(124) وسيم آڪاش سيتائي
[شاعر]
اصل نالو : محمد صديق
ادبي نالو : وسيم آڪاش سيتائي
ولد : ممتاز علي
ذات : ميمڻ
جنم : 10 اپريل 1984ع
تعليم : بي.اي
ڪرت. خانگي ملازمت
رهائش: ميمڻ محلا . وارڊ نمبر 4 سيتاروڊ
رابطو : 03334511338
لکڻ جي شروعات : 2003ع.
ڇپيل ڪتاب : “ھوائن ڇير ڇمڪائِي” (شاعري 2014ع), “ڏھر منجھه ڏيئا” (سيتا جي سترنھن شاعرن جي گڏيل شاعري 2015ع)
“آلا نيڻ آڪاش جا” (شاعري 2016ع)
اڻ ڇپيل ڪتاب. 1.“ساڀيا جي صبا” (شاعري)، 2. “آڪاش جي وسعت” (نثري نظم).
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾.
لکيل صنفون :غزل، گيت، وائي، نظم، بيت، هائيڪا، چوسٽا وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
مصور جئان چٽي ٿو تصوّر
ڪلا جو ڪوي اُڻي ٿو تصوّر
خيالن جي تختگاھ تي ڪوئي
خدائي ڏسي پسي ٿو تصوّر
ستارن جي ريگذار ۾ تنھا
اڃي چنڊ جو رڙي ٿو تصوّر
ڪري ڌنڌلا دوار نظر جا
ڊگھي عمر جو ڇڻي ٿو تصوّر
زميني حقيقتن جي صدا جو
دِلي درد ٿي دُکي ٿو تصوّر
نه آزاد ٿي فضا به وطن جي
نه ئي قيد جو ڀري ٿو تصوّر
پريشان ٿي وڃان ٿو گھڙي ۾
گھڙي ۾ ٺھي ڊھي ٿو تصوّر
نه آڪاش وٽ سڀاءُ نه صورت
مگر ڏات جو نچي ٿو تصوّر
[b]غــــــــزل[/b]
ھوا ساھن ۾ سرھائي، کڻي آئي
ھٿن ۾ زندگي آئي، کڻي آئي
شفق جي منظرن سان مرڪ کي رنڱي
اکين ۾ شام سرمائي، کڻي آئي
قضا دل جي افق جا مامرا پوئي
ستارن جي به تنھائي، کڻي آئي
محبت انتھا جي موج کي ماڻي
نديءَ جا گھيڙ گھرائي، کڻي آئي
حيا جي اوٽ اورانگھي ھلي جيئڻ
حصي ۾ ڌوڙ ۽ ڇائي، کڻي آئي
سھائي ڏات فڪري ڪھڪشائن کي
غزل جي گونج ۾ جائي، کڻي آئي
زميني آرسي آڪاش جي لکڻي
حقيقت جي شناسائي، کڻي آئي