هو پر گهڻا ماڻهو هارپو ڪندا هئا ۽ گهڻا ريوومل، دولومل ۽ موتي مل جا هاري هئا. ٻه ٽي گهر ميرن جا هاري هئا. اثر ميرن جو، ماڻهو به ميرن جا هئا. ڪاڄ، قضئي ۽ ماتم ۾ ميرن جي حڪم تي حاضر هوندا هئا، ڪنهن جي مجال جو ميرن جي خلاف ڳالهائي. ڀٽي صاحب جي تحريڪ جو آغاز هو. حيدربخش جتوئي جي خبرن جي سڌ پئجي ويئي هئي. تڏهن ڳوٺ ايندو هئس ته ميرن جي خلاف ڳالهائيندو هئس ۽ ماما پنهون مون کي زوري ڳوٺان وٺي امان وٽ ايندو هو، چوندو ته ”ادي، مولابخش کي سمجهاءِ، مير اعجاز وارن جي خلاف ٿو ڳالهائي. مير بادشاهه آهن، ميرن جي زمينن تان سج ئي ڪو نه ٿو لهي.“ ڀٽي صاحب جي حڪومت قائم ٿي. سائين اسدالله شاهه سان گڏجي ٽنڊي محمد خان جي دوري تي آيس ته وڏا جلسا ٿيا. شهر ۾ وڏو جلسو ٿيو، انهيءَ جلسي ۾ تقرير ڪندي چيم ”ماما اچي ڏس، توهان وارن ميرن جو سج لهي ويو آهي. هاڻ ماڻهو گهرن ۾ نه پر چؤنڪن ۽ چؤسولن تي ميرن تي پيا ڳالهائين.“ انهن ڏينهن سڄي سنڌ وانگر ٽنڊي ۾ به پارٽي ۾ گروپ بندي هئي، مير اعجاز وارا ممتاز ڀٽي صاحب سان گڏ هئا. پير سعيد جان ۽ تنظيم کي جتوئي صاحب جي سرپرستي حاصل هئي. مير صاحبان به پ پ ۾ هئا پر تنظيم سڄي تعلقي ۾ ميرن جي خلاف جلسا پئي ڪندي هئي.
ماڻهن ۾ سُکيائي ڪو نه هئي پر صبر توڪل جام هو. پير پنڌ کان ڪو نه ويندا هئا. شادين ۾ پوئو، پهت ۽ قضئي تي ڇاڙ ضرور ڏيندا هئا. اوسي پاسي گهڻا راڄ هئا. پهوڙن جو راڄ، پٽ ڳاهن جو راڄ، ماري مهاڻن، زنئورن، سمن، ٿيٻن، لنجواڻين، مڏن، سٺين جا راڄ پاسي ۾ ٻٻرن جو راڄ به هو مشهور اداڪاره بينا (فلم رنگ محل واري) سندس ڀيڻ زرينه، ڪاڪي ٽيئومل جي گهر واري انهيءَ راڄ مان هيون. سڀني سان اٿندا ويهندا هئا. پنهنجا ڪاڄ به وس سارو سٺا ڪندا هئا. غريب غربو ته راڄ سڏائي فرض پورا ڪري ڇڏيندو هو پر جن جي ڪتي يا چيٽ ڀلو ٿيو سو ڀت ضرور ڪندو هو. ڪاڄ ۾ زالن ۾ ته ماتلي ۽ ٽنڊي مان ڳائڻيون اينديون هيون پر مرداڻي ڇني ۾ ڳائڻين جو رواج ڪو نه هو، ناچو ايندا هئا. ڪو پڪو پختو ڳائڻو به ايندو هو ته ان سان به هڪ اڌ ناچو ضرور هوندو هو. انهن ڏينهن سيد سليمان شاهه جي ڀل ڀلان هئي. ڏاڍو مقبول هو مون وارن مائٽن ۾ به، پاڻ وٽ يا اوسي پاسي