شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(46) شيخ نديم

تعارف نمبر (46)

[شاعر[

اصل نالو: نديم حسين شيخ
ادبي نالو : شيخ نديم
ولد: عبدالستار 
جنم: 07 فيبروري 1984ع
ذات :شيخ 
رهائش : رند ڪالوني، سامهون الله آباد، لاڙڪاڻو سنڌ
رابطو: (3399983_0346) 
تعليم: انٽر 
لکڻ جي شروعات: 1998ع
ڇپيل مواد :  ادب، هالار، پندرنهن روز عبرت مئگزين، سوجهرو، هزار داستان وغيره. 
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم. 
گڏيل شاعري جو مجموعو “برکا بوند بهار جي” ۾ شاعري ڇپيل.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

ناهي ڪوئي نه گهر هوا وانگي
پيو ٿو گذري سفر هوا  وانگي

جو ڏسڻ لئه نگاهه تڙپي ٿي
سو نه آيو نظر هوا وانگي

تو سوا دل جو گل آ ڪوماڻيل
سار ! ڪيو آ قهر هوا  وانگي

منهنجي نيڻن مان ٿي وَسي بارش
غم جو آيو ڪڪر هوا  وانگي

اپسرا هوءَ "نديم" وسري ڪيئن
ياد جو آ امر هوا  وانگي

[b]غــــــــزل[/b]

هُن جي هر گام تي درد جو رقص آ
اڄ به انجام تي درد جو رقص آ

روز اڳ رات کان خون ٿو سج مَکي
۽ حسين شام تي درد جو رقص آ

خواب هن جا اچي جاڳ مون کي ڏين
منهنجي آرام تي درد جو رقص آ

جنهن به وڻ تي پکي سُر سُرن ۾ ڪڍن
ڄڻ ته ا ُن  لام تي درد جو رقص آ

مون محبت جي مئخاني ۾ آ ڏٺو
عشق جي جام تي درد جو رقص آ

[b]غـــــــزل[/b]

روز مون احساس جا لاشا کنيا
پنهنجي زخمي آس جا لاشا کنيا

مئڪشي جو سمنڊ منهنجي ڀر ۾ هو
ته به چپن پئي پياس جا لاشا کنيا

سنڌ تان قربان هر سرواڻ ٿيو
ايئن  اسان اتهاس جا لاشا کنيا

ور خزان جي خواهشن جون سڀ ڪليون
۽ گلن جي واس جا لاشا کنيا

درد اندر کي ڪندو ويو کوکلو
ڪنهن نه ان راڪاس جا لاشا کنيا

گل وفا جا هر دفعي پوکي نديم
مون ٽُٽل وشواس جا لاشا کنيا
