ٻه اکر
ڏٺو وڃي ته نثر جا ٽي قسم يعني نثر مرسع، نثر مسجع، نثر مقفيٰ شاعراڻن خاصيتن سان ڀرپور آهن. جڏهن ته اڄ جي دور ۾ اسان جنهن تحريري طريقي کي نثر سمجهون ٿا، ان کي نثر عاري سڏيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ انگريزن کان اڳ ان جو چالامان تمام گهٽ هو. ويندي مذهبي تحريرون الف اشباع جي شڪل ۾ لکيون وينديون هيون ته جيئن ياد رکڻ ۾ سهولت ٿئي. نثر عاري، اخباري صنعت لاءِ مثالي تحرير ثابت ٿيو آهي، جنهن جي لکڻ جو رجحان هاڻي عالمي ادبي ڳانڍاپي جي ڪري وڌي ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي ذخيري جي مختلف دورن جو اڀياس ڪندي اسان کي ڳاهن تي مشتمل لوڪ داستانن توڙي نيم تاريخي قصن، اصلاحي توڙي مذهبي بيتن کان پوءِ جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها آهي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي اجاگر ڪندڙ، رومانوي خيالن کي ظاهر ڪندڙ، شعور کي بيدار ڪندڙ ۽ فن کي نين ڏسائن ۾ وٺي ويندڙ شاعري. جنهن جا ماخذ قاضي قاضن، شاهه لطف الله، شاهه ڪريم، شاهه عنايت کان وٺي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ تائين موجود آهن. جن جي ڪماليت کي زوال ڪونهي. اها اسان جي قديم اساسي شاعري آهي. بعد ۾ سنڌي شاعريءَ تي هڪڙو اهڙو دور به آيل آهي، جڏهن غير فطري ماحول ۽ اڻ ڏٺل شين کي شاعريءَ جي زينت سمجهي ان ۾ شامل ڪرڻ جو رجحان وڌڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي شاعريءَ مان تخليقي رجحان دم ٽوڙڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي شاعريءَ جو ڳپل حصو هڪ فرسوده علم جي شڪل اختيار ڪري ويو. جنهن ۾ فني قدرن تي ته تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو، پر اڪثر شاعرن وٽ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ سٽ به ڪانه هوندي هئي.
اهو هو روايتي شاعريءَ جو دور، جنهن مان سنڌي شاعرن کي ڪڍڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو خاص طور تي ڳڻائي سگهجي ٿو. پر اڳتي هلي، هن روايتي اسلوب کي جديديت جي تحريڪ جي روپ ۾ باقائده للڪاريو ويو ۽ نون رستن ۽ نون راهن تي هلڻ جو ڏس ڏنو. جديديت هڪ نعري جيان سنڌي شاعرن جي للڪار بنجي اڀري ۽ سنڌي ادب ۾ تخيل جو درياهه موجزن ٿي پئي ۽ نين توڙي پراڻين صنفن ۾ رومانس کان سواءِ سماجي، قومي، فڪري، نظرياتي ۽ اخلاقي موضوعن جا وهڪرا وهڻ لڳا. ٻولي، موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي شاعريءَ کي زميني حقيقتن سان سلهاڙي عام ماڻهوءَ لاءِ پرڪشش بنايو ويو. جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي بيٺل پاڻيءَ واري تاثر جو خاتمو ٿيو ۽ ان جو ڪينواس وسيع ٿي ويو. هتي اهو واضح ڪبو هلجي ته سموري روايتي شاعري به خراب نه آهي، بلڪه جديد شاعري وڌيڪ سگهاري هئڻ ڪري وڌيڪ مڃتا حاصل ڪري وٺي ٿي. خود جديد شاعري به روايتي شاعريءَ جي ڪک مان پيدا ٿيل آهي ۽ هر شاعر نئين انداز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ روايتي شاعري به ڪندو آهي. تنهنڪري ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي باري ۾ مجموعي راءِ قائم ڪرڻ ئي مناسب هوندو آهي.
