(27) شرف بلوچ
[شاعره[
اصل نالو: فهميده
ادبي نالو : فهميده شرف بلوچ
بنت : شرف بلوچ
ذات ؛ جاگيراڻي بلوچ
رهائش : ڪراچي
تعليم. ايم.اي، بي.ايڊ
لکڻ جي شرعات: 1994ع
ڇپيل مواد؛ سنڌو، عبرت، ڪاوش، سنڌايڪسپرس، امرتا، اديب، هالار، هزار داستان وغيره.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل، ٽيڙو، چوسٽا.
ڇپيل ڪتاب : اُماس راتيون اداس رستا.
اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب “محبت مانُ گهرندي آ ” تياريءَ جي مرحلي ۾
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
سپنا نه رهيا ساڳيا، ۽ ساڻ نه سرهائي
هڪ آء ٻي گڏ مون سان آ منهنجي اڪيلائي
سوچيان ٿي پئي هاڻي ان وقت تي مان ساجن
ڇاپريت هئي پنهنجي ۽ ڪهڙي شناسائي؟
توکان پوء هميشه لئه هن منهنجي حياتي تي
هر ٽھڪ ٺٺولي آ ، ھر لڙڪ تماشائي
مون ڀي نه تمناڪئي ،موٽي نه اها خود ڀي
ڪجھه وقت خوشي مون کي جا راس هئي آئي
ٿو چنڊ لڳي وياڪل مايوس ستارا ڀي
جنهن وقت پيا تنهنجي ٿي سار اچي ڪائي
[b]وائــــــي[/b]
جنهن لاء مان تڙپان پئي
سرتيون سو ساجن
نڪتو هرجائي..!!
ڇڏي مون کي هيڪلو
ترسي هو پل کن
نڪتو هرجائي..!!
مٺڙي،مٺڙي لهجي سان
موهي منهنجو من
نڪتو هرجائي..!!
جيڪو هيو زندگي
دل جي هو ڌڙڪن
نڪتو هرجائي..!!
لڙڪن سان منهنجو
ڀري هو دامن
نڪتو هرجائي..!!
ڏسي مون کي هيڪلو
چيو ٿي رستن
نڪتو هرجائي..!!