ڪاڄ ۾ سليمان شاهه جي اچڻ جو ٻڌي وڏي تياري ڪندا هئا. پئسا به ڏيندا هئس ته سونيون منڊيون به پارائيندا هئس. ڪن شوقينن ته مينهون به تحفي ۾ ڏنيون. سليمان شاهه جا ڳايل ڪلام ڪي ڏينهن ڇوڪرا پيا جهونگاريندا هئا. لتا، محمد رفيع، طلعت محمود جا به عاشق هئا، ڪي ته مڌو بالا ۽ نرگس جا چريا ٿيل به هئا. ٽنڊي ويندا هئا ته ڪم ڪار لاهي رڪارڊنگ واري هوٽل تي ضرور ويهي ايندا. ٽنڊي ۾ رڪارڊنگ واريون هوٽلون جام هيون پر بٺورو روڊ تي آچو ماڇي جي هوٽل ۽ اسٽيشن روڊ تي تين بتي چار راسته وٽ مالهي جي هوٽل سڀني کان زور هئي. وڏو ميڙو هو انهن هوٽلن تي عاشقن، معشوقن ۽ محبت جي ماريلن جو. ميلي ملاکڙي جا به شوقين، سمن شاهه ۽ ساجن سوائي تي وڏي تياري ڪندا هئا پر گهٽ پاڙي واري پيرن جي ميڙن تي به ڪو نه ڪندا هئا. شيخ فريد جي ميڙي جي تياري عيد کان به وڌيڪ ٿيندي هئي. شيخ فريد بزرگ لاءِ چوندا ته ”شيخ فريد زالون زور مڙس غريب!“ خبر ڪو نه پئي ته ميڙي جي رونق ڏسي نعرو هڻندا هئا يا زالن جي دانهن ڏيندا هئا.
ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ڄڻا، ڪي سنڌي درجا پاس هئا. سڄي ڳوٺ ۾ ٻه ڄڻا قرآن پڙهيل هئا، هڪڙي منهنجي پڦي ٻيو پري جو مائٽ نانا پيرو چانڊيو. مسجد هئي پر نمازي ٻه يا ٽي هئا. بيماري سيماري ۾ ڊاڪٽر ڏي گهٽ ويندا، هلڻ کان هلاڪ ٿيا ته پاڻ کڻائي ڊاڪٽروٽ پهچندا، نه ته گهر ۾ ئي رلين ۾ پيا ڪرڪندا ۽ ڪنجهندا. تعويذن تي وڏو زور هو، سنئوڻ ساٺ جام ڪرائيندا. هر بيماريءَ جو تعويز ۽ ساٺ هو. گهڻو ڪري سڀڪا بيماري ڪنهن ڊوهه يا حساب جو نتيجو سمجهندا هئا. ڊاڪٽر ڏي هينئر به وسئون ڪو نه ويندا آهن، مجبوري مارين ته مِٽ مائٽ کي ڊاڪٽر تائين رسائيندا. تعويزن، ڊوهن ۽ حساب ڪڍائڻ جي آسري ڪيئي سدا ملوڪ ماڻهو ۽ ڪنڌار جوانيون جبل جو کاڄ ٿي ويون آهن. پوڙهو پڪو يا ڪا جهوني بيمار ٿي پئي ته آئي وئي کي پئي چوندي ته ”دعا ڪر چڙهي جُتي وڃان، الله ڪنهن جو محتاج نه ڪري.“ وڌيڪ عمر هوندي ته حياتي مان بنهه لاطمع ٿي چوندي ”دعا ڪريو ته ڌڻي پنهنجو ڪري، وڃي سُکي ٿيان، هاڻ ته جبل ۾ مائٽ پيا سارين.