اسان جو سچ ٻول راڻو
صبح جو سويري ٿورو پنڌ ڪيم. فدا ڏيرو ۽ خان محمد جمالي به اٿي پنڌ ۽ ورزش ڪندا آهن. اٺين وڳي ڌاري تيار ٿي ويٺس ته چاچو شاهنواز خان به اچي نڪتو، هر جمعي تي چاچو سوير ايندو آهي ۽ ويهي شاهه پڙهندا آهيون. اڄ به رسالو پڙهندا، منير کي ترجمو ٻڌائيندا وياسين.
يارهين وڳي ڌاري چاچو به ويو ته عالم شاهه به ننڊ مان سجاڳ ٿيو. ٻارهين وڳي ڌاري اڇي چڪر ۾ الله بچائي لغاريءَ وٽ ڪچهري تي وياسين. حسين شاهه ۽ ٻي سنگت به هئي. ڳالهين دوران لغاري صاحب، حسين شاهه کان سندس عمر پڇي. حسين شاهه چيو ته 36-38 سال هوندي. اسان کي اعتبار ڪو نه آيو، چيوسين ته ”ڳالهين مان ته ڪن جڳن جا پيا لڳو.“ هميشه وانگر سائينءَ جي خبرن جو موضوع شروع ٿي ويو. ڪالهه حسين شاهه جي خان محمد جمالي سان ملاقات ٿي ته هن جمالي کان سندس والد جي طبيعت پڇي ۽ چيائين ته ”اوهان جي والد صاحب سان پراڻي نياز مندي آهي. مرحوم جعفر خان جمالي حيدرآباد ايندو هو ته ان وٽ ملاقاتون ٿينديون هيون.“
اڪثر ڪچهرين ۾ سنڌ جي پراڻن ماڻهن سان ملاقات ٿيندي آهي ته سائين سندن مٽن مائٽن سان تعلق ضرور ٻڌائيندو آهي. حسين شاهه جو حافظو، واقفيت ۽ جرئت قابل ذڪر آهي. وٽس ڪا کوٽ آهي ته اها جوکائي جي کوٽ آهي. جڏهن اها کوٽ ختم ٿي ته گهڻن جا تڻ تپائي ڇڏيندو. سدائين چوندو آهي ته هن ملڪ ۾ پهرين مڪان پوءِ دسترخوان پوءِ سياستدان.
ٻنپهرن جو ڪمري تي الله بچايو لغاري ۽ نواز جتوئي آيا ۽ وري بابو غلام حسين ۽ نور محمد ٿيٻو به اچي نڪتا، واهه جي ڪچهري ٿي. نور محمد ٿيٻي ۽ لغاري صاحب جو ڏاڍو بحث مباحثو ٿيو. بحث دوران نور محمد ٿيٻي ٻڌايو ته 1976ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو هو، بابو ڳالهه ڪئي ته اعجاز خواجه 78 جي چونڊن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف فارم ڀريو هو ۽ بيگم صاحبه جلسي ۾ خواجه تي ڏاڍي تنقيد ڪئي هئي.
ڪچهريءَ ۾ اڄڪلهه صوبائي خودمختياري تي بحث ضرور نڪرندو آهي، پر جي اهڙو ڪو موضوع نه نڪري ته پوءِ ڪچهريءَ ۾ ممتاز صاحب سان سڏجندڙ دوستن تي ديني فرض آهي ته اهو ڇيڙي ۽ تنقيد جا سڀ تير پنجاب جي ڪاڻي اک ۾ هڻن. اڄوڪي ڪچهريءَ ۾ سنڌ پنجاب جي پاڻي جو تذڪرو ٿيو. ٿيٻي صاحب جو ڪُل ڏوهاري پنجاب هو ۽ لغاري صاحب جيڪو اڄڪلهه غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جو نمبر 2 آهي، تنهن کي اٽڪل سان ڳالهائڻو آهي، ”صوبائي ڳالهه به ڪبي ۽ مرڪز کي به ڪو نه وساربو.“ لغاري صاحب چيو، ”پنجاب بيشڪ ڏوهاري آهي پر سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو سو به ذيان ڪيو ٿو وڃي، اهو سمورو پاڻي سنڌ جا وڏيرا کڻي ٿا وڃن، غريبن کي ڪو به فائدو ڪو نه ٿو پوي، ساڳيا ويل ۾ آهن. نارا ڪئنال ۽ منڇر تي پاڻي ذخيري ڪرڻ جي اسڪيم تي عمل ڪري پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ کپن.“ ڪچهريءَ ۾ تربيله ۽ چشمه بند جو به ذڪر نڪتو، انهيءَ ذڪر سان لغاري صاحب جي ٿر واري دوري جي يادگيري اچي ويئي.
