(139) سارنگ سولنگي
[شاعر]
اصل نالو : معشوق علي
ادبي نالو : سارنگ سولنگي
والد جو نالو : جمال الدين
ذات : سولنگي
جنم : 22 جولاءِ 1980ع
تعليم : بي.اي
ڪرت : حيسڪو ۾ ڪلارڪ
رهائش : راجپوت ڪالوني، گلشن اقبال بلاڪ 3، ڪراچي
ربطو : 03158504160
لکڻ جي شروعات : 1997ع
ڇپيل مواد : عبرت ميگزين۔
لکيل صنفون : غزل، وائي، گيت، نظم، ترائيل، بيت، دوھا، چوسٽا، ڇھہ سٽا، ھائيڪا۔
سندس شاعريءَ مان ڪجھہ چونڊ:
[b]غــــــزل[/b]
رنگين تو سلسلا گھٽائي ڇڏيا
گھَٽيل تو حوصلا گھٽائي ڇڏيا
ھيترا فاصلا وڌائي ڇا ٿيو؟
جي تو ڪجھ فاصلا گھٽائي ڇڏيا
ڳالھہ چئي ھڪڙي سانئڻ ڳالهين جا
ڪروڙ تو قافلا گھٽائي ڇڏيا
تون تہ آھين اڃان بہ منهنجي دادلي
پر تو رکڻ دادلا گھٽائي ڇڏيا
پيار ٿيو پيدا پنڌ نہ ڪيئين پر
ھلڻ جا تو مرحلا گھٽائي ڇڏيا
[b]نظـــــم
(ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر)[/b]
ننڊ ويو پئجي اُھو
ٿو جاڳين جنهن جي لاءِ
ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
جذبا! تون ڀي ننڊ ڪر
ملڻي ناھي ساڀيان
پويان نہ اِئين ڊوڙاءِ
ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
سپنا! تون ڀي ننڊ ڪر
بوءِ نہ ڄاڻن بي نَڪا
خوشبو نہ ھتي ڦھلاءِ
ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
چمپا! تون ڀي ننڊ ڪر
[b]دوھــــــو[/b]
”اکيون بند، مُنهن پَرتي، ۽ ٿيءُ ٿورو ھيٺ“
ٺڳيءَ ساڻ ڏئي وئي، ڳل تي چمي نيٺ
[b]بيـــــــت[/b]
تنهنجي بُتَ مان رَتَ جي، بوتل کُٽي ڇو!
تنهن سان تنهنجو ڇا وڃي، جي ڪو مري ٿو!
انسانيت سان وو! ڪھڙو تنهنجو واسطو!