شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(38) مفلس ٻگهيو

تعارف نمبر (38)

]شاعر]

اصل نالو: مولابخش
ادبي نالو: مفلس ٻگهيو
ولد : محمد ادريس 
جنم : 11 ڊسمبر 1994ع
ذات : ٻگهيو
رهائش: نوابشاھ
رابطو: (3646868_0323)
تعليم: انٽر
لکڻ جي شروعات : 2016ع
لکيل صنفون: غزل،نظم، گيت،چارسٽا، قطعا، وائي وغيره

 هڪ ڪتاب جو مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

توکي دولت ڌن جون سوچون
مونکي مارن من جون سوچون

ڪونه مريدن جي لئه سوچي
مرشد کي بس ڏن جون سوچون

وڻ ڀي ڇاڻي ويندي آهي
ڪهڙيون خزان کي پن جون سوچون

صاف ڀلا ڪيئن هونديون يارو
رهبر جانۡ، رهزن جون سوچون

سَينَ هڻي ٿو پينو در تي
ان کي آهن کَنَ جون سوچون

سوچي گاڏين ڪاڻ وڏيرو
مفلس کي هن ان جون سوچون

[b]غــــــزل[/b]

هن سنڌ جي ڏکڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر
مسڪين جي ڪکڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

محبوب جي واکاڻ تون هر شعر ۾ آهين ڪندو
مزدور جي هٿڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

گرمي هجي سردي هجي محتاج وٽ ساڳا وڳا
تن ڦاٽلن ڪپڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

رئندي رهي ساري عمر ٻچڙا رهيا جنهن کان پري
ان ماءُ جي ڳوڙهن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

سٽ سٽ هجي سورن سندي خود شاعري دانهون ڪري
تون واقعن اهڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

جن سنڌ کي آهي لٽيو کائي سڄي ”مفلس“ ويا
 ها تون انهن مڪڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

[b]غــــــزل[/b]

رهون ٿا سدائين محبت جي ويجهو
نه ڏسندين اسان کي تون نفرت جي ويجهو

ڪپي ماءُ جو ٿو ڳلو پٽ به هاڻي
لڳي ٿو پڳا هون قيامت جي ويجهو

گناهن جي پٺيان مسلمان آهي
هجڻ جنهن کي گهرجي عبادت جي ويجهو

حياتي هي گذري رڳو خواب ڏسندين
نه پهتا اڃان هون حقيقت جي ويجهو

اڙي حڪمرانو اوهان جي بدولت
وڃين قوم پهتي آ غربت جي ويجهو

نه گل آڻ سهڻا ڪنڊا ئي کڻي آ
رڳو ويھه مفلس جِي تربت جي ويجهو
