(18) صلاح
اصل نالو: صلاح الدين
ادبي نالو: صلاح
والد جو نالو: جادم علي
جنم: 1998ع
ذات: راهمون
رهائش: ڳوٺ صلحاٹي تعلقه ڏاهلي ٿر
رابطو: (0347001_0341)
تعليم: انٽر
لکڻ جي شروعات: 2012ع، لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، هائيڪا، گيت، چوسٽو، بیت، هڪ ڪتاب جو مواد اڻ ڇپيل موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]وائــــــي
[/b]
تو سواءِ زندگي
هر گھڙي جيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
ياد آگم ڪيان
ٽورَ ڄڻ ڊيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
مُرڪ تنهنجيءَ ۾
مهڪَ رابيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
منهنجي لُڙڪن ڪَٿا
آ لِکِي هيلَ جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
عشق شروعات آ
عشق جي کيلَ جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
[b]غـــــــزل[/b]
عشق سندو الهام اکين تي رکنداسين
روح ۾ رَسَندو رام اکين تي رکنداسين
تو ڏني پڪ پرين پنهنجي هجڻ جي
تنهنجو آڇيل جام اکين تي رکنداسين
پنهنجي شهر جي هر هڪ در تي
ڏيئو ٻاري شام اکين تي رکنداسين
روز نوان الزام لڳن ٿا چونڪن تي
سارا سڀ الزام اکين تي رکنداسين
پنهنجي دل جي آڳر تي هڪ ڪعبو جوڙي
تنهنجي صورت نام اکين تي رکنداسين
هر هڪ پاسي ڌُنڌ مگر ڏس هن پاسي
روشن آهي مام اکين تي رکنداسين
شعر سٻاجها نيٺ ته ”صلاح“ ٺهندا ويندا
لفظن جو الهام اکين تي رکنداسين
[b]چؤسٽــــو[/b]
ڳوٺ اورانگھي شهر پهتو هُيو
ڪنهن اڻ ڄاتي نگر پهتو هُيو
حُسن پُوڄا پاٽ پاسي تي رکي
مورتيون کڻي پٿر پهتو هُيو