پارٽيءَ بابت سوال ۽ جواب
اڄ اٽڪل اٺين وڳي ڌاري صبح جو ئي چاچو شاهنواز خان اچي نڪتو، سڀئي دوست گڏ ٿي ويا. ڪافي دير ڪچهري ٿي. چاچي ٻڌايو ته بي بي سي ٻڌايو آهي ته آمريڪي سينٽ جي خارجه ڪميٽي متفقه رٿ سينيٽ ڏي ڏياري موڪلي آهي ته پاڪستان جي هر قسم جي امداد تيستائين بند ڪئي وڃي جيستائين پاڪستان سندس ائٽمي پروگرام جي وضاحت نه ڪري ۽ ملڪ جي سياسي پارٽين جي شرڪت سان منصفاڻيون چونڊون نه ڪرايون وڃن.
11 وڳي بئرڪ نمبر 19 ۾ هڪ پڪي قيديءَ جي دعوت هئي. اتي ويس ته چاچو شاهنواز، منير ڀرڳڙي ۽ ڪجهه ٻيا دوست به موجود هئا. 12:30 وڳي ڌاري بئرڪ 11 ۾ عوامي تحريڪ جي دوستن طرفان ٻنپهرن جي ماني هئي، اوڏانهن ويس. دعوت ۾ چاچو شاهنواز، ظهور عالم رند، پير مڪرم، پير معظم، مولابخش مشوري، عبدالله ملاح، صالح ڪاتيار، عالم ٿهيم، منير ڀرڳڙي، يوسف ڪيڙانو ۽ ٻيا دوست شريڪ هئا. اتان اٿي ڪمري تي آيس. عالم شاهه، يونس ڀان ۽ سليمان لنڊ ويٺا هئا. سليمان لنڊ پارٽي متعلق سوال پڇي رهيو هو ” پارٽي کي ڪيئن منظم ڪبو؟ بينظير صاحبه انقلابي تبديلي لاءِ ڇا ٿي سوچي؟ ڪامورا شاهيءَ تي ڪنٽرول ڪيئن ڪيو ويندو؟ پوليس ۽ جاسوسي ادارا جيڪي بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪرڻ جا ذميدار آهن تن کي درست ڪيئن ڪيو ويندو. وڏيرا شاهيءَ جي سازشن کي منهن ڪيئن ڏبو، عوامي حاڪميت تي عمل ڪيئن ڪرائبو؟ وغيره وغيره...“ عالم شاهه سڀني جا جواب ڏنا پئي. 4 ڪلاڪ کن ڪچهري هلي. سليمان تازو هتي ئي عوامي تحريڪ مان پ پ ۾ شامل ٿيو آهي. سالن جا سال انڊر گرائونڊ ڪانگريس جون خبرون ٻڌندو رهيو آهي. ڪميونسٽ ملڪن جي، منظم پارٽين، اتي جي ڪنٽرول، انتظاميه ۽ حڪومت تي پارٽيءَ جي اختيار متعلق ٻڌي ٻڌي ۽ پڙهي پڙهي هتي لاءِ به ساڳي سوچ قائم ٿي ويئي اٿس. توقع سٺي آهي خدا شل اها توقع پوري ڪري، باقي سليمان هتي جي وڏيرن جي ڌڻ ۾ ويهي پارلياماني سياست جي اٽڪلن، چالبازين ۽ حڪمت عملين کان اڃان ناواقف آهي. اڃا ڏينهن لڳندس پارٽي ۾ طبيعت هيرائيندي، جيسين هري تيسين نڪو پارٽي جي سياست سمجهي ۽ نڪو اسان جون خبرون. ٻه ٽي ڏينهن ته جهڙو ڪانگن ۾ چٻ هوندو. سليمان مون ڏانهن نهاري مون کي به ڪچهري ۾ شريڪ ڪيو. مون رڳو ايترو چيس ته ”ساٿي اوهان جي ٻڌايل مسئلن ۽ ٻين سمورين ڇڙواڳين جو خاتمو رڳو هڪ منظم ۽ نظرياتي پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. پارٽيءَ کي حڪومت تي اختيار ڏئي هر محڪمي متعلق پارٽيءَ جي رپورٽن کي اهميت ڏني وڃي. حڪومتي پاليسين متعلق پارٽي کي مختلف سطحن تي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ترقياتي ڪمن، نوڪريون فراهم ڪرڻ ۽ ٻين ڀلائيءَ وارن ڪمن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ذاتي نشوونما، انفرادي اثر رسوخ کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ پارٽي جي عزت ۽ اجتماعي ڪاميابي لاءِ ڪيا وڃن. عوامي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ جي پارٽي ضروري آهي ته حاڪميت کي استحڪام به پارٽي ئي ڏئي سگهي ٿي. منظم ۽ متحرڪ پارٽي ئي طاقتور پارٽي آهي ۽ طاقتور پارٽي جي جدوجهد به ڪاميابي آهي ته ڪاميابي به پائدار ٿئي ٿي.“
شام جو مولانا جاويد نعماني ۽ انور شاهه آيا، خالد گهلوءَ جي ڪمري اڳيان ڪچهري ٿي. ظهور عالم رند، منير رنڌاوا، سليم گاکڙو ۽ محمد علي ڀرڳڙي به ڪچهري ۾ شامل هئا. مولانا نعماني پهريون دفعو هتي ڏٺو ۽ ٻڌو اٿئون، چئي ٿو ته ڪراچي جو پارٽي ورڪر آهيان. مولانا صاحب سکر مان رفيق صفيءَ سان بدلي ٿي هتي آيو آهي. ڪچهري ڪندي مولانا پيپلز هاري ڪميٽي ۽ عوامي جمهوري انقلاب جي نعري تي اختلاف ڪري رهيو هو، سندس چوڻ هو ته عوامي جمهوري انقلاب سائنٽيفڪ سوشلزم جي راهه آهي تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. ڪچهري اڌوگابري ٿي مولانا چيو ته وڌيڪ وري ٻيهر ڳالهائينداسين.