شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(70) لکمير عباسي

تعارف نمبر (70)

[شاعر[

اصل نالو: لکمير علي
ادبي نالو: لکمير عباسي
والد جو نالو : غلام سرور 
ذات : عباسي ڪلهوڙو
جنم: 12 ڊسمبر 1996ع. تعليم: بي.ايس.سي
رهائش : ڀينس ڪالوني نزد سهيل ڪالوني لاڙڪاڻو.
رابطو: 03110893775
اصل رهائش : موهن جو دڙو، لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
لکڻ جي شروعات : 2012ع
ڇپيل مواد: عوامي سنڌ اخبار فاسٽ ٽائيمز اخبار مختلف رسالن ۾
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، بيت، دوها. 

اڻ ڇپيل ڪافي مواد  موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــزل[/b]

ننڊ به مون کي ڦٿڪي آئي
خواب ڊنا ۽ هڏڪي آئي

ڪنهن آ پڪاريو پوئين پهر ۾
سار اکين ۾ سڏڪي آئي

وار به وکريل چهرو نم هئس
ڪير ڀٽن ۾ ڀٽڪي آئي

موت جو منظر سامهون ڏسندي
ياد به ڪنهن جي دڙڪي آئي

نالي سان لکمير ڪا گوري
نيٽ نڙي تي اٽڪي  آئي

[b]غــــــزل[/b]

سڄي جڳ ۾ سڀ کان نرالا اسين
وفائن جا آهيون حوالا اسين

موهن جي دڙي جا ۽ مڪليءَ جا منظر
ڪٿي مسجدون ڪٿ شوالا اسين

نچن من جي آڳر تي ويچار منهنجا
انڌيري ننگر ۾ اجالا اسين

ملي جام پي من اجاگر ڪيون
محبت جي مئه جا پيالا اسين

نه لکمير ميري ٿئي مارن جي پوتي
ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جا رکوالا اسين

[b]وائـــــي[/b]

ڪڻڪون پچي تيار ٿيون
اڃان نه آئين تُون
آئي بهار آئي..!!

سانڍي توکي ساھ ۾
ٻيلي هردم رکيو مُون
آئي بهار آئي..!!

ڌڙا لڳن ٿا ڌرتي تي
لٽجان ٿو مارن سُون
آئي بهار آئي..!!

حال منهنجا بي حال ڏٺئي
چُريئي نه ڪَن تي جُون 
آئي بهار آئي..!!

مند ملهاري لکمير ملڻ جي
سُڻ ڪوئل جون ڪُوڪُون
آئي بهار آئي..!!
