(3) عبدالرحيم عبد ڪنڀر
اصل نالو: عبدالرحيم
ادبي نالو: عبدالرحيم عبد ڪنڀر
والد جو نالو: محمد دائود
ذات: ڪنڀار
رهائش: ڳوٺ محمد دائود ڪنڀار- تعلقو چمبڙ- ضلع ٽنڊو الهيار
رابطو: (7472134_0332)
تعليم: بي اي
لکڻ جي شروعات: 1998ع کان.
ڇپيل مواد : هالار، هزار داستان، نئين زندگي، ادب/اديب، امرتا، صبوح، عبرت مئگزين، ڪينجهر، ينگ جنريشن، امرتا غزل رنگ، شعراءِ ٽنڊوالهيار، هلال پاڪستان، ڪاوش گئلري وغيره
صنفون غزل، بيت، وايون، چوسٽا، نظم، گيت، ڏيڍ سٽا، گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هر گل جي خوشبو پنهنجي” ۽ “ادب آب حيات” ۾ شاعري چپيل.
اڻ ڇپيل: ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غزل[/b]
اوهان کي ڏسڻ لئه نماڻيون اکيون
هوائن ۾ ڄڻ پئي اڏاڻيون اکيون
اوهان جون ئي راهون تڪيندي صنم
ٿيون هن اچي نيٺ ساڻيون اکيون!
نقابن جي پهري ۾ اڄ مون ڏٺيون
هيون آشنا ڪي پراڻيون اکيون!
پڙھي ڪير، ڪيئي کنيو ٿيون وتن،
ڏکن ۽ سکن جون ڪهاڻيون اکيون!
هٿن سان بنائي پَني تي پرين!
ٻُڌائي ته ڇو تو اماڻيون اکيون؟
اوهان جي پڄاڻان رهيون هن سدا،
خوشيءَ ۾ به هي لُڙڪ هاڻيون اکيون!
ٻِٽا تِيرَ ڄڻ ٿي هنيئي “عبد“کي.
غضب جي ادا سان تو تاڻيون اکيون!
[b]غزل[/b]
گهُرج تنهنجي، سانوڻيءَ جهڙي لڳي
اُڃ منهنجي ڪنهن ٿَريءَ جهڙي لڳي
واٽ ويندي مُرڪ جو تحفو ڏنئي،
مُرڪ تنهنجِي ڀي چُمِيءَ جهڙي لڳي
تنهنجي پيشاني پگهر ۾ ڇا ڀِنِي؟
ماڪ ۾ وهنتل ڪَليءَ جهڙي لڳي.
ڪالھه تنهنجي شھر مان ڇا ٿيو گُذر؟
هر گَلِي تنهنجي گَلِيءَجهڙي لڳي!
دل جڏھن تنهنجي اشارن تي نچِي،
دل به مون کي ناچڻيءَ جهڙي لڳي.
هر خوشِي واري به محفل تو سوا،
“عبد“ مونکي آ غميءَ جهڙي لڳي!