چونڊن کان ضياءَ ايئن ٿو ڀڄي جيئن اُٺ ڀڄي پتڻ کان
صبح جو چانهه پي ويٺس ته اخبار آئي، اخبار ۾ نهايت افسوس ناڪ خبر هئي ته محترم فاضل راهو جو نوجوان پٽ صديق راهو وفات ڪري ويو آهي. صديق راهو جو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. فاضل راهو صاحب هن وقت لانڍي جيل ۾ نظر بند آهي. ساڻس جيل ۾ رهيل سمورا دوست سندس تعريف ڪندا آهن. راهو صاحب پاڻ به جيل همت سان گهاريندو آهي ته جيل جي ساٿين جو به تمام گهڻو خيال رکندو آهي. موجوده تحريڪ لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو اٿس. هن ڊويزن ۾ ته ايم آر ڊي کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس. ڪجهه وقت اڳ ۾ سندس ننڍڙو پٽ گذاري ويو هو ۽ اڄ وري سندس نوجوان پٽ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خدا تعاليٰ سندس بهادر ۽ حوصله مند دل کي هن هانوَ ڏاريندڙ ڏک کي برداشت ڪرڻ جي قوت عطا فرمائي. فاضل صاحب جي گهر واري ۽ ڌيءَ به گرفتاري ڏني هئي ۽ هي مرحوم پٽ به ساڻس گڏ جيل ۾ رهي چڪو آهي. اسماعيل اداسي ٻڌايو ته هن وقت به صديق راهو جي خلاف وارنٽ هئا ۽ روپوش هو.
اڄ اخبار ۾ اها خبر هئي ته حيدرآباد سمري ملٽري ڪورٽ نمبر 19 ڪروڙن رپين جي چرس جي اسمگلنگ جي ڏوهه ۾ ٻن شخصن کي سال، سال ٽيپ ڏهه، ڏهه ڪوڙا ۽ ڏهه ڏهه هزار ڏنڊ جي سزا ڏني آهي. ايم آر ڊي جي سياسي قيدين کان هي ڏوهي به چڱا جو هنن کي اهڙي بڇڙي ڏوهه تي به اها سزا ملي آهي. جڏهن ته سياسي ڪارڪنن کي، نعرا هڻڻ ۽ گرفتاري پيش ڪرڻ تي سال سزا، ڏهه ڪوڙا ۽ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويئي آهي نه رڳو ايترو پر ڏوهن جي سزا ۾ معافي به شامل ٿيندي رهندي آهي پر سياسي قيدين کي نه معافي ملندي ۽ نه ئي سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ رهائي جي پڪ آهي.
حڪومت اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هر جرم قابل معافي آهي. سواءِ چونڊن ڪرائڻ ۽ مارشل لا ختم ڪرائڻ جي مطالبي جي. ”چونڊون ڪرايو“ جو نعرو هاڻوڪن حاڪمن لاءِ ڄڻ گار ٿي ويو آهي. چونڊن جو لفظ ٻڌيو جنرل ضياءَ جا وار ڪانڊارجي ٿا وڃن. چونڊن کان ضياءَ ايئن ٿو ڀڄي جيئن اٺ ڀڄي پتڻ کان پر سندس ڀڄڻ بيڪار ٿيندو، جيئن جيئن سندس اقتدار ڊگهو ٿيندو ويندو تيئن تيئن ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ويندو. ماڻهو سزائن کان ڪو نه ٿا ڊڄن، سي ور ور ڏئي اٿندا ۽ سوڀارا ٿيندا ۽ حاڪم جنرل ضاءَ پنهنجي انجام تي پهچندو.