گورنر جي بيان تي ضياءَ جي ڪاوڙ
صبح جو شاهنواز خان جوڻيجو آيو. مختصر ڪچهريءَ کان پوءِ چيائين شاهه جو رسالو پڙهه ته ٻڌون. شاهه جو سر يمن ڪلياڻ پڙهيوسين.گذريل جمعي وانگر منير اڄ به غور سان شاهه ٻڌي رهيو هو. ڪامران چوڌري (ڪراچي) به آيو، تنهن به چيو ته کيس به شاهه ٻڌڻ جو شوق آهي. پوءِ کيس ۽ منير کي ترجمو ٻڌائيندا وياسين. چاچو ۽ آءٌ نارا جيل ۾ به پابنديءَ سان شاهه جو دور ڪندا هئاسين. اتي هڪ دفعو امداد الله انڙ صاحب به دور ۾ شريڪ ٿيو. نارا جيل ۾ سائين الله بخش شاهه بخاري سڄو ڏينهن شاهه جو ڪو نه ڪو بيت يا سٽ مستيءَ ۾ جهونگاريندو رهندو هو.
اخبارون آيون، اخبارن جي سرخي هئي ته سنڌ مان 281 سياسي قيدي رها ڪيا ويا آهن. رها ٿيڻ وارن ۾ خواجه خير الدين، عبدالحفيظ لاکو، نفيس صديقي، عابد زبيري، سليمان گهانچي، بيگم نورجهان سومرو ۽ بيگم اين ڊي خان به شامل آهن. اخبار ۾ عابد زبيري جو بيان هو، جنهن ۾ هن آزادين جي آجيان ڪندي چيو آهي ته گورنر مثبت قدم کنيو آهي. گورنر سياستدانن سان مفاهمت چاهي ٿو، گورنر سياسي رهنما رها ڪري اليڪشن لاءِ سازگار فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ”گورنر جو صاحب“ يعني صدر 24 ڪلاڪ سياستدانن لاءِ گندي زبان استعمال ڪندو رهي ٿو. زبيري صاحب جو خيال آهي ته سياسي رهنمائن جي آزاديءَ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. ماڻهو ڇڏيو، باقي چونڊون جيئن وڻي تيئن ڪرايو! جيڪڏهن نالي ماتر چونڊون ئي مسئلي جو حل هو ته هيڏي ساري جدوجهد ڇا لئه هئي؟ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ زبيري صاحب جي اڳواڻ، شير باز مزاري جو به اڳوڻي گورنر عباسي جي تعريف ۾ بيان شايع ٿيو هو ته گورنر اشراف ماڻهو آهي. مزاري صاحب سرحد جي گورنر سان به گهاٽو واسطيدار آهي، ساڻس ملندو جلندو آهي. صدر سان ملڻ، تعريف ڪرڻ حرام آهي. گورنر لاءِ بيان ۽ ملاقات جائز آهي! مسڪين، سپاهين ۽ ڪپتان سان به ملي ته غدار ۽ ايجنٽ آهي وڏو ماڻهو صدر ۽ گورنر سان ڪچهريون ڪري ته ذاتي تعلقات آهي.) اڳوڻي گورنر عباسيءَ جي متعلق اعلان ڪيو ويو هو ته اسلام آباد پهچڻ شرط وفاقي وزارت ماڻيندو، تنهن بابت ڪا به خبر ڪو نه آئي آهي ته ڪٿي آهي، سندس وزارت جو ڇا ٿيو. گورنر کي لهڻ جا پسڻ پئجي ويا هئا. چارج ڏيڻ کان چند ڏينهن اڳ ۾ بيان ڏنو هئائين ته ”ايم آر ڊي جي تحريڪ بحالي جمهوريت لاءِ هئي، هن تحريڪ ۾ تشدد بعد ۾ داخل ٿيو.“ گورنر جو اهو بيان صدر جي پاليسيءَ جي ابتڙ هو، جو صدر سندس پڇ لٽڪائو وزير ۽ حواري چوندا رهيا آهن ته ايم آر ڊي جي جدوجهد غير ملڪي اشاري تي ملڪي سالميت خلاف ۽ تشدد ۽ تخريبڪاري جي جدوجهد هئي! تازو ضياءَ ڪراچي آيو ته بيان ڏنائين ته عباسي جو بيان غلط آهي، ايم آر ڊي جي جدوجهد تخريب لاءِ هئي، آءٌ عباسي کان سندس بيان بابت ضرور پڇندس. گورنر عباسيءَ چند ڏينهن اڳ ۾ بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ به تعريفي بيان ڏنو هو.
شام جو اڇي چڪر وياسين ته حسين شاهه ۽ عالم شاهه توئنريءَ تي ڪچهري مچايو ويٺا هئا. حسين شاهه شيعه عالم وانگر وچ ۾ ڳالهائي رهيو هو، ويٺل سڄي سنگت ٻڏي پئي هئي اوڇنگارن ۾ نه پر ٽهڪن ۾. ڪچهريءَ دوران خبر پئي ته هوسڙيءَ جو ننڍڙو ساٿي جبار پنهور بيهوش ٿي ويو آهي. کيس اسپتال آندوسين. ڊاڪٽر 2-3 سيون به هنيون پر فائدو ڪو نه ٿيو. ڊاڪٽر امداد کي گهران گهرايوسين. ڪافي دير لڳي ڊاڪٽر جي اچڻ ۾، جو جيل جي ڊاڪٽرن لاءِ جيل ۾ رهائش لاءِ بنگلو ته آهي پر رهندا ڪو نه آهن، جيڏي مهل ضرورت پوندي آهي ته فون ڪري ڊاڪٽر کي اباڻي گهران گهرائبو آهي. تيسين قيدي جو الله واهي آهي. ڊاڪٽر آيو. جيل جي پوليس سان ئي جبار کي سول اسپتال موڪلي يارهين وڳي اچي ڪمري تي ستس.