آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ذڪر زندان جو

”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
Title Cover of book ذڪر زندان جو

گل سائين، ڦل سائين

(17- جنوري 1984ع)
اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه هئي. سڀني دوستن جي مرضي هئي ته سالگرهه ۾ شريڪ ٿجي پر سپاف جي سخت مخالفت سبب شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رات جو علي احمد خان نظاماڻي ۽ شمس الدين پتافي اسان وٽ رهيا. ڪچهري رات جو دير تائين هلندي رهي. جيل ۾ علي احمد خان، ڏنل خان ۽ شمس پتافي جو گڏ هجڻ به خدا جي نعمت آهي. جيل هجي ته هي شال ضرور هجن پر جي جيل گرم ۽ قيد طويل هجي ته پوءِ هنن کي موڪل آهي ۽ وري هنن جي جاءِ تي سائين حسين شاهه ۽ محترم ظفر لغاري کي الله جيل آڻي. رئيس علي احمد خان نظاماڻي، شمس الدين پتافي، ڏنل خان نظاماڻي جيل ۾ واهه جو ٽڪنڊو آهي. ٽئي ڪچهرين جا مور آهن. علي احمد خان جيل کان ٻاهر به راڄن جو دوست آهي. هر جماعت ۾ سندس يار ۽ چاهيندڙ آهن. رئيس ڪرم خان نظاماڻي تعلقي هالا جو زميندار آهي. مخدوم خليق سائين جي ساڄي ٻانهن سڏبو آهي. حاجي الله داد راهو (سعيد آباد) چوندو هو ”گل سائين ته گل سائين پر اسان لاءِ ڦل سائين وڏي شيءِ آهي!“ (گل سائين مخدوم خليق الزمان کي جماعت وارا چوندا آهن). رئيس علي احمد خان جي ناني ڪافي زرعي زمين جماعت اسلامي کي ڏني هئي. جنهن ۾ وڏو مدرسو ۽ شاگردن لاءِ هاسٽل قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٻي زرعي زمين اڃان به جماعت اسلامي جي مدرسي لاءِ وقف آهي. هالا ويجهو جماعت جو مرڪز منصوره انهيءَ ڏنل زمين تي ئي آهي. ڏنل نظاماڻي به مخدوم صاحب جو مريد آهي پر پڪو پيپلو به آهي. لطيفن، مثالن ۽ سنڌي شعرن سان ڀريو پيو آهي. هلڻ ۽ ڳالهائڻ مهل هٿن جا اشارا ٺيٺ سنڌي، سُر ڏاڍو پيارو اٿس. منهنجو وڏن ڀائرن جهڙو دوست آهي. نارا جيل ۾ به گڏ هئاسين. اتي به سٺو وقت گذريو.
شمس پتافي ٽنڊي الهيار جو پارٽي ڪارڪن آهي. سندس والد صاحب شيعن جو وڏو عالم هو. شمس به ننڍي هوندي ذاڪري ڪندو هو. انهيءَ ڪري اڃا تائين ” مولوي“ سڏبو آهي. شمس جنهن به ڪچهريءَ ۾ هوندو، تنهن ڪچهري ۾ به ڪو کلڻ کان آجو ڪو نه هوندو. چرچا، لطيفا، شيعا سني عالم جون اهلون، ويٺلن کي کلائي کلي ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي. بت ۽ هلڻ مان سڀڪو سهي ڪري ويندو ته هن همراهه ڏڪار ڏٺو ئي ڪونهي. سندس حاضر جوابي ۽ چرچي جا جواب واهه جا آهن. سڄي جيل جي ڪچهرين جي رونق آهي. هڪڙي ڏينهن مولوي شمس بئرڪ ۾ تاش راند پئي کيڏي ته اوچتو ٽنڊي الهيار مان سينٽرل جيل بدلي ٿي آيل دوست هن بئرڪ ۾ اچي نڪتا، اهي دوست ٻاهران آيا هئا، وڏي جوش ۾ هئا ۽ هتي سنگت کي 3 مهينا کن ٿي ويا هئا ۽ هڪڙي واندڪائي ٻيو ساڳين ساڳين مهانڊن گهڻن کي چيڙائي وڌو هو. نوان دوست جو بئرڪ ۾ داخل ٿيا ته وڏي جوش ۾ اچي نعرا هنيائون، ”جيئي ڀٽو“ بئرڪ ته جواب ڏنو پر مولوي چيو ”ڦئوٽ.... اڄ آيا آهيو، ويهو، صبر ڪريو، مهينا گذرن پوءِ هڻجو نعرا ته خبر پويوَ.