1974ع ۾ لغاري صاحب، جتوئي صاحب جو پوليٽيڪل سيڪريٽري هو، سو ٿر جي دوري تي نڪتو. راڻو خان ڀٽو، غازي ۽ آءٌ به گڏ هئاسين، انهن ڏينهن تي تربيلا بند جي هڪ سرنگ کي نقصان پهتو هو. انهيءَ ڪري حڪومت سخت پريشان هئي. دوري ۾ عمرڪوٽ پهتاسين ته الله بچائي اسير سپاف جي صدر پاران وڏو جلسو ٿيو. جلسي ۾ مهمان لغاري صاحب هو. راڻي خان ڀٽي تقرير ۾ پنجاب تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ”تربيلا ڊيم کي لطيف جي پاراتن ٽوڙيو آهي جو سنڌ وارن کي نقصان هو.“ جلسو پورو ٿيو ته لغاري صاحب چيو ته ”راڻا خان اهڙيون ٻه ٽي تقريرون ڪيئي ته منهنجي نوڪري ته چٽڻي ٿي ويندي پر مورڳو جتوئي صاحب واري نوڪري به ڏچي ۾ اچي ويندي، هوش ڪري هل ٿر ۽ عمر ڪوٽ سرحدي علائقو آهي، هتي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ لکڻ وارا جام آهن. پنهنجو سر ويندو هليو.“
راڻو خان سپاف جو مست صدر هو. سپاف جي صدر جي لئه ڏسي پريشان ٿي ويو هو ته ڇا ٿي ويو آهيان!“ سندس ڪيئي خبرون اهڙيون هيون. تقرير ۾ شل نه ڪا ڳالهه مغز ۾ اچيس، پوءِ ڪنهنجي پرواهه ڪو نه ڪندو. بدين سٽيزن ڪلب ۾ وزيراعليٰ جتوئي صاحب کي سپاف جو آجياڻو ڏنل هو، راڻي خان تقرير ڪندي جتوئي صاحب کي سندس دور جي ڪيترين ڳالهين تي کريون ٻڌايون، راڻي خان ڀٽي ان مهل ڊي ايس پي جي پوسٽن جي مقررين تي تنقيد ڪئي. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي بي تاج بادشاهه ڪاموري هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي، جنهن کي مير رسول بخش خان ”ڦل ماڇي“ چوندو هو، تنهن جو پٽ به ڊي ايس پي ٿيو هو، ڪن ٻين وڏيرن کي به اهي پوسٽون مليون هيون. راڻي خان، محمد خان تي حيران ڪندڙ تنقيد ڪئي هئي. ان تقرير ۾ راڻو خان چوندو ويو ته ”جتوئي صاحب اوهان جي راڄ ۾ پوليس جا هي حال آهن، آفيسرن جو هي حال آهي، وزيرن جا هي ڪارناما آهن وغيره وغيره.“ جتوئي صاحب صبر ته وڏو ڪيو پر سندس شڪل ۽ لهجي ۾ ناراضگي صاف ظاهر هئي.
شهدادپور ۾ سپاف جو جلسو هو. جلسي جو اهتمام مخدوم صاحب جي خاص خليفي پير ڪوڙل ڪيو هو. راڻو خان تقرير لاءِ اٿيو ۽ تقرير ڪندي پير پاڳاري تي تنقيد ڪندي ڪل پيرن ۽ خليفن تي شروع ٿي ويو. پير ڪوڙل مونکي چيو ته ”راڻي خان کي چئو ته وضاحت سان ڳالهائي، پير مخدوم صاحب به آهي.“ مون ننڍڙي پرچي لکي راڻي خان جي هٿ ۾ ڏني، سا راڄ ڏٺي. راڻي خان پرچي پڙهي گهڙي کن چپ ڪئي. اوچتو راڻي خان ٻيهر ڳالهايو، چئي ”دوستو، اسان جي پياري دوست مولابخش چانڊيي پرچي ڏني آهي، ان ۾ لکيو اٿس ته پيرن بابت وضاحت سان ڳالهايو، پير مخدوم طالب الموليٰ به پير آهي ۽ اهو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ آهي ۽ روشن خيال شخصيت آهي. اها ڳالهه صحيح آهي ته مخدوم صاحب اسان جو اڳواڻ آهي ۽ سندس تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون به آهن پر ساٿيو آءٌ پيرن ميرن کي سنڌ لاءِ نقصان ڪار ٿو سمجهان، تنهن ڪري پاڻ کي پيرن ميرن خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي.“ بس ٿوري مروت سان پر وري اچي پيرن تي شروع ٿيو. راڻي خان جي تقريرن ۽ خبرن راڄ چيڙائي وڌا هئا پر اها حقيقت آهي ته راڻي خان رک رکاءُ ڪو نه ڪئي.
رات جي ماني لغاري صاحب اسان سان کاڌي نائين وڳي ڌاري اڇي چڪر روانا ٿيا ۽ اسين 9:30 بعد بند ٿياسين.