شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(117) عشوق”مُحسن“

تعارف نمبر (117)

[شاعر]

اصل نالو : معشوق علي 
ادبي نالو : معشوق”مُحسن“
ولد : علي گل
ذات : ابڙو 
جنم : 01 مارچ 1993ع.
تعليم : ايم.اي (سنڌي)
ڪرت : استاد. رهائش : دادو مورو پل لڳ ڳوٺ وارياسو.
رابطو :  03003264248
لکڻ جي شروعات : 2010ع.
لکيل صنفون : حمد، نعت، نظم، گيت، غزل، وائي، چؤسٽو وغيره
چپيل مواد : مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــــزل[/b]

عشق تنهنجي جو اثر آهي اڃا
سار جو مون وٽ ثمر  آهي اڃا

ترس ٿورو سونهن کي سجدا ڪيان
رات جو پويون پهر آهي  اڃا

شانَ ۽ شفقت ڀريو هُو شاھُ آ
ڇانؤ ڇورن تي ڇپر آهي  اڃا

خيال جو کُورُو ٻريو کُٽڪو وڌيو
سوچ جو جاري سفر آهي  اڃا

شالَ! ھُو ”معشوق مُحسن“ سان ملي
ديد اُن لاءِ دربدر آهي  اڃا

[b]نظـــــــم[/b]

توسواءِ رِڻَ ۾ نہ رهندس راتڙي
جهنگ ۾ اُڇلي نہ مونکي وڃ امان
پيار پنهنجي ٿورڙي ڪا ٿڃ امان
عرض آزيون ميڙ منٿون مڃ امان
ٻارڙي کان ڪينَ ڀيرو ڀڃ  امان
سمجھه منهنجي ماءُ ٻولي ٻاتڙي
تو سواءِ رِڻ ۾ نہ  رهندس راتڙي
تو عذابن لئہ جنم جيجل ڏِنو
ڇو نہ روئان تو بہ ڇاتيءَ کان ڇِنو
روح تنهنجو خوف ۾ ناهي ڊِنو
ڪيترو تو ڪم ڪيو هي  آ ڪِنو
ڪنهن ڀلا اولاد اُڇلايو ڪٿي
چاھ ۾ ٿي چُور چچلايو  ڪٿي
تو کنيون جن ڪاڻ جڳ جون تهمتون
سي بہ وِيا توکان ڪري ڪُل نفرتون
تو رکيون هونديون هزارين حسرتون
مانَ سان تو ڪينَ  ماڻيون محبتون
ماء ُپيءُ توکي ڏني تعليم جا
ڪانہ تن جي تو ڪئي تعظيم سا
تو حيا جو ڇو ڀڳو تالو تہ ڏَس
ڇو هنئي دل ۾ ڀري ڀالو تہ ڏَس
ڪير آ منهنجو ابو نالو تہ ڏَس
رڻ ۾ ٿيندو ڪير  رکوالو تہ ڏَس
ڇو ڀلا خوفِ خُدا ڌارين نٿي
لت رکي نرگهٽ مٿان مارين نٿي
نينهن ۾ نروار ٿي ناري هتي
ڪيس ڪيڏو ٿي ڪري ڪُنواري هتي
سر مٿان سهندي وتي خُواري هتي
ڪا ڪُهي پنهنجن  ڇڏي ڪاري ھتي
روز ٿو مرندي ڏسان مخلُوقَ مان..!!
 ڪيئن رهان ماٺار ۾ ”معشُوق“مان..!!