شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(42) عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو

تعارف نمبر (42)

]شاعر، مضمون نگار]

اصل نالو : ڊاڪٽر عبدالغفار
ادبي نالو : عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو
ولد : عبدالرزاق . ذات : جوڻيجو
جنم : 20 مئي 1967ع
رهائش : سول اسپتال ڪالوني، مٺي ٿرپارڪر.
رابطو: (2644798_0320)
 تعليم : بيچلر آف ڊينٽل سرجري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڊپلوما ان ڪميونٽي هيلٿ مينجمنٽ اسلام آباد.
لکڻ جي شروعات : 1993ع
ڇپيل ڪتاب : ”نيڻن ننڊ اکوڙ ۾“ ڀٽائي سائين تي مقالو ڇپيل
ڇپيل مواد : مختلف، اخبارن ۽ رسالن ۾. 
 لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره.
اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جو مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

زندگي ڄڻ ڪو فسانو آ
وحشتون ۽ بس ويرانو آ

دل دردن جو آ ڪو مسڪن
چاهه چريو ۽ ديوانو آ

ڪوئي ڪنري وڃي ته وڃي
نينهن نبريو واهه زمانو آ

هي ڀنڊار اٿم يادن جا
ڪهڙو ڪو ٻيو خزانو آ

ڪيڏو سُڏڪي ساهه صحرا ۾
 عبد ئي ڇو ته نشانو آ،

[b]غـــــــزل[/b]

پراڻا پيار ڪي ساري
الائي اڄ آڌيءَ ڌاري

وري هن سار ساروڻيون
جدا ڪيئن ڪو گهاري

رخ تي وار وکريا پئي
وئي هوءُ مفت ۾ ماري

چيم چنري نه کسڪايو
سڄو پيو لوڪ ته نهاري

اکين جي زير زبرن سان
وجهو ٿا ورهه جي واري

ڪِريو ڪو عبد آ ڪُن ۾
تون ئي آ کيس ڪو تاري

[b]نظـــــــم[/b]

پتڻ جي پار تي پهچي،
جڏهن سوچن ۾ ساري ڪو،
واري ڪنڌ نهاري ٿو،
اهو لمحو ته ماري ٿو.
اتر جا هن اوهيرا ڪي،
لڳي ٿو سار جا پنڇي،
اونهي آڪاش۾ اڏري، 
دڳن کان دور هن ڪيڏا،
ٿڪل ڪي چور هن ڪيڏا،
وڻن کي واءُ ٿو ويڙھي،
پنن جي پهچ ئي پٽ تي،
ڇڻڻ جو ڇا ڪجي آخر،
ذهن کي سوچ ٿي رهڙي.
اسان جي آس آکيرا،
هئا لٽڪيل ته لامن ۾،
زخمي زرد شامن ۾،
وڏا ڪي وڻ هئا واقعي،
ٿر جي ٿاڪ جا منظر،
منجهند ٽاڪ جا منظر.
دلڙي درد بس هاڻي،
دڙن تي ديد نه دلبر،
ملندو ڪير رب ڃاڻي.
سڪايل جون صدائون هن،
تماچي تو بنا تڙ تي،
نوريءَ جون نگاهون هن.
وڇڙي هُن وڃڻ وايون،
وکيريا جذبا جيون جا،
چري دلڙي ڇا دهرايون.
مڙئي پيا پاڻ پرچايون.
ڪٿي ڪونجون،ڪٿي آڙيون،
ولرکان جا وئي وڇڙي،
اڀاڳڻ سا ڪيئن واريون.
پکين جي پريت پيا ساريون.
شفق ۽ شام جو ايندا،
مٺا مهراڻ ڇولين ۾،
کڻي پيار جهولين ۾،
 کڻي پيار جهولين ۾.
