شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(49) خيال سنڌي

تعارف نمبر (49)

[شاعر[

اصل نالو : محمد جمن
ادبي نالو : خيال سنڌي
ولد : مير ڀاڻوجو
ذات : ڀاڻوجو
جنم : 1985ع 
تعليم : انٽر
ڪرت : هاري
رهائش : ڳوٺ پنج مورو، تعلقو سعيد آباد.
رابطو: (3873369_0305) 
ڇپيل مواد : هالار، ادب، عبرت مئگزين، هزار داستان، سرتيون، مهراڻ، دوستي، سوجهرو، تخيل وغيره.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــــزل[/b]

ڪپ چانهه ڊڳڙ ماني، ڪجهه ڪو نه ٿو گهران ٻيو
گهارڻ لاءِ زندگاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

لک پنهنجا پنهنجي ملڪيت رک پاڻ وٽ سنڀالي
بک قرب جي آ جاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

تقدير جا اي مالڪ ! ننڍڙو سوال آهي
يا هو يا هن جو ثاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

انڌن سان گڏ به هلندس ليڪن آ شرط هڪڙو
انڌو هجي نه باني،  ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

[b]غـــــــزل[/b]

پيار واري پنجوڙ ۾ آهيان
ڀاڪرن جي ڀڪوڙ ۾ آهيان

پنهنجي مرضي سان پئي ورهائي ونڊي
هن کان رڌجي ويو ٻوڙ ۾ آهيان

سج تنهنجون حمايتون ئي ڪبيون
ڇوته پاڇن سان جوڙ ۾ آهيان

هيڪلائي هجوم جهڙي آ
ماٺ هوندي به گوڙ ۾ آهيان

پاڻ کي پاڻ ٿو لتاڙي وڃان
نيٺ ڪهڙي ته ڊوڙ ۾ آهيان

خيال آهيان وڳو غريباڻو
۽ مسلسل ئي چوڙ ۾ آهيان

[b]غــــــــزل[/b]

جسم مون ڏي ۽ جان توڏي آ
منهنجو سارو ڌيان توڏي آ

جيسين تو وٽ اَهيان اَهيان محفوظ
امن توڏي امان توڏي آ

آئون سرهو هان ان ورهاست تي
آ قلم مون ڏي ڪان توڏي آ

تنهنجي حصي جو ڪم اکين تي پر
منهنجي حصي جو نان توڏي آ

ڪوڙ ! تنهنجي چمڪ آ اڄ به اها
اڄ به سارو جهان توڏي آ
