(93) قاضي مقصود احمد
[شاعر،ڪهاڻيڪار، محقق، ڪالم نگار]
اصل نالو: قاضي مقصود احمد
ادبي نالو: قاضي مقصود احمد
ولد : قاضي سيف الدين
ذات : قاضي
جنم: 6 سيپٽمبر 1969ع
تعليم : ايم اي سنڌي. ڪرت : سرڪاري ملازم
رهائش : قاضي محلو، تعلقو ۽ ضلعو مٽياري
لکڻ جي شروعات : 1989ع. رابطو: 03003069185
ڇپيل مواد: عبرت مئگزين، عبرت اخبار، سنڌو اخبار، خادم وطن اخبار، ماهوار سوجهرو ڪراچي، ماهوار سنڌ رويو ڪراچي، ٽماهي مهراڻ ڄام شورو، ڇهه ماهي سنڌي ادب ڄام شورو، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد، سلسليوار ڪينجهر سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني عوامي آواز ڪراچي وغيره وغيره
لکيل صنفون : شاعري، علمي، تاريخي، تحقيقي مضمون ۽ مقالا
ڇپيل ڪتاب: 1- مند نه آهي ماڄ جي (شاعري 1997ع)، 2 -دائرا (شاعري، 2015ع)، 3- مسلمان ٻارن جا نالا (تحقيق 2003ع)، 4- تاريخ مٽياري (تاريخ ۽ تحقيق 2006ع)، 5-الرحيق المختوم (سيرت النبي صلي الله عليه وسلم، ٻه ڇاپا 2008ع ۽ 2013ع)، 6- لاکو ڦلاڻي (تاريخي سوانحي تحقيق تي مرتب ڪيل ڪتاب، 2009ع)، 7- پير آقا غلام مجدد سرهندي آزاديءَ جي تحريڪ جو نادر ڪردار (سوانح 2016ع).
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
رات نـنـڍي، بــات وڏي، پــهـر کـٽـن پــيــا
آءُ تــه آســيــس وٺـــون، پـل چــون پــيــا
سـونـهـن سـهـائـيءَ ۾ اڃـا سرس هجين پر
شـهـر ۾ ڦـرجـانءِ نه، راڪاس گهمن پيا
تون به ڀلي هاڻ مون کان سِـرﱡ گهري ڇڏ
چـپ چـريـا، ٻـول لـڳـم، چـنـگ وڄـن پيا
بـرهه جـي بـيـمار ڦڪيا ٻُـڪ ڦڪين جا
شــهــر ۾ لـقـمـان وڏو انــگ رهـن پــيــا
تون جو خزائن ۾ پڳئين، باغ ٿيون دليون
ٻــج ڦــٽــا، گـﺆنـچ ٺـهـيـا، گـــل ٽــڙن پــيــا
آءُ ٻــڌي پـيـنـگـهـه لـڏون نـم جـي وڻ ۾
او هـــو پــريــان ڏس ته وڏا ڏار لـمـن پـيـا
هـاڻ ڪبيون جوڙ کڻي لوهه جون تارون
ڇــو تــه نـشـانـيءَ جـا سـڳـا روز ٽـٽـن پـيــا
[b]غــــــزل[/b]
تشبيهون، استعارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي
لفظن جا هي شرارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي
هـونـدا گلاب ٽڙيل، تـو بـن بهـار ڪانهي
سهڻا سڀئـي نـظـارا، ڄـڻ تنهنجي در جا باندي
واڄٽ ڪري وڄن ٿا، ڪيڏو نه سر ٿو وکري
هي نينهن جـا نغارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي
موکيءَ کان وٽ مليل آ، نيڻئون خمار جهلڪي
هـن دور جـا مـتارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي
تنهنجـن خواهـشن تـي، ٿـا نـابـري ورائــن
ڍرنـدڙ اسـان تي ڍارا، ڄـڻ تنهنجـي در جا بـانـدي
هن لوڪ کي به شابس، منهنجي ئي ڪـڍ لڳل آ
ڪمزور ۽ سگهارا، ڄڻ تنهنجـي در جا باندي
تو سان بغاوتن جو سوچيان ته ڪيئن سوچيان
منهنجا خيال سارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي
قسمت جي ڳالهه آهي، ڪو وس هلي نه جنهن تي
“مقـصود” جا ستارا، ڄڻ تنهنجي در جـا باندي