شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(108) امداد سولنگي

تعارف نمبر (108)

[شاعر]

اصل نالو: امداد علي
ادبي نالو: امداد سولنگي
ولد : رضا محمد
ذات : سولنگي
جنم : 01 فيبروري 1985ع
تعليم : بي اي
ڪرت : ڪلارڪ CMA LAHORE
رهائش : سيالڪوٽ، پنجاب
رابطو: 03433633523
لکڻ جي شروعات : 1999ع
ڇپيل مواد : هالار، سنڌ رنگ، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، ڪوشش، خبرون وغيره.
لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، نظم.
ڇپيل ڪتاب : 
1“پارسائي جون حدون“ (شاعري)
2- گڏيل ڪتاب “ڪوي ڪشمور جا” (شاعري)

سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ

[b]غــــــزل[/b]

مان جيئان من زندگي سان ٺاهه ٿئي
سونهن سرچي عاشقيءَ سان ٺاهه ٿئي

جڳ منجهان ڪُل ڪلفتون هي دور ٿين
آدمي جو آدميءَ سان ٺاهه  ٿئي

نيڻ خوابن ساڻ گڏجي ٽھڪ ڏين
رات جيڪر ننڊ مٺيءَ  سان ٺاهه ٿئي

گيت سِهرا خوب ڳائي مان نچان
بس رڳو هُن پوپريءَ سان ٺاهه  ٿئي

هارجي ڳوڙھن سان پئي آ التجا
دلرُبا اچ ، دلبريءَ سان ٺاهه  ٿئي

درد پالي دل وئي آ ، چُور ٿي
ڦٽ ٻُرن ٿا ڪنهن ڦڪيءَ سان ٺاهه ٿئي

لوڪ جي ٺوڪر کان بهتر آ ھِتي
هاڻ پنهنجو مئڪشيءَ سان  ٺاهه ٿئي

[b]وائــــــي[/b]

رات اڪيلائي کي ميڙي 
سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

خواب ڪٿان کان ايندا آھن،
ننڊ اوجاڳن سان پئي جهيڙي
  سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

دل جا چاڪ ڏٺا تو دلبر،
اُڌمن سان ائين پاڻ اُڊيڙي
  سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

هلڪي هلڪي هير ڏکڻ جي
يادن جا ڪي گيت پئي ڇيڙي،
  سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

راهه رُلي ٿو جوڳي منڙو،
پنهنجا ٿاڪ سمورا ٿيڙي،
  سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

