(116) غفار شيخ
[شاعر]
اصل نالو : عبدالغفار
ادبي نالو : غفار شيخ
والد جو نالو : غلام رسول
ذات : شيخ
جنم : 01 فيبروري 1979ع
تعليم: ايف.اي
ڪرت : جيڪا ملي!، في الحال سماء ٽي وي تي.
رهائش : ڏھرڪي/ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1995ع
رابطو : 03323587435
ڇپيل مواد : ھالار، سنڌ رنگ، سوجھرو، عبرت، خبرون ۽ ڪاوش.
صنفون لکيل : تقريباََ سڀني صنفن تي پر غزل گھڻو لکيو اٿن.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
منھنجي اک ۾ پنھنجي اک جا منظر ڳوھِ
پنھنجي ھٿ سان ٻيھر چارئي عنصر ڳوھِ
آءُ ڪـيراءِ صلـيبي ديـدون ڏاگھه تـي چاڙھ
سونھن جا نشتر عشق جا مون ۾ لشڪر ڳوھِ
وارن جا ڪي واس رکي وڃ خوشبوء ۾
جـيءُ جـبل کـي پـار اُڪـاري پـٿر ڳـوھِ
تنھا تنھا سانجھي، سج خوابن جا
ساڀيائن جي نيري نڀ تي، امبر ڳوھِ
بي ترتيبيون ترتيبين ۾ آڻ چريءَ
اونداھين ۾ چنڊ ڪتين جي اوسر ڳوھِ
پـانـدن ۾ انگـوريـا آھـن شـوق پـريـن
ھاڪر جي اڄ جر سان پنھنجي نھڪر ڳوھِ
[b]نظـــــم[/b]
انهي عشق جي اڱڻ تي
ڇيريون ٻڌي نچياسين
حِردي ۾ سڪ پگهاري
دردن ۾ روح ڍاري
ڳوڙهن جا ڳوٺ ڳاري
ڍنڍون اکين مان هاري
دامن ڀنل اڪاري
هر شخص جي اکين مان
ٿي سانوڻيون وٺا سين
جيڏو غرور هو ڪلهه
جنهن ساٿ جي هجڻ تي
هو ناز دل چري کي
مرڪڻ کلڻ ملڻ تي
رستن مٿان ڪڪر ٿي
پاڇن جئان گهمڻ تي
هڪٻئي جي ڇانو بڻجي
نٽهڻ مٿان لهڻ تي
افسوس ايئن اچانڪ
شيشي جئان ٽُٽا سين
ميڙي سگهيو نه هٿ ڪو
پئي هانو ۾ چڀيا سين
چوڏهين جي چنڊ جهڙا
ڪيئي مقام آيا
ٿيون وائڙيون عشاقيون
ويو وصل موڪلائي
اهنجا ايام آيا
پل پل عجب ٿي گذريو
پنهنجي ڏٺي کليا سين
پنهنجي ڏٺي رنا سين..!!