سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
قدرت جي طرفان انساني فطرت ۾ ڪيترا ئي انمول عمل موجود هوندا آهن ۽ انهن سڀني جا مخصوص دائرا آهن جن کان ٻاهر وڃڻ جو خيال بي عقلي ۽ چٽي پٽي چريائپ آهي پر ان ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جن جي ڀيٽ ۾ انساني دائري جي ايراضي وسيح آهي. انساني فطرت ۾ جيڪي قدرتي عمل موجود آجن انهن مان ٽي اهم تصور ڪري سگهجن ٿا اهي آهن هجڻ، ٿيڻ، ۽ بڻجڻ. هجڻ وارو عمل بلڪل مخصوص آهي جنهن مان مراد آهي ڪنهن به شي جي وجود جي ظاهري، جيئن چنڊ، سج، وڻ، ماڻهون، ڍور، جيت وغيره جنهن جي شڪل تبديل نه ٿي سگهي. ٿيڻ واري عمل مان مراد آهي ڪنهن سٺي يا خراب شي ڪردار ۽ سوچ وغيره جو نقل ڪرڻ، مثال ڪو شخص ڪنهن سٺي اديب يا شاعر جو نقل ڪري ٿو يعني ان جهڙو لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن کي اثر به چيو وڃي ٿو، مثال ڪرڙ خان استاد بخاري جي اثر هيٺ لکي ٿو، ڪانڊيرو خان شيخ اياز جي اثر هيٺ لکي ٿو وغيره، ان باري ۾ يونان جي مشهور ڏاهي ۽ فلسفي “افلاطون“ چيو آهي ته “ شاعر خدا جي اثر هيٺ لکن ٿا ۽ خدا جي ٺاهيل شين جو نقل بيان ڪن ٿا“. بڻجڻ واري عمل مان مراد آهي نئين شي جو ايجاد ڪرڻ نئين سوچ کي جنم ڏيڻ، اها سوچ جنهن جو اڳ ۾ ڪنهن تصور ئي نه ڪيو هجي اهڙي فڪري سوچ کي جنم ڏيڻ سان تخليقڪار جي ذاتي ۽ الڳ سڃاڻپ ٺهندي آهي جنهن سان هو ٻين کان منفرد بڻجي ويندو آهي. سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن نئين سوچ کي جنم ڏنو جنهن سان هو منفرد بڻجي ويا ۽ ٻيا ڪيترا ئي اديب، شاعر انهن جي اثر هيٺ لکڻ لڳا. موجوده دؤر ۾ ڪيترا ئي اديب، ۽ شاعر ان ڳالھ تي پورا لٿا ۽ ٻين کان منفرد بنجي ويا جيئن سنڌ جي سٻاجهڙي شاعر محترم “ احساس ميرل “ سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو تعارف فيس بڪ تي هلائي عالمي ادب سان ڳانڍاپي جي سوچ کي جنم ڏئي پاڻ کي منفرد بڻايو آهي. فيس بڪ سوشل ميڊيا جي اها شاخ آهي جيڪا پوري دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو قائم رکي ٿي. ليوَ ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي “ ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق ڪيل ڏهن شين مان سڀ شيون کڻي ڪنهن جي دل تي جادوئي اثر نه به ڇڏين پر انهن مان ڪا هڪ شي ضرور اهو ڪردار ادا ڪندي جيڪڏهن تخليقڪار جي سوچ ۾ گهرائي آهي“ احساس ميرل جو تعارف هلائڻ وارو ڪم ليوَ ٽالسٽاءِ جي سٽن تي بلڪل پورو بيهي ٿو. سنڌي ٻولي تمام قديمي ٻولي آهي جيڪا نه صرف سنڌ ۽ هنڌ بلڪه دنيا جي ٻين کوڙ سارن ملڪن ۾ لکي، پڙهي، ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي ان يقين سان بلڪل چئي سگهجي ٿو ته احساس ميرل سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو عالمي ادب سان ڳانڍاپو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا سندس سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس ان قدم جي ٻيا دوست به پيروي ڪري رهيا آهن جيڪو ڪم ٿيڻ واري عمل ۾ شمارجي