“جيلن ۾جاءِ ڪانهي”
صبح جو نم جي هيٺان ڪچهري پئي ڪئي سين ته نائين وڳي ڌاري ايس پي ۽ ڊي ايس پي اوچتو وارڊ ۾ اچي نڪتا، ٻڌايائون ته نئون آءِ جي معائني تي ٿو اچي. برداشتين کي صفائي جو حڪم ٿي ويو، سي لڳي ويا وارڊ جي مهٽ مهٽان کي. هڪ وڳي ڌاري ملاقات جو سڏ ٿيو. ويس ته سائين حسين شاهه ۽ غفار لغاري آيل هئا. ٻڌايائون ته صبح کان بيٺا آهيون پر آءِ جي جي ڪري ملاقات بند هئي. جيل ۾ معائنو ٿئي يا هلڪو ڦلڪو جهيڙو، اندر وارا ته ويل ۾ هوندا ئي آهن پر وڏي ويل ۾ ٻاهر وارا به اچي ويندا آهن.
ملاقات ڪري اچي ويٺس ئي مس ته دوستن جا سڏ ٿيا. ڪمري مان نڪري معلوم ڪيم ته خبر پئي ته وارڊ جي در وٽ نئون آءِ جي، سيڪريٽري هوم عثماني، ڊائريڪٽر انفارميشن، جيل جو اسٽاف ساڻ ڪيو بيٺا هئا. پير مڪرم پنهنجو تعارف ڪرائي کيس جيل جي متعلق شڪايتون ڪيون. کين ٻڌايائين ته گذريل ڇاپي دوران هزارين رپين جو سامان جيل وارا کڻي ويا آهن. قيدين تي بيپناهه تشدد ڪيو ويو آهي ۽ اسان سياسي قيدين سان به ڪافي بدسلوڪي ڪئي ويئي آهي. آءِ جي ۽ سيڪريٽري هوم سپرنٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي ته تشدد بند ڪيو وڃي ۽ سياسي قيدين کي تنگ نه ڪيو وڃي. انور شاهه ۽ محب شاهه خيرپور جيل بدلي ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني. آءِ جي درخواست پڙهي چيو ته جيلن ۾ جاءِ ڪونهي باقي ڏسان ٿو، خيرپور ۾ جاءِ هوندي ته بدلي ڪنداسين. ڪامورا ويا، موٽي ڪمرن ڏي آياسين. سردار خان لغاري کلائي کلائي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. آءِ جي جي ڪيل ان ڳالهه تي ته ”جيلن ۾ جاءِ ڪونهي!“ ڏاڍو مزو ڪيائين، چئي توهانجي.... جيڪڏهن جيلن ۾ جاءِ ڪونهي ته ڇڏيو ته گهر وڃون.... هنن وٽ هڪڙي جاءِ ڪونهي ٻيو هيڪاندا مڙس ويهاريو ويٺا آهن.
اڄڪلهه وارڊ ۾ لوڊو راند جي موسم آهي سڄو ڏينهن لوڊو لڳي پئي آهي. راند هلندي سڄو ڪمرو مٿي تي هوندو آهي.