(61) غلام حيدر خاصخيلي
[شاعر[
اصل : نالو حاجي غلام حيدر
ادبي نالو : غلام حيدر خاصخيلي
ولد : حاجي محمد
ذات : خاصخيلي
جنم : 1958ع
تعليم : پرائمري
ڪرت : مزدوري
رهائش : ڳوٺ ڀائوخان پٺاڻ، ضلعو مٽياري
رابطو : 03423170600
لکڻ جي شرعات : 1990ع
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
ڇپيل ڪتاب : (دير ڪئي تو اچڻ ۾)شاعري
هڪ ڪتاب گڏيل شاعري جو مرتب ٿيل “هرگل جي خوشبو پنهنجي“.
صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، چؤسٽا وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]چؤسٽــــو[/b]
تنهنجي آءِ سان عزم آدم جو پورو ٿيو نظم
اي حوا تنهنجي اڳيان سرُ آ صحيفن جو به خم
تنهنجي عظمت جا قصا هِن ماء ڌيء ۽ ڀيڻ تون
پوءِ نه ڇو ڀرجي سگهيا جيڪي مليا توکي زخم
[b]غـــــزل[/b]
جڏهن ڪنهنجي زيرِ اثر ٿي وياسين
ته قطر مجهان ڄڻ بحر ٿي وياسين
ڏسي ڏو پنهنجا پڙهي ڊائريء ۾
زبان گونگ ٿي وئي پٿر ٿي وياسين
اسان کي نه باغي سڏيو بي وڙاهي
گهر خاڪ ٿيندو اگر ٿي وياسين
چيو جن ٽري وڃ اکين جياڳيان تون
انهن جا به جيرا جڳر ٿي وياسين
ڪڏهن جانِ دلبر ڪڏهن يار حيدر
ڪڏهن ڇو الائي زهر ٿي وياسين
[b]نظــــم
“پيار”[/b]
سوچ، عقل، دستور وڃي..!!
۽ ماڻهو ٿي مجبور وڃي..!!
اُن کان اڳ جو
اوندھ ٿي ڀرپور وڃي..!!
۽ نور وڃي..!!
زڪرِ الاهي سان تون روشن،
دنياکي دلدار ڪري وڃ..!!
پيار ڪري وڃ..!!