بينظير صاحبه بابت ڄام ساقيءَ جا ويچار
صبح جو چانهه پي ويٺاسين ته ساڍي نائين وڳي ڌاري ڪامريڊ ڄام ساقي اچي نڪتو. ڄام ساقي ٽيون ڏينهن سکر جيل مان امتحان ڏيڻ هتي آيو آهي. ساڻس سڀئي دوست ڏاڍو احترام سان مليا. ڪامريڊ مون واري پاٿاري تي ويهي ڪچهري ۾ شروع ٿي ويو. سنگت کي جيئن جيئن ڪامريڊ جي اچڻ جي خبر پئي پيئي، تيئن ايندا ويا ۽ ڪچهري مچي وئي. سندس کل ڀوڳ، چرچن ۽ مثالن سان ڀرپور ڪچهري جي خاص ڳالهه اها هئي ته سندس سموري ڪچهريءَ تي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڇانيل هئي. بار بار ٿي چيائين ته مون بينظير کي هيئن چيو. مون کي بينظير هونئن چيو. مون بينظير کي صلاح ڏني، وغيره وغيره. ڪامريڊ سندس ڪيس ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي ڏنل بيان جي ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو. ڪامريڊ بينظير صاحبه سان گڏوگڏ ڀٽي صاحب جي به ڏاڍي تعريف ڪئي. ڪامريڊ جي هي گفتگو گهڻن ماڻهن لاءِ نئين ڳالهه هئي.
ڪامريڊ صاحب چيو ته اسين پ پ کي اقتدار ملڻ تائين گڏ هونداسين، پ پ کي اقتدار ملڻ گهرجي، اها تاريخي ضرورت آهي. اسان کي تاريخ ڏنڊا هڻي پ پ سان گڏي ڇڏيو آهي. ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه اچي ها ته نذير عباسي به شهيد نه ٿئي ها. ڪامريڊ صاحب چيو ته مون بينظير کي چيو ته ”تون نيشنلي وڏي آهين، انٽرنيشنلي آءٌ وڏو آهيان.“
ڪامريڊ ڄام اهو به ٻڌايو ته هن بينظير صاحبه کي صلاح ڏني هئي ته هو بلوچ اڳواڻن سان ملاقات ڪري، ڇاڪاڻ جو بلوچ نياڻين جو وڏو احترام ڪندا آهن. ولي خان ته ضياءُ جي حمايت ڪئي هئي پر بلوچ اڳواڻن مارشل لا جي مخالفت ڪئي هئي. بينظير صاحبه اها صلاح ڀٽي صاحب کي جيل ۾ ٻڌائي ۽ ڀٽي صاحب پڇيو ته صلاح ڪنهن ڏني آهي. بينظير صاحبه ٻڌايو ته ڄام ساقي، ڀٽي صاحب صلاح جي تعريف ڪندي چيو ته هاڻ دير ٿي ويئي آهي (ڪجهه وقت اڳ ۾ پليجي صاحب ٻڌايو هو ته بينظير صاحبه کي بلوچ رهنمائن سان ملڻ جي صلاح مون ڏني هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر اشرف عباسي بلوچ ليڊرن سان ملڻ ويئي هئي.)
منهنجي ڪامريڊ سان هيءَ پهرين تفصيلي ملاقات هئي پر ايئن پئي لڳو ڄڻ سالن جا واقف هجون. ڪامريڊ کي سنڌي شاگرد تحريڪ وارا پاڻ وٽ چانهه تي وٺي ويا ۽ آءٌ عاشق جتوئي صاحب ڏانهن ڪچهري تي ويس.
چئين وڳي نسرين ۽ ننڍڙي سميرا آئي، ملاقات ۾ نسرين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ عاشق صاحب جا گهر وارا کيس ليڊي ڊاڪٽر ڏي وٺي ويا هئا، ڊاڪٽر آپريشن جو وقت ڏنو آهي. اتان اٿي ڪامريڊ ڏي ويس. ڪامريڊ سان گڏجي يوسف صاحب ۽ عاشق صاحب ڏي آيس. رستي ۾ ڪامريڊ چيو ته مون بينظير کي چيو آهي ته سنڌ پيپلز هاري ڪميٽي کي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ضم ڪيو وڃي. اڄ ٻه- ٽي دفعا ڪامريڊ سان ڪچهري ٿي پر سندس سموري گفتگوءَ تي بينظير صاحبه ۽ ڀٽو صاحب جو ئي اثر هو.
اڄ سڀئي اخبارون بينظير صاحبه جي خبرن سان ڀريل هيون. اخبارن ۾ بينظير صاحبه جي علاج لاءِ ولايت وڃڻ تي سياستدانن جا تبصرا هئا. انهن تبصرن مان اڪثر سياستدان جي شڪست جو اعتراف ظاهر هو. مولانا امروٽي صاحب چيو ته بينظير ڀٽو کي ٻاهر موڪلڻ سرڪار جو خوف زده ٿيڻ جو ثبوت آهي. سڀني تبصرن مان مُلي ستار نيازي جو تبصرو واهيات ۽ ڪريل هو. کيس ڌيءَ هجي ها ته اها به تبصري تي شرمنده ٿئي ها. اڪثر ملان بينظير ڀٽو صاحبه ۽ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي دشمنيءَ ۾ عورت ذات جا ويري ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ دشمنيءَ ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جو احترام وساري ويٺا آهن.