اڄ اسان سوشل ميڊيا جي جنهن دور ۾ رهي رهيا آهيون. گهڻي قدر شاعرن جي نڪور شاعري فيس بوڪ، واٽس اپ جي ذريعي شاعرن تائين پهچي ويندي آهي. تنهن ڪري شاعر جي قدڪاٺ جي پڙهندڙن کي خبر هوندي آهي. اهو هاڻي عام مشاهدو نظر اچي رهيو آهي ته اڪثر سنڌي شاعر موضوع توڙي اسلوب جي نواڻ کي سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان نوان رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي ڪري سندن شاعري، تخيل جي اڏار ۽ موضوع جي گوناگونيءَ سان ڀرپور، پرڪشش ۽ سبق آموز نقطن سان ٽمٽار هوندي آهي.
اهڙيءَ صورت ۾ چونڊ شاعريءَ جي ڪنهن مجموعي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ سٺي شاعريءَ مان به چونڊ ڪري شاعري پيش ڪئي وئي هجي. جتي سڄي سنڌ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ جي جهول نون اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن سان ڀريندي نظر اچي رهيا هجن.
منهنجي دوست احساس ميرل سهتي جڏهن فيس بوڪ تي شاعرن جي تعارف جو سلسلو هلايو، تڏهن ئي محسوس ٿيو ته هن منفرد نوعيت جي ڪم کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو ته سنڌ جي نمائنده شاعريءَ جو هي گلدستو نه رڳو شاعرن جي مجموعي طور، بلڪه شاعري توڻي ٻوليءَ جي ارتقا طور مطالعي لاءِ ريڊي ريفرينس جو ڪم ڏيندو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان موجوده دور جي ڏيڍ سو کان مٿي سٺن شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعري مختلف صنفن جي صورت ۾ شامل ڪيل آهي. هن مجموعي ۾ شامل شاعرن ۽ شاعرائن مان (نالن جي اڳتي پوئتي هجڻ جي معذرت سان) پير غلام مجدد سرهندي، وسيم سومرو، بخشل باغي، اندرا شبنم پونا والا، نسرين الطاف، ماهين هيسباڻي، صفيه ڪنول ابڙو، فهميده شرف بلوچ، غوث پيرزادو، جميل سومرو، انور ساگر ڪانڌڙو، سائين مٺل جسڪاڻي، امين اُڏرائي بخشل باغي، غلام مصطفيٰ سولنگي، ساحر راهو، عجاز علي ڪٽپر، ريحان ابڙو، وسيم سيتائي، بلال تبسم، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، محمد حسن پڙهيار، انجم قاضي، خاڪي جاني، حيدر امان جسڪاڻي، محمد علي مير جت، فياض منصور، ٺٽوي ڪاتيار، انور سانول، خيال کتري جي شاعري منهنجي مطالعي هيٺ ايندي رهي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست آهن جن جي شاعري ڏسي اهيو چئي سگهجي ٿو ته هن دؤر جي سنڌي شاعرن ۾ (Qualitative) سان گڏ (Qualitative) تبديليون به وڏي پئماني تي آيل آهن جيڪي موجوده دؤر جي سنڌي شاعر کي دهشت مجموعي عليٰ درجي جي ادب جي دائري ۾ بيهاري بيٺيون آهن.
هن مجموعي کي سامهون آڻڻ لاءِ واسٽ سپ جي عالمي ساس گروپ جو بيان ڪار احساس ميرل سهتو ۽ سندس دوست جس لهن احساس ميرل پاڻ به سٺو شاعر آهي ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي ضلعي مٽياري جي باڊي ۾ سندس ڪارڪردگي جي بلدباري ۽ ذهبي رجحانن جو به مشاهدو ڪري چڪو آهيان اُن لحاظ کان مون کي پوري اُميد آهي ته پاڻ هن ميدان ۾ به ضرور اهڙو نمايان ڪم ڪري ويندو جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو باقي اهو گلدستو هڪڙو ئي ٿو ميدان ۾ اچي يا ان جا هڪ کان وڌيڪ حصا ٿا سامهون اچن اهو ڪم پڙهندڙن پاران ملندڙ پذيرائي تي ڇڏيل هوندو.
تاريخ 28 جولاءِ 2017ع
[b] قاضي مقصود احمد
[/b] مٽياري