ڄام ۽ پليجي جي پيروڪارن جو نظرياتي بحث
صبح جو اٿي چانهه پي، هنڌ ۽ ڪمبل ٻاهر اُس ۾ سڪائڻ لاءِ وڌاسين. اتي ئي ويٺا هئاسين ته چاچو شاهنواز جوڻيجو ۽ سيد امير علي شاهه ڄاموٽ آيا. چيائون ته جمعي جو ڏينهن آهي موڪل جو فائدو وٺي دوستن سان ملڻ نڪتا آهيون. ڪچهري ٿي. اتان اٿي اعجاز خواجه وٽ آيس ته جيلر حيدر زمان ٻڌايو ته ڄاموٽ صاحب جي رهائي جا آرڊر اچي ويا آهن. پرچي موڪلي اٿئون ته تيار ٿي اچي. عالم شاهه، عطا ۽ آئون گڏجي اسپيشل وارڊ وياسين ته ڄاموٽ صاحب کان موڪلايون. اتي رفيق صفي جو چيني نموني ٺاهيل پلاءُ کاڌوسين. ڄاموٽ صاحب به موڪلايو، کيس الوداع چيوسين.
اڄ بئرڪ نمبر 14 ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ جي دوستن جو نظرياتي بحث رکيل هو. ان بحث کي ٻڌڻ لاءِ عالم شاهه ۽ آءٌ به اتي وياسين. انهن جماعتن کان علاوه ڪافي دوست اچي گڏ ٿيا هئا. اسين پهتاسين ته گفتگو جاري هئي. سنڌي شاگرد تحريڪ وارا چئي رهيا هئا ته، ”اوهان ڊيمو ڪريٽڪ وارا پنهنجي سياسي تنظيم ٻڌايو؟ اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اسين بحث ڪنهن سان ويٺا ڪريون.“ ڊيمو ڪريٽڪ وارن چيو ته ”اسين شاگرد تنظيم سان واسطو رکون ٿا ۽ ان حيثيت ۾ ئي بحث ڪنداسين. باقي سياسي جماعت ٻڌائڻ لاءِ پابند نه آهيون. توهان جو زور ڀرڻ اجايو آهي. اهڙو ئي سوال پوليس اسان کان تشدد ڪري پڇيو آهي اسان جو ساڳيو جواب آهي ته شاگرد تنظيم سان واسطو رکون ٿا.“ عوامي تحريڪ چيو ”يا تنظيم ٻڌايو يا اعلان ڪريو ته توهان جي ڪا به تنظيم ڪونهي“. ٻنهي ۾ ضد وڌي ويو. ايئن لڳو ڄڻ بحث ڪو نه ٿيندو.“
عوامي تحريڪ چئي ته اهم سوال تي شاگرد تنظيم سان ڪو نه ڳالهائينداسين. ڊيموڪريٽڪ چيو ته ”نظرياتي سوال ڪنهن به تنظيم کان ڪو به ڪارڪن پڇي سگهي ٿو.“ ٻڌندڙن مداخلت ڪئي ۽ ڊيموڪريٽ جي موقف جي حمايت ڪئي (ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي اسان وٽ ڪچهريءَ) تي آيو هو. ڪافي دوست موجود هئا. عبدالله ملاح به اچي نڪتو. عبدالله ملاح پهريون سوال ئي اهو ڪيو ته شاگرد تنظيم انقلاب آڻي سگهي ٿي ڇا؟ ڪامريڊ ڄام چيو ته ”نه، باقي آءٌ سمجهي ويو آهيان ته اوهان اهو سوال ڇو ڪيو آهي.“ عبدالله وري چيو ته آءٌ رڳو اوهان جي سياسي جماعت يا انقلابي محاذ بابت پڇڻ چاهيان ٿو.“ تڏهن به ٻنهي ۾ ڪافي بحث ٿيو پر نه عبدالله پنهنجو سوال ڇڏيو، نه ڄام ساقي ئي جواب ڏنو. سنين ۽ شيعن ۾ به ڪو حال آهي. ڪامريڊ ڄام جا دوست ۽ پليجي صاحب جا پيروڪار ته انهن کان به اڳتي آهن. ٻئي گروپ پاڻ کي مارڪس ازم جا پرچاري ۽ پوئلڳ چوائيندا آهن پر ٻئي هڪٻئي جي نظر ۾ ڪافر جيان هوندا آهن. پليجي صاحب ته پنهنجي تقريرن ۾، ڪامريڊ وارن تي ڪڏهن ڊينڊڙا چئي ته ڪڏهن نازشي نقوي ٽولو چئي خوب ڇوهه ڇنڊيا آهن. پليجو صاحب مزدورن، هارين، شاگردن ۽ عام ماڻهن ۾ مختلف نالن سان جماعتون ٺاهي سنڌي عوامي تحريڪ جي نالي ۾ کلي عام سياست ۾ سرگرم آهي. جڏهن ته ڪامريڊ ڄام وارا ڪنهن به سياسي تنظيم جو نالو اعلانيه ڪو نه وٺندا آهن. سنڌ ۾ شاگرد تنظيم اڳ ۾ ايس اين ايف ۽ هاڻ ڊيموڪريٽڪ جي نالي ۾ ڪم ڪن ٿا. في الحال ڪميونسٽ پارٽي جي قبوليت ڪو نه ڪندا آهن. تنهن ڪري عوامي تحريڪ وارا جماعت جو نالو پڇندا آهن ۽ ڪامريڊ ڄام وارا حيادار عورت وانگر مڙس هوندي سوندي به سندس نالي بدران پٽ جو پيءُ چئي ٻڌائيندا آهن) بحث شروع ٿيو. ”فڪر مائوزي تنگ“ اڄوڪي بحث جو موضوع هو. عوامي تحريڪ جو چوڻ هو ته فڪر مائوزي تنگ باقاعده ازم آهي. جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ وارا ان ڳالهه کان انڪاري هئا.