ٿو. احساس ميرل جي اها سوچ بلڪل نئين سوچ آهي جيڪا صديون پڄاڻا به پراڻي نه ٿيندي. احساس ميرل تعارفي سلسلي ۾ شامل دوستن جي تعارفن کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري تاريخ جي اکين ۾ سچائي جو سرمو وڌو آهي جنهن سان سنڌي ادب جو اضافي وارو عمل به اڳڀرو ٿيو آهي نيلسن منڊيلا چيو آهي ته جيسين تائين قوم جي نوجوان فردن کي اعلا اختيار ادارن جي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويندو تيسين تائين ترقئ جي اميد ڪرڻ اجائي آهي ڇو ته نئين دور جا فرد نئين سوچ کي جنم ڏيندا آهن جيڪا ماضي کان منفرد هوندي آهي احساس ميرل جي اها به وڏي خاصيت آهي ته هن سڄي سنڌ جي سينيئر ۽ جونييئر دوستن کي هڪ ئي سٿ ۾ سلهاڙيو آهي جيڪو عمل پيار ۽ پنهنجائپ جو چٽو ثبوت سامهون آڻي ٿو انساني ضرورتون به ڪيترن ئي قسمن جون آهن جن مان ڪجه وقتي ٿين ٿيون ۽ ڪجه سدائين ساڻس لاڳاپيل رهن ٿيون هڪڙي دور مان ٻئي دور ۾ منتقل ٿين ٿيون ڪي ضرورتون اهڙيون آهن جيڪي پاڻهي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين ٿيون جيئن لٽي. اجهي.۽ ڳڀي جي ضرورتن کان ڪو به ماڻهون غافل ناهي انهن ڏي ازخود ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي ڇو ته اهي بنيادي ضرورتون آهن پر ڪجه بنيادي ضرورتون اهڙيون به آهن جيڪي غور-طلب ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ته ٿين ٿيون پر ماڻهون انهن کان غافل رهن ٿا ڪجه ڄاڻي واڻي ته ڪجه بيخبري ۾ جنهن سان سندن آئيندو انتهائي عبرت ناڪ بڻجي ويندو آهي جن مان علمي.ادبي.۽ قومي ضرورتون زير-فهرست آهن پر احساس ميرل جهڙا باشعور فرد انهن ضرورتن کان غافل رهڻ کي گناه تصور ڪن ٿا پنهنجي عقل جي بنياد تي. نه ته گهڻي ڀاڱي اسان جا دوست ٻين جي ڏسيل راه تي هلندا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ عقل جا انڌا آهن ڇو ته اهي پنهنجي عقل جو استعمال ڪندا ئي ناهن پوء ڏاسو جي مرضي آهي ته کين اڇن کي تهري ڪري پيش ڪري يا زهر کي شربت ڪري. انهن لاء ڪل ئي ٻڪريون ڪارٻوٿاڙيون. مان يقين سان ٿو چوان ته انهن جي تخليق گفتگو ۽ ڪم قابل-اعتماد ناهي پوء ڀلي اهي وڏي نالي وارا ۽ سينيئر ڇو نه هجن اهو ان ڪري ته ڪاميابي ۽ قابليت ٻه جدا شيون آهن ڪاميابي شخصيت کي اڀاري ٿي جيڪا عارضي به ٿي سگهي ٿي ۽ قابليت ڪردار کي اڀاري ٿي جيڪو دائمي آهي ان ڳاله جي شاهدي ۾ نفسيات جي ماهر ۽ قابل اديب ڊيل ڪارنيگي چيو آهي ته ڪاميابي هڪ ڌاڙيل کي به ملي ٿي ته هڪ سپاهي کي به پر فرق آهي ڪردار جو. ڌاڙيل جو ڪردار برو ۽ سپاهي جو ڪردار سٺو ٿئي ٿو ڇو ته ڌاڙيل پنهنجي ذاتي مفاد لاء وڙهي ٿو ۽ سپاهي قومي مفاد لاء. ان نظر سان ڏسجي ته احساس ميرل وڏي قابليت رکندڙ شخص آهي ۽ سندس قابليت آڏو ڪاميابي به سر جهڪائي سلامي آهي سنڌي ادب جي خدمت لاء جوڳو قدم کڻي احساس ميرل پنهنجي تاريخ جي ڪردار کي سٺن لفظن ۾ سينگاريو آهي هوئين به تاريخ جي ڪردار کي سينگارڻ جو ڪم فردن جو آهي تاريخ جو نه. ڇو ته؛ تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ.