(10) لڇمڻ داس
اصل نالو .لڇمڻ
ادبي نالو: لڇمڻ داس
والد جو نالو: نٿو مل
ذات : جنڊاوڙو
جنم : 1986
تعليم: مڊل
ڪرت: رازڪو ڪم
لکڻ جي شروعات: 2009ع
راهئش: رُڪن ٻُرڙا، ضلعو سانگھڙ
رابطو: (0804084_0340)
ڇپيل مواد: گڏيل ڪتاب ( هرگل جي خوشبو پنهنجي) ۾، هڪ اردو انتخاب (موجِ تھِ آب ) ۾ شاعري ڇپيل ۽ اُن کان علاوه امرتا، سنڌو، سوجهرو، بياض، ٺنڊي آگ ، ارزنگ، شعروسُخن وغيره ۾ به مواد ڇپيل.
صنفون .غزل . نظم . چوسٽا ۽ نثر.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]چؤ سٽــــو
[/b]سرساھ ڪيان صدقو ۽ پيار به حاضر آ
توڪاڻ صنم سارو سنسار به حاضرآ
گر ڏوھ محبت آ ڏي يار سزا مونکي
مان ڪنڌ جهڪايان ٿو تلوار به حاضرآ
[b]غــــــزل[/b]
جڳ هي اونداهي واٽ جهڙو آ
ساٿ سپرين جو لاٽ جھڙو آ
ماڻھون توکان تڏهن لنوائن ٿا
تنهنجو لهجو لپاٽ جهڙو آ
سر تي ڪاتيون ٽنگيل زماني جون
سچ مگر اوچي ڳاٽ جهڙو آ
هن تي تعمير ڪر محبت جي
من هي خالي پلاٽ جهڙو آ
ڪيئن ھن سان ڪو هم ڪلام ٿئي
هن جو هر لفظ ڇاٽ جهڙو آ
داس دل جي ڀرئي ترئي گهر ۾
هي وڇوڙ ته کاٽ جهڙو آ
[b]اردو غزل
[/b]اشک آئے تو بیشمار آئے
بوجھ پلکوں سے ہم اُتار آئے
خواہشیں روز مارتی تھیں ہمیں
آج ہم خواہشوں کو مار آئے
مستحق آپ ٹھہرے پھولوں کے
اپنے حصے میں صرف خار آئے
زندگی کشمکش میں ہے یارو
اس سے کہنا کہ ایک بار آئے
آج اس کی گلی سے گذرے تھے
آج پھر ہو کے بیقرار آئے
بوجھ سانسوں کا اپنے سر پہ لئے
زندگانی تو ہم گذار آئے
داس خواہش بسنت کی کیا ہو؟
جب خزاں کی طرح بہار آئے