ٻارهين ربيع الاول جو ڏينهن هو، جنرل ضياءَ ٽي وي تي تقرير ڪئي، ڪافي دوست اسپتال ۾ تقرير ٻڌڻ ويا، مولوي شمس به اها تقرير ٻڌي موٽيو ته، ضياءَ تي گارين جا مينهن وسائيندو آيو. پڇيوسين خير ته آهي؟ چيائين ”خدا خانو خراب ڪري جنرل ضياءَ جو، آزاد به ڪو نه ڪيائين رڳو اسان جي ماني حرام ڪري ڇڏيائين.“ چيوسين وري ڇا ٿيو؟ چيائين ”او ڇا ٿيو؟ اخبارن ۾ پئي آيو ته ٻارهين ربيع الاول تي قيدين جي آزاديءَ جو اعلان ٿيندو، سنگت به هئي نڪرڻ لاءِ آتي، سو آزاديءَ جي خوشي، وٺي يارن وار ٺهرايا ۽ لاٿا. بئرڪون سموريون کليون پيون آهن. واءُ جو لڳو آهي ته سڀ وار آهن بئرڪ ۾. ڀت، ماني ٻوڙ سڀ وار لڳا پيا آهن. هڪڙو گرهه به حرام آهي.“
مولوي شمس جي ڳوٺان سندس مائٽ ملڻ آيا. سيخن واري ڪمري ۾ ملاقات هئي. هي پهلوان مڙس هن پاسي، مائٽ هن پاسي. مائٽ شمس کي ڏسي پاڻ ۾ سرائڪي ۾ ڳالهايو ته ”مڙس ته ڏسو جهڙو شينهن پڃري ۾ پيو آهي، واهه جو پيو ٺهي، شمس آهستي کين چيو ته پرئين پاسي بيٺا چئو ته مڙس ته ڏسو شينهن پيو لڳي، هن پاسي اچو آءٌ توهان واري پاسي ٿو اچان، پوءِ ٻڌايو ته شينهن آهيو يا گدڙ، اسانکي سر جي لڳي پئي آهي هنن کي شينهن پيا لڳون، گهر ويٺي پيا...“ مولوي شمس پتافي تمام سٺو مقرر به آهي.
رئيس ڏنل خان، علي احمد خان ۽ مولوي ڪنهن ڪنهن رات دوستن وٽ ڪچهريءَ لاءِ ٻين بئرڪن ۾ به وڃي رات رهندا آهن. پنهنجي بئرڪ مان ٻئي بئرڪ ۾ ويندا آهن ته چوندا آهن ته اڄ فلاڻي بئرڪ ۾ راڳ آهي سو خانصاحب اوڏانهن پيا وڃن. ٻين بئرڪ ۾ ويندي لڳندا به ايئن ئي آهن. ڏنل خان کي شال، مولوي ۽ علي احمد کي اجرڪون اوڍيل، هٿن ۾ ڪمبل جا ٿيلها، ڪڇن ۾ وهاڻا. علي احمد خان ۽ ڏنل خان اڳ ۾ رها ٿي ويا. مولوي اڪيلو رهجي ويو، پوءِ پيو چوندو هو ته ”ادا ايم آر ڊي جي آر ڊي رها ٿي ويئي آهي باقي ايم وڃي بچي آهي.“ (M- مولوي R- رئيس D- ڏنل خان).
اڄوڪي اخبار ۾ ممتاز ڀٽي صاحب جي حمايت ۾ بيان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ پارٽيءَ جي ڪافي رهنمائن جا نالا آهن. اهو پهريون دفعو آهي جو ممتاز صاحب جي حمايت ۾ بيان شايع ٿيو آهي ۽ جتوئي صاحب به پنهنجي حمايت ۾ بيان وٺي رهيو آهي. جيئن وڻين تيئن ڪن، پارٽي جي ورڪرن ۽ عوام جي حمايت انهن کي هوندي جنهن جي حمايت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جن ڪنديون.