(84) جي ايم لاڙڪ
[شاعر]
اصل نالو : غلام مجتبي
ادبي نالو : جي ايم لاڙڪ
ولد : استاد غلام قادر
ذات : لاڙڪ
جنم : 11 مارچ 1978ع
تعليم : بي.ا يس.سي ڪمپيوٽر
ڪرت : پرائيويٽ جاب. رابطو : 03023362350
رهائيش : نئون ڪوٽ، ڏهرڪي، ضلع گهوٽڪي.
لکڻ جي شروعات : گذريل ڏهن سالن کان.
لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، نثري نظم، چوسٽا، ٽيڙو.
ڇپيل مواد : هزارداستان، ارچڪ مرچڪ، پوپٽ، همسري، گل ڦل ۽ اُن کان علاوه گڏيل ڪتابن “چوڏس ميگهه ملهار”، “پير پير جو پنهنجو پنڌ“ ۾ پڻ شاعري شامل.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
چُمِي جِي بُکِي آ
ھِي دل ڪجھہ ڏُکِي آ
ٻَچن کي ڏِجي ڇا
نہ ماني سُڪِي آ
ڏِسِي حال ھيڻو
ڪنھن ماني مُڪِي آ
ڏِسِي حال سنڌ جو
ھِي دلڙي رُنِي آ
وڏيري جي ظلمن تي
ڪاوڙ لڳِي آ
[b]غــــــزل[/b]
سونهن جي گهر کي تالا آهن
مڌ کان خالي پيالا آهن
حُسن ڪيو بدنام الا ڙي
رانجهڻ، مجنون نالا آهن
نيڻن جي سڪ ماپ اچي هي
تنهنجا موڊ نرالا آهن
ڪڏهن جنت ڪڏهن دوزخ
تنهنجا موڊ نرالا آهن
روز پيئن ٿا منهنجي رت کي
درد به دوست موالا آهن
ايڏو پڄريو ناهيان باقي
ڪاٽيا مون به ڪشالا آهن
منهنجا شعر هي منهنجا ناهن
تنهنجا يار حوالا آهن
عشق جو پنڌ ڏکيو آ پيارا
پير ۾ اڄ ڀي ڇالا آهن
[b]چوسٽــــو[/b]
نظرون ترش نهاري وئي
کلندي کلندي ماري وئي
صنم ڪيڏي سنگدل هئي
رستي منجهه بيهاري وئي
[b]نثري نظـــــــم
[/b]
احساس ئي احساس آهن
محبت کي هاڻ تون ئي ٻڌائي
وڌائيندا آهن ته مان تو بنا
۽ منهنجي من ۾ ڪئين جيئان..!!
تولئه هزارين