آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

اپريل فول

(پهرين اپريل 1984ع)
صبح جو ستين وڳي ٻاهر نڪري ويٺس، ورزش ۽ پنڌ بند آهي. اٺين وڳي ڌاري چانهه پي ڪپڙا ڌوئڻ ويٺس ته ڪچهريءَ جا ڪافي دوست اچي نڪتا، سوير اچڻ جو سبب پڇيومانِ ته چيائون ته غلام رسول زنگيجي ٻڌايو ته، اوهان سڏيو آهي. چيم ته زنگيجو ڪوڙ جهڙو ڪونهي. پوءِ الائي اوهان کي ڇو ڀڄايو اٿس. دوست حيران هئا پر ٿوري دير ۾ ياد پيو ته اڄ ”اپريل فول“ آهي، اڄ وڌيڪ هوشيار ٿيڻ کپي جو هونئن ته راڄ بيوقوف پيا بڻائين پر اڄ پنهنجا ويجها جن ۾ شڪ ئي نه پوندو ته سي به بيوقوف بنائي سگهن ٿا. سنگت کلندي کلندي رواني ٿي. 15-20 منٽ ئي مس گذريا ته ڊاڪٽر فضل سهڪندو آيو، وارڊ ۾ گهڙڻ شرط منهنجو پڇيائين. منير چيس ڪپڙا پيو ڌوئي، خير ته آهي؟ ڊاڪٽر چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته مولابخش جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي ويئي آهي، هيڏانهن ڀڳس ته رستي تي ٻڌائيندڙ دوست چيو ته بلڊ پريشر وارو اوزار به کنيو وڃ. وري اتان ڀڳس، ڊوڙندو پهتو آهيان. اڃا ڊاڪٽر مس ويٺو ته عالم شاهه به تڪڙو تڪڙو پئي آيو، سمجهي وياسين ته ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. سليمان لنڊ به اچي نڪتو. ٻنهي وري ڪمري ۾ ڊاڪٽر به ويٺل ڏٺو، ٻئي خاموش ٿي ويهي رهيا ڪجهه دير کان پوءِ پڇڻ تي خبر پئي ته هنن کي ”فول“ بنايو ويو آهي. ٻنهي کي فول بنائڻ لاءِ محبوب جروار ۽ جبار پنهور (هوسڙي) پنهنجي روئڻهارڪي شڪل جو فائدو ورتو هو. ڪچهري هلي پئي ته احمد علي عباسي به ساڳي تير جو نشانو ٿي هتي اچ نڪتو. هوشيار ٿي وياسين. 11 وڳي ڌاري منشي سڏڻ آيو ته ايس پي پيو سڏي. اسين سمجهي وياسين ۽ چيوسين ته گهڻا ڏينهن.... هاڻ ڪو نه ٿا بيوقوف ٿيون. پوءِ ٻه ٽي ماڻهو ٻيا آيا ۽ پوءِ مشتاق اچي نڪتو، تنهن قسم کنيا تڏهن اعتبار آيو، وياسين. اتي ڀائو ابوبڪر، پير مڪرم ۽ مظهر بلوچ ويٺل هئا. ايس پي چيو ته ٽوٽل روزاني رات جو 10 ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته پنهنجي فيصلي موجب ستين وڳي بند ٿيڻ کپي. صلاح ڪري 8 وڳي جو ٽائيم مقرر ڪيوسين، ايس پي وري چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند شروع ٿي آهي تنهن کي بند ڪرايو. اهو مسئلو به حل ٿيو ته آئينده جمعي جي ڏينهن راند ڪئي ويندي هئي. سنگت به ايس پي کي پنهنجا مسئلا ٻڌايا جن ۾ مريضن جو اسپتال وڃڻ، چڪر ۾ پاڻي جي کوٽ، مڇرن لاءِ اسپري ۽ ٻيا مسئلا شامل هئا. ايس پي واعدو ڪيو ۽ اسين ڪمري تي آياسين. هڪ وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو. اعتبار ئي نه اچي، دوست ويو ڏسي آيو تڏهن ملاقات تي وياسين. پپو ڪپڙا کڻي آيو هو. ملاقات تان ٻاهر آيس ته دروازي وٽ نياز ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) بيٺو هو، ٻڌايائين ته چاچي شاهنواز کي ڏسڻ ويو هوس، طبيعت تمام گهڻي خراب اٿس. يڪدم اسپيشل وارڊ ويس، ڏٺم ته چاچو سڪون سان ستو پيو هو. دوستن کان معلوم ڪيم. چاچو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو. يڪدم ياد پيو ته اپريل واري ڄار ۾ ڦاٿو آهيان. شام جو روم تي ڪچهري ٿي. ڪچهري ۾ صفر لغاري، ظهور عالم رند، خالد گهلو، منير، سليم شامل هئا. صفر صاحب ٻڌايو ته اڄ نور محمد ٿيٻي صاحب سان مڙئي هلڪي ڦلڪي ٿي پئي آهي، انهيءَ ڪري نبي بخش ڀرڳڙي صاحب ”بي“ ڪلاس ۾ ڪچهري ڪرڻ ويو آهي (عام طور تي صفر صاحب وارن جي ڪچهري ۾ ڀرڳڙي صاحب، يوسف ٽالپر، بابو غلام حسين، اعجاز خواجه، نور محمد ٿيٻو ۽ ڪڏهن ڪڏهن آفتاب رضا مغل شامل هوندا هئا) اٽڪل 9 وڳي ڌاري بند ٿياسين.