شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(127) ميرحسن امر پنهور

تعارف نمبر (127)

[شاعر]

اصل نالو : ميرحسن 
ادبي نالو : ميرحسن امر پنهور
ولد : يارمحمد 
ذات : پنهور 
جنم : 15 مئي 1980ع
تعليم : انٽر سائنس. ڪرت : مزدوري 
رهائش : ڳوٺ شاهه محمد پنهور، هوسڙي، حيدرآباد 
رابطو : 03111222663
لکڻ جي شروعات : 2000ع 
ڇپيل مواد : اردو انتخاب “موج تهه آب”، امرتا، عقيق، سنڌو ڊائجسٽ، مهراڻ، پاسبان اردو اخبار، سيوهڻ سماچار اخبار وغيره 
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، بيت، گيت، قطعه، چؤسٽا.
ڳايل ڪلام : ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ گيت پروفيسر فقير ڌڻي بخش چانڊيو جي آواز ۾.
تقريباََ ٽن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــــزل[/b]

ٻاٽ ۾ روشني اچ ته ڳولي وٺون
چنڊ جي چاندني اچ ته ڳولي وٺون

نفرتن کي ڏجي مات محبت ڪري
دل اندر آدمي اچ ته ڳولي وٺون

اونچ ۽ نيچ جون ڇو پيو ڳالهيون ڪرين
ماڻهپو سادگي اچ ته ڳولي وٺون

ٻار پوڙهو جوان فلسفو آ وڏو
بس رڳو زندگي اچ ته ڳولي وٺون

روز پرچون رسون ڳالهه ڪونهي سٺي
قرب جي راڳڻي اچ ته ڳولي وٺون

جا نئي نسل ۾ آڻي جدت ڇڏي
سا امر شاعري اچ ته ڳولي وٺون

[b]نظـــــــم[/b]

وقت جون لوفر اکيون،
سونهن ليڙون پئي ٿي،
وقت جي بي رحم نظرن جي اڳيان
ڪانه ٿي ڪا جُون سُري..!!
غيرت الئه ڪيڏانهن وئي،
نور کان آجا لڳن،
واٽ ويندڙ چوڪ جا ماڻهوَ سڀئي،
هرڪو پنهنجي ڊوڙ ۾ آهي مگن،
ڪو ٻڏل آ..!!
ماٺ سمندر ۾ وري،
ڪو ته ڦيري منهن لنگهي ٿو،
پاڻ ڄڻ آ پارسا،
ڪو ته چٿرون ٿو ڪري ۽ ٽهڪ ڏي،
جا ڪلي مان آس گل جي ٿي رکي،
ڇا اُنهيءَ جي،
سوچ منزل کي وڃي
پڄندي ڪڏهن..!؟
وقت جون لوفر اکيون
ڪيئن لواڙن سونهن ٿيون
وقت جون لوفر اکيون..!!
وقت جون لوفر اکيون..!!
