(150) گلشن سنڌو
[شاعر]
اصل نالو : گلشن پروين
ادبي نالو : گلشن سنڌو
والد جو نالو : نورمحمد
ذات : سولنگي
جنم : 16 ڊسمبر1975ع
تعليم : بي.اي. ڪرت : پرائيوٽ ٽيچر
رهائش : ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1992ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره
ڇپيل مواد :عبرت ميئگزين، هالار، سنڌ رنگ، سونھن ميگ، نئون نياپو، نئين زندگي، سرتيون، مهراڻ، سنڌ راڻي، سنڌ ايڪسپريس، گل ڦل گلڙا، سنڌو، خوشبو ميئگزين، عزم پاڪستان، ميڪ ميگ، واڪا، پرھ ميگ،اوسيئڙو، جوت، شهيد بيبي ميگ، هزار داستان.
ڇپيل ڪتاب : “ازل کان سفر ۾” شاعري.
اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
هي سارا خواب لاجواب آهن
دنيا جا عذاب لاجواب آهن
توکان ڪيم هڪ سوال مگر
تو وٽ جواب لاجواب آهن
ڪيئن ڪيان توسان اظهارِ محبت
درميان ۾ حجاب لاجواب آهن
هر طرف رڳو ليکا ئي ليکا هن
تو به رکيا حساب لاجواب آهن
حويلي جي ديوارن ۾ چؤطرف
ناريءَ جا نقاب لاجواب آهن
[b]غــــــزل [/b]
الفت کان انڪار ڪيستائين
پاڻ کان فرار ڪيستائين
چاھ اڄ جو چار ڏينهن آ
رهي سو پائيدار ڪيستائين
اچڻي وڃڻي شيءِ آھي جا
قائم سو اقتدار ڪيستائين
نيٺ ته ان کي ملي وينداسين
موت ڏيندو ميار ڪيستائين
توکي وساري ڇڏينديس مان
رهندين ذهن تي سوارڪيستائين
[b]چئو سٽــــا
[/b]
ڏات بحر ۾ تون ئي تون آهين
سوچ نگر ۾ تون ئي تون آهين
ڪيئن سمائجي ڪو ٻيو نيڻن ۾
نينهن نظر ۾ تون ئي تون آهين
٭٭٭
روح ۽ راحتون ضروري ناهن
چاهتون محبتون ضروري ناهن
ضروري آهي بس ڌرتيء جي بقا
پرين سان قربتون ضروري ناهن
٭٭٭
لڳي ٿو ته ساٿ ڇڏي مات ٿي
اداس اداس لمحا وساري رات ٿي
ڪا سوچ بهار ڪو گيت پن ڇڻ
الڳ الڳ ڪٿا ڪري ڏات ٿي