“ انهن جملن جي اصل معنيٰ اڳ ۾ ته ڪو نه ايندي هئم پر هاڻ ڪنهن کي زندگي مان لاطمع ڏسندو آهيان ته دل اداس ٿي ويندي آهي، ٽهڪ ڏيندڙ زندگيءَ جي رئندڙ پڄاڻي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي. انسان جو انت، زندگيءَ جي پڇاڙي ڏسي، اهو ويساهه وڌي ويو آهي ته، ”الله تعاليٰ کي پنهنجي حسين تخليق اشرف المخلوقات سان بيحد محبت آهي، انهيءَ ڪري ئي موت کي خلقي انسان جي پت رکي اٿس.“
مرد ته مرد آهي هڻيو وڃيو هنڌ ڪري، پر عورت ذات وڏي عذاب ۾ هئي ۽ آهي به. گهڻو ڪري نياڻيون بدي تي ڏنل هيون، تنهنڪري هڪڙي سورن ۾ ته ٻي هروڀرو به سور ڏسندي. هڪڙي رسي يا ڪاوڙجي ويئي ته گهڻو ڪري بدي واري به گهر ۾ ڪو نه هوندي. نه ڪنوار جي عمر جو خيال، نه گهوٽ جي وهيءَ جي ڳڻتي. جوانيءَ ۾ مڙس جي وس، پيريءَ ۾ نُنهن ۽ پٽ جي حوالي. مڙس ڀائيندا به پر جي بگڙيا ته خدا جي پناهه. ٻني ٻاري، وهٽ وڙي جي هر ڪم ۾ مڙس سان ڀاڱي ڀائيوار پر پنهنجي هر ڳالهه ۾ بي اختيار. ڳوٺ ۾ ڪي ڀاڳن وارا ماءُ پيءُ، زال مڙس، سسون، سهرا به، پر گهڻي ڀاڱي حياتيءَ ۾ سور مڙئي سرسُ هئا. هڪ دفعي امان سان رهاڻ ڪندي هڪڙي مائٽياڻي سُڪل نارنگي پي سونگهي. امان ان جو سبب پڇيس ته چيائين ”جيجي، اڄڪلهه هر شيءِ مان ٿي باس اچي، سڄو ڏينهن ٿا اوڪارا اچن، رڳو نارنگي جي کٽي خوشبو وڻيم ٿي، سونگهان ٿي ته ڪجهه آرام اچيو وڃيم پر هيءَ (نارنگي) نپٽي ڪير آڻي ڪو نه ٿو ڏيم، سو سڪل سانڍيو ويٺي آهيان، جيسين ڪا تازي نارنگي يا ان جي کل هٿ اچيم.“ امان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، تنهن ان مائٽياڻي جي مڙس کي چيو ”خدا جو خوف ڪريو، زالن جا به حق اٿوَ، سي خدا ڪڏهن معاف ڪو نه ڪندو. ٻار ٿيندو ته ڇٽي ۽ جهنڊ تي وڏو خرچ ڪندين، باقي ٻار جي ماءُ پئي رپئي جي ميوي لاءِ سڪي.“
سرجڻ سان سورن جي سڌ ڪونهي، باقي سامائڻ سان سک وڃڻ جي پڪ اٿم. بنهه ڪو مت جو ماريل، جيءَ ۽ جهان کان بيگانو هوندو جيڪو سامائي سکيو هوندو، ننڍپڻ جا ريجالا ڏينهن ماڻهوءَ جو گهڻو ساٿ ڪو نه ڏيندا آهن. ننڍپڻ ۾ ته قضيو هجي يا ڪاڄ ٻار لاءِ مڙئي رونشو پر جيئن جيئن ويندو ننڍپڻ هٿ ڇڏائيندو تيئن تيئن ويندو ماڻهو چپ ٿيندو، تان جو خوشي ۽ غم جو فرق سمجهه ۾ اچي ويندو. واجبي ۽ بي واجبي چٽي ڏسڻ ۾ پئي ايندي.
الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
سو پنهنجن سانوڻن ۽ سيارن مان لطف نڪري ويو، کامن ۾ مال سان ويهڻ ڇڏائي ويو. نار ۽ هرلا وسري ويا. مٽيءَ مان ٺاهيل ڍڳن جا سڱ ڀڄي پيا. بلبلن جهلڻ لاءِ ڪوڙڪا ٺاهڻ به وسري ويا ته ٺڪر تي مٽرن جون ڦريون پچائڻ به ياد ڪو نه ٿي پيون. جن وٽ وڃڻ لاءِ واجهائيندو هوس تن وٽ اچي اداس ٿي ٿيس. جن ڳالهين ۾ مون لاءِ رونشو هو، تن تي پريشاني پئي ٿي. مائٽن کي واڻئي زميندار جي گهوڙي اڳيان واڳ جهلي هلندي به ڏٺو هئم ۽ ميرن جي پيرن ۾ ويهندي به، پر هينئر مير صاحب زوري ڳوٺ وارن جو ڀاڻ کڻائي ويو ته ڏاڍو ڏک ٿيو پر بڇان لڳي ته اسر آڌي جاڳي مايون ڇيڻا ميڙي رکن پنهنجي لاءِ، کڻائي وڃي مير، ڇو؟ انهي تي ماين رڳو ڇو پئي رڙيون ڪيون؟ مردن ڇو نه ٿي مير صاحب کي روڪيو؟ اسان جي ڳوٺ 3 راڄ آهن ماڇين، چانڊين، شيدين جو راڄ. شيدي الائي ڇو سڏبا آهن. سندن رنگ اڇا اجرا، منهن مهانڊا سدا ملوڪ. وارن ۾ گهنڊي نالي ۾ به نه. انهيءَ راڄ مان ماما وڪئي جو ڍڳو حيدرآباد ايندي ڪري مري پيو. ماما وڪيو انهي ڏينهن اسان جي گهر اچي ڏاڍو رنو، ڍڳي مرڻ تي وڪئي کي اڇنگارون ڏيندي ڏسي آءٌ به رنو هئس ته الائي هن جي سورن جا ڏينهن ڪڏهن پورا ٿيندا ۽ دعا گهري هئم ته ”الله سائين ماما وڪئي کي ٻيو ڍڳو جلدي ڏي.“ روز مائٽن لاءِ دعائون وڌنديون ويون ۽ سوال به ڪئين اڀرندا ويا. ٻار اسڪول ڇو نٿا وڃن؟ مڙس زالن کي ڇو ٿا مارين؟ پوڙها مرڻ جون دعائون ڇو ٿا گهرن، جهولن کان ڇو نٿا لڪن؟ سياري ۾ ڪمبل ڇو نٿا اوڍين؟ سوئٽر ڇو نٿا پائين؟ انهن ڏينهن ئي روس چين جون خبرون ڪنين پئجي ويون. جيئي سنڌ، ون يونٽ مرده باد جيئي ڀٽو، سوشلزم زندهه باد جي نعرن جي گونج هئي چوڏس، آءٌ به موذين کي مارڻ ۽ ڏڪارين کي ڏيهه مان ڪڍڻ جي جنگ ۾ جنبي ويس، اهي ڏينهن، هي ڏينهن، نه ٿڪو آهيان نه ساهي پٽي اٿم.
رڙهي رڙهي وڙهان پيو،
وڙهي وڙهي رڙهان پيو.
ڏک وسرندا ناهن پر يادگيري، سدائين سکن جي ايندي آهي. چوندا آهن ته ”روئاڙيندا سک آهن.“ وسندي ۾ ميلاپ ياد پوندا آهن وڇوڙا نه، مينهن ۾ محبتون ياد پونديون آهن تلخيون نه، ڳوٺ جون يادون به تلخيون ناهن، تلخيون ته سمجهه جا سپ آهن. منهنجون يادون ته انهن بيپرواهه ڏينهن جون آهن جڏهن، کٻڙن جي لامن تي پيار جي پکيئڙي کي پهريون ڀيرو لنوندي ٻڌو هئم.
اڱڻ تازِي ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سهن،
سرهي سيج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، هُونِ، برابر ڏينهڙا.