(62) مختيار
[شاعر[
اصل نالو : مختيار
ادبي نالو : مختيار
ولد : ولي محمد
ذات : مگسي
جنم : 1986ع
ڪرت : درزڪو ڪم
رهائش : سعودي عرب شھر مدينہ
رابطو : 00966599858774
تعليم : پرائمري پاس
لکڻ جي شروعات : 2000ع
ادبي رهنما : ضمير کرل
ڇپيل مواد : هالار، ( ادب - اديب )، سنڌو ڊائجسٽ هزاردستان، نئين زندگي، نئين آس، نئين منزل، عبرت ميگزين، ڪاوش، خبرون، نجات.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــزل[/b]
جنهن روح ۾ پرين جي آ تات جو تصوّر
تنهن کي ڪٿي رهي ٿو سڪرات جو تصوّر
تنهنجي ڪمال جي ٿا اعظمت بيان ڪن ائين
جيئن پاڻ ٿو ڪيان هن ڏينهن رات جو تصوّر
دل ۾ سدا رهي تون موجود دلربا ٿو
مون ۾ رهي پو ڪيئن ڪنهن حالات جو تصوّر
جنهن مان ڏٺم پئي سڪ تنهنجي چيم انهيءَ کي
تنهنجي اکين ۾ آھي پرڀات جو تصوّر
مٽجي شهر کنڊر ۾ وَيا جهٽ گهڙي پهر ۾
تنهنجو اچي پيو ائين جذبات جو تصوّر
بس ڪنهن ٻئي جي آڏو محتاج ڪر نہ خالق
تو مان سدا رهي ٿو خيرات جو تصوّر
تنهنجي هجي رضا جنهن ۾ سا قبول آهي
سجدي ۾ رهيو نہ ڪڏھين جنت بات جو تصوّر
محبوب کي جي منهنجو ٿو گهر وڻي ڪکن جو
مختيار ڇو ڪيان پو محلات جو تصوّر
[b]وائـــــي [/b]
هر شيءَ وَئي وسري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!
توکي چاهيان ايترو
وڃي دم نڪري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!
تون اچ هاڻي جو متان
آنءَ وڃان وکري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!
زندگي آ ڪم جي اها
جا وڃي نبري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!
ڪوما ۾ ھس ڄڻ تہ ڪو
توبن جا گذري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!
سنڀاريندي جي نہ تون
ويندس آن ءَ ڀري
ساجن تنهنجي سار ۾..!!