عجيب تعدي بعد واپسي
صبح جو ڏهين وڳي ڌاري ظهور عالم بلوچ، غلام رسول زنگيجو، اقبال جروار گڏيا. ڪچهريءَ ڏي پي وياسين ته ماڙي وٽ وڏي رش هئي. خبر پئي ته ڪراچي مان دوست بدلي ٿي آيا آهن. ماڙيءَ وٽ ڪافي دوست مليا، سائين حسين شاهه به ڇانوَ ۾ بيٺو هو، کيس ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ماڙيءَ وارو وڏو در کوليو ويو، سڄي ماڙي سامان سان ڀري پئي هئي. چيائون سڀڪو پنهنجو سامان اچي کڻي. حسين شاهه هڪل ڪري چيو، ”ابا عرفات جو ميدان آهي پنهنجو سامان پاڻ سنڀالي کڻو.“ سڀڪو سامان ۾ لڳي ويو، هنڌ، بيگون، بالٽيون، لوٽا، ٽين جا دٻا، ڇٻا هر ڪنهن پنهنجا ساري کنيا. حسين شاهه جو سامان کڻائي بئرڪ 15 ۾ آياسين. بئرڪ ۾ هاڻي عالم شاهه، اشفاق، محمد بخش ميمڻ ۽ هڪ برداشتي رهيل آهن. 12 وڳي سائينءَ کي وٺي ڪمري تي آياسين، تنهن وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽايا. سندس لاٿل قميص جو کيسو ۽ سٿڻ جو پانچو ڦاٽل هو. غلام رسول زنگيجي سائين کان ڦاٽل ڪپڙن بابت پڇيو ته حسين شاهه چيو ته، ”انٽرنيشنل شهر جي انٽرنيشنل جيل ۾ انٽرنيشنل حرامين جي وچ ۾ هئاسين. ماڙيءَ تي وڃبو هو ته ڪاغذ به کيسي مان ڪڍي ڪمري تي رکڻا ۽ پئسا ابداڻي ۾ وجهڻا پوندا هئا. مون کي ٿلهو متارو ڏسي سمجهندا هئا ته پئسو مون وٽ جام هوندو، سو ماڙيءَ تي وڃان ته کيسا ڦاڙايو اچان، الائي ڪهڙن چوتين جي وچ ۾ هئاسين جن کي مون وارا ڪپڙا ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندا هئا، هتي آيو آهيان ته سڀڪو پيو ڦاٽل ڪپڙن جو پڇي.“ (سائين کيسن جي ڦاٽڻ جو سبب ته ٻڌايو پر پانچن ڦاٽڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي الائي ڇو؟) سائين چيو ته ”جيل ڪافي آزاد هو، ملاقاتين کي ٻانهن تي ٺپو هڻائي بئرڪن ۾ وٺي ايندا هئاسين، 3 وڳي تائين ڪچهري ڪري وري ماڙي تي ڇڏي ايندا هئاسين، اتي 3-3- برداشتي هئا، پر هتي هجڻ به نه کپن. اتي ننڍين شرٽن ۽ کتل مهانڊن وارا برداشتي هئا، تن کي ڪم لاءِ دل چوندي به هئي، هتي وڏن شهپرن وارا جهڙا پهلوان، هر ڪنهن جا 8-8 خون ڪيل، ڪير ڪم جو چوي، اوچتو ڪو گٿو جملو نڪري وڃي ته سر وڃائي ڇڏين.“
سائين موٽي آيو آهي ته ڪچهري ۽ ٽهڪ موٽي آيا آهن. ٻنپهرن جو ماني گڏ کاڌي سين. اڄ ڪراچيءَ مان 66 ڄڻا بدلي ٿي آيا آهن.