عوامي تحريڪ جي پاران سراج ۽ منير ٿي ڳالهايو. سندن مدد ۾ ڊاڪٽر شيخ به هو پر وقت پوڻ تي سڀني گڏجي ٿي ڳالهايو. ڊيموڪريٽڪ پاران امداد چانڊئي ٿي ڳالهايو. سندس مدد ۾ گهنشام، پرڪاش، لاشاري هئا. پهرين عوامي تحريڪ ڳالهايو. تفصيل سان فڪر مائوزي تنگ جي حمايت ۾ ڳالهايو. سندن چوڻ هو ته مارڪس ۽ اينگلس ڪافي ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪانه ئي هئي، ڇاڪاڻ ته صورتحال ٻي هئي ۽ لينن پنهنجي وقت مطابق فڪر مارڪس ۾ اضافو ڪيو. اهڙي طرح مائوزي تنگ پنهنجي ملڪ ۾ حالتن مطابق مارڪس ازم ۽ لينن ازم ۾ واڌارو ڪيو. مائو هارين کي جاگيرداري سماج ۾ متحرڪ انقلابي ۽ سرواڻ قوت قرار ڏنو ۽ انقلاب برپا ڪيو، ويڙهه جي سائنس ۾ واڌارو ڪيو، ثقافتي انقلاب جو اصول اپنايو. عوامي جمهوري آمريت جو بنياد وڌو ۽ اهڙي طرح فلسفي، سياست معاشيات ۽ سوشلزم ۾ اضافو ڪيو اٿس. اهي واڌارا فڪر مائو آهي.
ڊيموڪريٽڪ وارن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ته ڪي مائو واڌارا ڪيا آهن. هنن ڪافي دليل ڏنا ۽ چيائون ته ”مائو غلطيون ۽ ترميمون ڪيون. مائو ترميم پسند هو.“ وڏو بحث ٿيو. هڪڙي تي هو، ٻئي تي هي. آخر ٻڌندڙن چيو ته اوهان گهڻو ڳالهايو. اهو فيصلو سڀڪو پاڻ ڪندو ته فڪر مائو آهي يا نه. مون تجويز ڏني ته هاڻي ان نظريي جي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر قومن ۽ انقلابن جي سلسلي ۾ ڪردار ۽ اسان جي ملڪ ۾ هلندڙ حالتن مطابق نفاذ تي ڳالهايو وڃي. دوستن کي ڳالهه وڻي، عوامي تحريڪ مائو ازم جي ٻاهرين قومن جي آزادي جي جنگ ۾ مدد ۽ ساٿ جا احوال ٻڌايا ۽ ان جي ضد ۾ ايٿوپيا ۾ روسي پاليسي تي تنقيد ڪئي. ڪافي گوڙ کان پوءِ امداد اٿي بيهي رهيو ۽ هڪ ڪتاب پڙهڻ لڳو. عوامي تحريڪ ڪتاب جو نالو معلوم ڪيو، کين ٻڌايو ويو ته وزارت خارجه ويٽنام پاران، ويٽنام ۽ چين جي لاڳاپن تي ڇپايل آهي. ڪتاب ۾ چين تي سخت حملا ڪيل هئا ۽ ٻڌايو ويو هو ته مائو توسيع پسند آهي. سندس پاليسيون انقلاب دشمن آهن. عوامي تحريڪ گوڙ ڪيو. ڄاڻ جهيڙو ٿيو، تيز ڪلامي ٿي. منير ڀرڳڙي جي غير پارليامينٽري ٻوليءَ ڪري فضا بار بار خراب پئي ٿي (بحث هجي يا تقرير منير جون ڳالهيون ماڻهن کي چيڙائي وجهنديون آهن. تقرير ۾ به ڏاڍو جذباتي هوندو آهي. مخالفن تي تابڙ توڙ حملا ڪندو آهي. هڪ دفعو تقرير ڪندي جوش ۾ مارشل لا ۽ آمريڪا کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”اهو ڀٽو هو جنهن کي آساني سان ڦاسي ڏئي ڇڏيوَ، رسول بخش پليجي کي ڦاسي تي چاڙهيو ته خبر پئجي وڃيوَ!“ سنگت ڪافي جذباتي پئي ٿي. آخر عوامي تحريڪ وارا واڪ آئوٽ ڪري ويا. سندن چوڻ هو ته ڪتاب نه پڙهيو وڃي. ويندي ويندي چوندا ويا ته ”سڄو گوڙ ڀائو ابوبڪر ڪرايو آهي.“ الائي ڇو هر جهيڙي جو ڏوهه ڀائو تي ايندو آهي. ڪن دوستن امداد کان اهو مضمون ٻيهر پڙهائي ٻڌو. ڪچهريءَ جي اڪثر دوستن ڊيموڪريٽڪ جي دوستن سان همدرديءَ وارو اظهار ڪيو ۽ عوامي تحريڪ جي دوستن جي رويي جي مذمت ڪئي.
ٿوري دير لاءِ عالم شاهه، عطا ۽ آءٌ اي ڪلاس وياسين. 4 مارچ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ يوسف صاحب، عاشق جتوئي، علي محمد جمالي، جان محمد برهماڻي ۽ غلام مصطفيٰ ڪورائي به شريڪ هئا. يوسف صاحب 500 رپيا ڏنا ته شربت جو بندوبست ڪيو وڃي. اٽڪل شام جو 7 وڳي بند ٿياسين.