(22) تنها شورو
[شاعر[
اصل نالو : سجاد علي
ادبي نالو : تنها شورو
والد جو نالو : درياءَ خان
ذات : شورو
جنم : 8 آگسٽ 1987
رهائش : شھر خانوٺ ضلع ڄام شورو
رابطو: (3783199_0311)
تعليم : مڊَل پاس
لکڻ جي شروعات :2003
ڇپيل مواد : سنڌو ۽ عبرت .
صنفون : غزل، نظم، وائي، چؤسٽا وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]نظـــــم [/b]
يادن جا بادل ڇهايل هئا
منهنجي من مٿان ،،،
وسيا پئي گجگوڙ ڪري
ڀنا نيڻ نماڻا منهنجا ؛؛
هنُ جا ڏنل سور ساري
جليا جگر جيرا منهنجا
جڏھن ماضي ۾ نڪتل
تصويرون هنُ جون هئيون
ڊائري ۾ ڏسي تن کي دل
زارو زار رُني
نه هئي خبر ائين به ڪندو
پنهنجو چئي من کي چير ڏيندو
ڇا؟ ٻڌايان زماني وارؤ اوهان کي
ته ڪيڏي تڪليف ٿيندي آ ؛؛؛
جڏهن ڪو پنهنجو چئي، پوءِ
ناتو ڇني بيوفائي ڪندو آ
تڏهن جيءُ جُهرندو آ ٰٰٰ
روحُ تڙپندو آ
سڄو سور ٿي انسان
حياتيءَ ۾،
ڏيئي وانگي ٻرندو آ ؛؛
نه جِي سگهبو آ ، نه مرِي سگهبو آ
بس سڪرات جيان ، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي
موت جو انتظار ڪبو آ..!!
[b]غــــــزل[/b]
نازڪ حالت آ بـيـــمار دل جـي
ڪا ته لهي وڃُ ســــار دل جي
ڇو نٿو ٻڌي ڪا پڪار تــــون
هن بيوس ۽ لاچار دل جـــــي
توسواءَ هيڪلو آ ســنــــسار ۾
لڳي ناساز حياتي يار دل جي
ڪر ڪا موٽڻ واري او سائيـــن
من کي طلب آ تنوار دل جــــي
مرڻ کان اڳ ُ هنُ کي ڏســـــان
خواهشُ آخري اٿم يار دل جي