آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

امان روئي ڏنو

(4- جولاءِ 1984ع)
صبح جو يارهين وڳي ڌاري ادا شمون ملڻ آيو، ٻڌايائين ته ڪنهن دوست اختياري وارن کان منهنجي نه رها ڪرڻ جو سبب معلوم ڪيو ته جواب مليس ته ”مولابخش چانڊيو رابطي جو ڪم ڪندو آهي، خطرناڪ ماڻهو آهي.“ لڳي ٿو هن حڪومت به مزو نه ڪيو، سڀني ۾ آءٌ خطرناڪ ٿو لڳان. اهڙي ڳالهه مون کي به چئي ويئي هئي. شيرين سومرو ڪيس ۾ گرفتار ڪري هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ڪيائون ته هڪڙي آفيسر ٻئي کي فون ڪري ٻڌايو ته ”تو وارو شڪار هٿ اچي ويو آهي پر کيس ڏاڙهي ڪونهي. پوءِ مون کان پڇئين ته اڳ ۾ توکي ڏاڙهي هئي هاڻ ڇو ڪوڙيئي؟“ (مون کي ڪهڙي خبر ته ڏاڙهي به هنن کان پڇي ڪوڙجي) ان آفيسر اهو به ٻڌايو ته مون تي اهو به الزام آهي ته مون ڀٽائيءَ جي ميڙي تي تقريرون ڪري ماڻهن کي اشتعال ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهيد ڀٽي جي رهائي لاءِ، تحريڪ هلائي وڃي ۽ غدار وڏيرن تي دٻاءُ وڌو وڃي ته جيئن هو پارٽي قيادت خلاف سازش ۾ شريڪ نه ٿين. ان آفيسر مون کي ٻئي ڪرنل صاحب وٽ پيش ڪيو. ڪرنل صاحب ڀلو ماڻهو هو جو سندس ڳالهائڻ ڀلو هو. (في الحال تي اسان کي اها به چڱائي ٿي لڳي ته ڪو رڳو چڱو ڳالهائي) انهيءَ ٻڌايو ”ته تون برابر شيرين سومرو ڪيس ۾ ڪونهين پر توکي بند رکڻ ضروري آهي. انديشو آهي ته ان مسئلي تي تون ڪو گوڙ ڪرائيندين.“
ٻنپهرن جو ڪامريڊ علي احمد لغاري ماتلي جو دوست ملڻ آيو. سرور شاهه ڀٽ شاهه وارو ۽ سندس دوست به آيا. نثار ميمڻ به آيو. ٻنپهرن جو ٻين وڳي ڌاري مخدوم شفيق الزمان غازي ۽ خانصاحب سان گڏجي آيو. ايم آر ڊي جي سمورن دوستن سان مليو. پوڻي 3 وڳي امان ۽ نسرين ملڻ آيون. نسرين ڪافي ڪمزور هئي. امان پهريون دفعو ڪافي رني ۽ چيائين ”ابا هاڻ خير سان ٻاهر اچ. مون کي هاڻي تنهنجي پريشاني ٿي ٿئي. حسين شاهه، غازي، عالم شاهه ۽ منير وارا هئا ته دلجاءِ هئي، هاڻ اڪيلو آهين ته سک نه ٿو اچيم.“ امان کي ڪافي سمجهايم ۽ ٻڌايم ته اڪيلو ڪو نه آهيان، اڃا ڪافي دوست گڏ آهن، وقت سٺو پيو گذري. ڪجهه تسلي ته آيس پر وڃڻ مهل ايڏي پرسڪون نه هئي جيڏي هميشه هوندي هئي.
شام جو شير خان سان گڏجي پنڌ ڪيم. ڪچهري ۾ سر سامونڊيءَ تي ٿورو بحث ٿيو. رات جو مون لکيو پئي ته شير خان پنهنجي مٺي آواز ۾ ڳايو پئي.
صبح ملندم سومرا، وٺي جو واڌايون.
آءٌ ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن.