(85) اصغر باغي
[شاعر، مضمون نگار]
اصل نالو : غلام اصغر
ادبي نالو : اصغر باغي
ولد : محمد سچل
ذات : کوسو
ڄم جي تاريخ : 05 مئي 1962ع
جنم ڀومي : ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو، لڳ احمدپور، تعلقو ڪنگري، ضلعو خير پور.
تعليم : ماسٽرس. رابطو: 03332399099
رھائش : گلشن حديد فيز ٽو، ڪراچي.
لکڻ جي شروعات : 1983ع
ڇپيل مواد : هلال پاڪستان، عوامي آواز، تعمير سنڌ، امن، سوجهرو، اجرڪ، دي پرزنر، همرچو، پرک، تِروِرا، سنڌ راڻي، همسري، لوڪ ۽ ٻيا ڪيترن ئي ادبي مئگزينن ۾.
گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “شاعري ڳالهائي ٿي“ ۾ پڻ شاعري ڇپيل
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، مضمون نگاري وغيره.
شاعري مختلف گلوڪارن ڳائِي جن ۾ سرمد اياز، زاهد شيخ، مراد يوسف، ٻيجل سنڌي، ممتاز رڏ، نوح مري ۽ ٻيا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
آدرشن جي ، لات وڪيَئي ڇو
تاريخن جي ، تات وڪيَئي ڇو
ڏيھه جا ڏاها ، ڏاهپ تنهنجي
کان پڇان ٿو ، ڏات وڪيَئي ڇو
سڀ ڪجھه سؤدي ، لاءِ رکيو ٿي
ڏينهن پيو وڪڻين ، رات وڪيَئي ڇو
سچ جي خاطر ، سر وڍائڻ
سوڀ وڪاڻي ، مات وڪيَئي ڇو
سورج سامهون ، ڪيئن ڪو بيهندو
پرھ سندي ، پرڀات وڪيَئي ڇو
ان الحق آ ، نانئہ اسان جو
منصورن جا ، ڪات وڪيَئي ڇو
خلجي هٿ ڪيئن ٻاگهل ايندي
اوڙو پاڙو ، ذات وڪيَئي ڇو
[b]نظــــــم[/b]
آ عجيب اڻتڻ اسان جي تن ۾
شعور ڇوليون هڻي پيو من ۾
گيڙو رتا سي فقير ڄاتا
اسان جي نسبت ڌرتي ماتا
حجاب پنهنجا پي نقاب لاٿا
مقتل بہ کولي رکيا ٿي کاتا
اڃيو آ عاشق ڇا ٿو هي چاهي
رڻن پٽن ۾ پيو آ ڪاهي
ڪليسا، مسجد، مندر پيو ڊاهي
اڪير اٿس جا نہ ٿي اجهامي
پئي اندر جي ڪني اڀامي
نسل پرستي نہ فرقہ پرستي
نہ انا پرستي نہ ڪائي پستي
نکري پئي ٿس عظيم هستي
اهڙو تہ امرت اسان بہ پيتو
ملي ٿو جيڪو اڄ بہ سن ۾