شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(100) احساس ميرل

تعارف نمبر (100)

[شاعر،ڪهاڻيڪار]

اصل نالو: مير محمد 
ادبي نالو: احساس ميرل
ولد : نورمحمد 
ذات : سهتو
جنم : 15 ڊسمبر 1984ع.
تعليم :. پرائمري.
ڪرت : پنهنجو ڪاروبار
لکڻ جي شروعات : 1999ع. رابطو: 03013516393
اصل ڳوٺ ۽ جنم: ڳوٺ نئين وسي، ضلعو مٽياري.
موجوده رهائش: اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، ترائيل، چوسٽا، 
ڪهاڻي، ڪالم وغيره.
ڇپيل مواد : امرتا، اديب، ڪرزما، شام، آڪاش، صبح، نئين آس،  همسري، عبرت مگزين، ڪاوش گئلري، سنڌو، ھاري، حلال پاڪستان وغيره ۽ اُن کان علاوه گڏيل شاعري جي ڪتاب ”هر گُل جي خوشبو پنهنجي“ ۽  ”ادب آبِ حيات“ ۾ شاعري ڇپيل. 
ڇپيل ڪتاب :1. “توزندگي چيو هو“ شعري مجموعو 2014ع.
2. “جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو” شعري مجموعو 2016ع.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]چؤسٽـــــــا[/b]

سيارو سرد جاڳي ٿو
وري نئون درد  جاڳي ٿو
وڃي چنڊ يار کي چئجان
اڃان ڪو فرد جاڳي  ٿو

درد دل ۾ کُتل ۽ خاموشي
ڊائري گل  سُڪل ۽ خاموشي
اڄ به دردر کنيو پيو ڀٽڪان مان
دل جا ٽڪرا ٽُٽل ۽  خاموشي

[b]غـــــزل[/b]

عڪس هُن جا آرسيءَ ۾ گُم ٿيا
حوصلا منهنجا دريءَ ۾ گُم  ٿيا

جِن دنيا ۾ پاڻ کي سمجهو خُدا
سي وڃي آخر مٽيءَ ۾ گُم  ٿيا

يادگيرن جا جڏهن کوليم پنا
لڙڪ ڪرندي ڊائريءَ ۾ گُم  ٿيا

واھ جو قاضيءَ ڪيو آ فيصلو
جگر جا ٽُڪرا چَٽيءَ ۾ گُم  ٿيا

ماءُ جيجل جا سُڪون آرام سڀ
پُٽَ جي آوارگيءَ ۾ گُم  ٿيا

دل جي چوريءَ جا جڏهن پيراکنيم
تنهنجي نيڻن جي  گهٽيءَ ۾ گُم ٿيا

اڄ ٿيو احساس ميرل کي اهيو
درد سارا شاعريءَ ۾ گُم  ٿيا

[b]غــــــزل[/b]

مان جُهو پن ۾ تون ماڙيءَ ۾
ڪيئن رهندي گڏ ٻهراڙيءَ  ۾

اڄ گدڙن جا ٿي هانءُ ڇڳا
هو خوف وڏو اوناڙيءَ  ۾

مون ڏاڍا ڳوليا ڪونه لڌا
ڪجھه خواب رکيل الماڙيءَ  ۾

اڄ پيءُ چيو پٽّ کي سُڏڪي
پٽ! رئندين تون به پڇاڙيءَ ۾

مان شهر اُ ڏيري ٽيشڻ جو
دل ڦاسي وئي سرهاڙيءَ  ۾
