شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب

عالمي اوطاق يعني فيس بوڪ، ڪنهن به لکي پڙهي سگهندڙ ۽ موبائيل فون استعمال ڪرڻ واري کان شايد ئي ڳُجهو هجي! ۽ عالمي اوطاق تي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي به هر هڪ عالمي اوطاق تي ليئو پائڻ واري کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي هن اوطاق تي اڪثريت شاعرن جي يا شاعري ۾ ججهي دلچسپي رکندڙن جي نظر ايندي رهي آهي، ۽ اهي سڀ، دنيا ۾ جتي به عالمي اوطاق نظر اچي سگهي ٿي، اتي نظر اچڻ باوجود، جيئن شاعر هڪ ٻئي سان مخاطب ٿيندا آهن، هڪ ٻئي لاءِ رايا لکندا آهن، هڪ ٻئي کي حاجي ۽ قاضي ڪري پيش ڪندا آهن، ان جا ڪهڙا مثال ڏئي، ڪهڙا ڏجن! سچ، ڪڙو سچ اهو آهي ته اتي ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٽولا آهن، لابيون آهن. ان جو ڪم ڏسي، ڪردار ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن، رت ٽهڪندو آهي! اهڙي ئي ماحول ۾، اها 2017ع جي 20هين مارچ هئي، عالمي اوطاق تي نظر ڊوڙائيندي، منهنجي سامهون اوچتو احساس ميرل جي هڪ پوسٽ ”تعارف نمبر (1) پيشڪش احساس ميرل“ عنوان سان آئي، جنهن ۾ ٽنڊو الهه يار جي نوجوان شاعر محمد علي ميرجت جو ”نالو، ادبي نالو، پيءُ جو نالو، ذات، رهائش، تعليم، لکڻ جي شروعات جو سال، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ۽ صنفون“ جي سري سان معلومات ۽ ”سندس شاعريء مان ڪجھ شعر“ پڙهڻ لاءِ مليا. ان تي مون صرف هڪ لفظ ”زبردست“ راءِ طور لکيو! ائين پوءِ، اهو سلسلو جاري آهي. اڏيرولعل اسٽيشن جي رھواسي، نوجوان شاعر احساس ميرل جا ٿورا نه ٿورا... شاعرن جو تعارفي سلسلو شروع ڪري، ھن اھو ڀلو ڪم ڪيو آھي، جيڪو منهنجي ڄاڻ مطابق، عالمي اوطاق تي، اڳ ۾ ٻيو ڪير به نه ڪري سگھيو آھي. اها ٻي حقيقت آهي ته احساس ميرل جي هن سلسلي کان پوءِ، ٿوري تبديلي سان، ٻين به اهڙو ئي سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن جو سلسلو به جاري آهي. احساس ميرل جي شروع ڪيل ھن تعارفي سلسلي ۾ ڪير ڪھڙي دلچسپي پيو وٺي، ردعمل ڪھڙو پيو ظاھر ڪري، اھو ردعمل به پنھنجي جاءِ تي دلچسپ ۽ اھم آھي. آئون ھي سلسلو پھرين ڪڙي کان پڙھندو پيو اچان. مون احساس ميرل کي هڪ هنڌ راءِ ڏني هئي، ته اهو سلسلو جاري به رکي ۽ ڪوشش به ڪري، ته اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي. ڇپيل تاريخ طور محفوظ ٿي پوي. ڇو ته ان سلسلي مان تمام گھڻي سٺي معلومات ملي رھي آھي. هن سلسلي کي هر پڙهندڙ، پنهنجي پنهنجي اوليت جي بنياد تي پئي ڏٺو. ان ۾ حصو پئي ورتو. منھنجو وڌ ۾ وڌ ڌيان شاعر جي تعليم ۽ ان جي عمر ڏانھن، شاعر جي ڪرت يا پيشي ڏانهن پاڻمرادو ھليو ويندو آھي. ڪجھه شاعرن جو تعارف پڙھي، آئون تمام گھڻو منتشر ٿي، پاڻ نه سنڀالي سگھيو آھيان، پر گهڻو ڪري ظبط ۾ به رهيو آهيان! ھن تعارفي سلسلي معرفت اھو ڄاڻي سگھجي پيو، ته ننڍي عمر جو نوجوان، جنھن جي عمر سندس تعليم تي توجھه ڏيڻ جي آھي، اھو تعليم سان ايترو سنجيدو آھي، جيترو ڪو عام ماڻھو! تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو پنھنجي جاءِ تي، پر سولو به تمام گھڻو آھي. خانگي طور امتحان ڏئي، ڪاپي ڪري ميٽرڪ ڪرڻ، انٽر ڪرڻ، بي اي ڪرڻ، ايم اي ڪرڻ ۽ پوءِ ٿورو جتائيندڙ شاعر ئي نه، نثر نويس ۽ صحافي ٿي پوڻ، پاڻ وٽ ”هر فن مولي“ ڪي ٿورا نه آھن! مون کي انھن تي حيرت آھي، جيڪي سڀ ڪجھه سمجھندي به، نوجوانن کي ڪا سھڻي صلاح ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آھن! جيتوڻيڪ احساس ميرل جي هن محنت، کان اڳ شاعريء جا گڏيل ڪتاب اچي چڪا آهن پرَ هن ڪتاب ۾ خاص ڳالھ اها به آهي، ته هن ۾ سينيئر شاعرن ۽ اديبن سان گڏوگڏ نون لکندڙن کي پڻ منظر تي آندو ويو آهي، ۽ هن سلسلي ۾ شامل شاعر ۽ شاعرائون، هڪ ٻن ياچئن علائقن يا ضلعن جا نه، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ليکارين کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪا نئين ڳالھ آهي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو، تہ هي ڪتاب، هي مجموعو، اڳ ۾ آيل ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڏسي، تڪي توري، اهو معلوم ڪرڻ جهڙو ڪتاب آهي، ته ڪنهن ڪيئن ڪتاب آندو آهي؟ احساس ميرل هي ڪتاب ڪيئن چپرائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي، ڪهڙو تاريخي ڪم ڪيو آهي، اها معلومات به وقت تي ظاهر ٿي بيهندي. آئون هڪ دفعو وري به احساس ميرل جي جذبي کي ساراهيندي، کيس اهڙو بهترين ڪم ڪرڻ، ان کي ڪتابي صورت ڏيڻ تي دل جي گهرائين مان شاباسون ڏيان ٿو.

[b] مٺل جسڪاڻي
[/b] ٽنڊوڄام