(107) ذاڪر سيتائي
[شاعر]
اصل نالو : ذاڪر حسين
ادبي نالو : ذاڪر سيتائي
ولد : شبير احمد
ذات : سولنگي
جنم : 05 اپريل 1980ع
تعليم : ميٽرڪ. ڪرت : مزدوري. رهائش : سيتاروڊ ضلعو دادو
رابطو : 03442525478. لکڻ جي شروعات : 2013ع
لکيل صنفون:غزل،گيت،وائي،نظم،نثري،نظم، هائيڪا، چوسٽا.
ڇپيل مواد . مختلف اخبارن ۽ رسالن ۽ ميگزينن ۾.
ڇپيل ڪتاب : 1. (ڏھر منجھه ڏيئا ) گڏيل شاعري، 2. (چوڏس مينگھه ملهار ) گڏيل شاعري. هڪ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
هُو نه هڪ ساريون وڃن ٿيون
کوھ تي ناريون وڃن ٿيون
هلُ ھلي ڇت تان ڏسون ڪيئن
ڳوٺ ڏي لاريون وڃن ٿيون
هُو کنيون سڀئي پليءَ جون
ڍاڪَ تي کاريون وڃن ٿيون
چَپَ چُمين جا ٿانوَ ڀريل
سَٽَ ۾ هاريون وڃن ٿيون
دل جي ڌرتي ، يادگيريون
مينهن جان ٺاريون وڃن ٿيون
جَن سهاري مان جيئان هان
سي اکيون ماريون وڃن ٿيون
[b]آزاد نظـــــــم
[/b]
سونهن تنهنجي کي ڏسي
مان ايئن ٿو ڀائيان
ڄڻ ته مندر ۾ سَجل
مورتي آھين مٺي
چيلھه ٿئي چهبُڪ ۽
وار ڀي واسينگ ٿئي
تن ۾ ٿئي سهڻي سڳي
جيئن ٿي وک کي کڻين
جا ڪري آواز ٿي
سڀئي کولي راز ٿي
ڳل تنهنجا هوبهو
انب جو ڦارون ڪٽيل
نيڻ ڄڻ جاڙيون نديون
چپ ٿي چورين جڏھن
ڄڻ ته پوپٽ گل مٿان
پاڻ ۾ ٿا پيار ڪن
لفظ ناهن مان سندءِ
سونهن تي ڏس ڇا لکان
بس ڪمي هڪڙي اٿئي
ڪا ڪمي تو ۾ نه آ
ها اها ئي ٿئي ڪمي
ها اها ئي ٿئي ڪمي