(149) محبوب هوٿيپوٽو
[شاعر]
اصل نالو: محبوب علي
ادبي نالو: محبوب هوٿيپوٽو
والد جو نالو: حاجي محمد حسن
ذات: هوٿيپوٽو
جنم: 10 آڪٽوبر1967ع
تعليم: انٽر
ڪرت: پرائمري اسڪول ٽيچر
رهائش: ڳوٺ حاجي احمد خان هوٿيپوٽو، تعلقو قاضي احمد، ضلعو شهيد بينظير آباد.
ربطو : 03022610443
لکڻ جي شروعات : 1990ع
ڇپيل مواد : سوجهرو، ادب، نئين زندگي، ڪيسوٻاءِ، ميگها، سنڌو، عبرت مئگزين. اُن کان علاوه گڏيل ڪتاب “ڇِڄ مَ قطاران” ۾.
لکيل صنفون: حمد، نعت، وائي، غزل، بيت، نظم، ٽه سٽا، هائيڪا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]وائـــــي[/b]
تون جو ايندي يار
ڄڻ ڪا مند بهار
موٽي ايندي ماڳ تي..!!
مهڪون هن ماحول جون
گلڙن جي گلزار
موٽي ايندي ماڳ تي..!!
ٿر تي ٿڌا ڏينهڙا
سانوڻ جي وسڪار
موٽي ايندي ماڳ تي..!!
ڪندا مور ٽهوڪڙا
چيهن جي چهڪار
موٽي ايندي ماڳ تي..!!
مون وٽ هوءِ محبوب ٿي
ڪڏهن لال ڪنوار
موٽي ايندي ماڳ تي..!!
[b]غـــــزل[/b]
وڃي تو وسائي گلابن جي دنيا
اسان کي ڏئي وئينءَ خوابن جي دنيا
اوهان بن حياتي ائين ٿا گذاريون
رڳو ڀوڳنائون، عذابن جي دنيا
ڏئي پاڻ پوءِ پڇين روز پئي
ڏئي ڪير ويو ٿئي ڪتابن جي دنيا
اسان لئه ڏسڻ ڀي ٿيو ڏوھ جانان
تنهنجي سونهن جيڪا ثوابن جي دنيا
ڇو”محبوب“مونکان وتين منهن لڪايو
چڱي ڪانه آهي حجابن جي دنيا
[b]غــــــزل[/b]
خزائون به ڄڻ ڪي بهارن جي موسم
اسان وٽ رڳو آهي سارن جي موسم
جڏهن ياد ڪڪريون اڏامي اچن ٿيون
تتل ڏينهن ۾ ڀي ملهارن جي موسم
اڃا ٿر جا ٿوهر سُڪائيندي ڪيسين
ڀلا، رهندي ڪيسين ڏڪارن جي موسم
ڏئي مينهن وَر وَر وسي وڏڦُڙو ٿي
وري آڻ مالڪ ڪا مارن جي موسم
ڏسي ڏينهن ڏکيو نه هِيءَ سنڌ ساري
سدائين رهي هت سُڪارن جي موسم
وڇوڙي جون گهڙيون وجهن گهاوَ دل ۾
کُٽي ئي نٿي انتظارن جي موسم
تون”محبوب“ماڻهو ڪو ڏاڍو پڪو آن
وڻي ڪيئن وئي توکي قرارن جي موسم