شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(82) حيدر امان

تعارف نمبر (82)

[شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

اصل نالو : غلام حيدر 
ادبي نالو : حيدر امان 
ولد : غلام شبير
ذات : جسڪاڻي
جنم : 10 مارچ 1984ع 
تعليم : گريجوئيشن
ڪرت : استاد. رابطو : 03443729229 
رهائش : اُڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري،
لکڻ جي شروعات : 1999ع.
لکيل صنفون :غزل، نظم، وائي، چؤسٽا، ڪهاڻي، ڪالم، مضمون
ڇپيل مواد، امرتا، ڪرزما، تعميرِ سنڌ، سنڌو، ڪاوش، امرتا، امرتا غزل نمبر، ارزنگ (اُردو رسالو)، دنياءِ ادب (اُردو رسالو).
 ڇپيل ڪتاب : نيڻن جا ورق (شعري مجموعو) 2015ع.

سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ،

[b]غــــــزل[/b]

دل جي ڌرتي، ٽانڊن ڍير آ، ٻيو سڀ خير آ
يادن ڀي اڄ، پاتي ڇير آ، ٻيو سڀ خير آ

مونکي هرڪو، ماڻھو ميرو، لڳندو آھي
شايد منهنجي، مَنَ ۾ مير آ، ٻيو سڀ خير آ

هاڻي مونکي، نانگن مان ڪو، ڊپ ئي ناهي
تنهنجي وارن، سان پيو وير آ، ٻيو سڀ خير آ

”ڇا حال آھي“ نيٺ پُڇائين، مون به وراڻيو
تنهنجي الفت ۾ ڪجهه ڦير آ، ٻيو سڀ خير آ

دل ويراڳي، اک اوجاڳيل، هيڪل هينئڙو
پيار ڪيوٿم، نانگ تي پير آ، ٻيو سڀ خير آ

پنهنجي چاهت، پنهنجو رشتو، ڪهڙو چئبو
اَڪَن انبڙيون، ٻٻرن ٻير آ، ٻيو سڀ خير آ

[b]نظــــــم[/b]

دنيا جي پُرڪيف فضا مان
تنهنجي هر هڪ يار صدا مان
تنهنجي هٿن جي هڪڙي هڪڙي
روئِي گُهرِيَل يار دعا مان
مون جهڙو بيڪار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

دنيا جي هِن ويراني مان
هر هڪ طنز ۽ هر طعني مان
مدّت کان هڪ آس تي ويٺل
تنهنجي دل جي مئخاني مان
پياسو هڪ مئخواربه نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

تنهنجي ديس نرالي مان اڄ
هر هڪ يار حوالي مان اڄ
جُتِيءَ مان جيئن ڪوڪو نڪري
تنهنجِي ٿالهي، پيالي مان اڄ
ڀاڱي ڀائِيوار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

دل مان، دل جي ارمانن مان
قولن مان ۽ فرمانن مان
انڌن جِي هِن وستِيءَ مان ۽
پٿر ديس جي انسانن مان
هڪ شيشه بردار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

[b]چؤســــــٽو[/b]

وقت جيسين هُيو تيسين سمجهوسون ڄڻ !
وقت نوڪر هُجي، دل وڏيرِي هُجي.

اهڙي چورِي ڪڏھن ڀي وَري ڪانه ٿي،
گهر ٺَڳن جي بِلي، چور پيرِي هُجي.
