(75) عمران وفائي
[شاعر]
اصل نالو : غلام فاروق
ادبي نالو : عمران وفائي
ولد : غلام محمد
ذات : عمراڻي
جنم : 3 مارچ 1983ع
تعليم : انٽر
ڪرت : ٽيچر
رهائش : اڏيرولال اسٽيشن ضلعو مٽياري
رابطو : 03438304625
لکڻ جي شروعات : 2000ع
لکيل صنفون : غزل، نظم، چؤسٽا.
ڇپيل مواد : امرتا، اديب، ڪرزما، صبح، عبرت ميگزين، سنڌو اخبار، رياست اخبار، ڪاوش گيئلري، ميرانپور اخبار وغيره
اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جو مواد موجود.
سندس شاعريَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
چيو ڪنهن سُکن ۾ اسان جو آ جيون
اچي ڏس ڏکن ۾ اسان جو آ جيون
اوهان محل ماڙين آباد ليڪن
ڪکن ۽ پکن ۾ اسان جو آ جيون
تري نيٺ ٿي پار ڪشتي اوهاجي
سدائين ڪُنن ۾ اسان جو آ جيون
جڏهن کان اوهان ساٿ ٽو ڙي ڇڏيوآ
رهيو مئڪدن ۾ اسان جو آ جيون
جلايو مٽايو يا پنهنجوبنايو
اوهانجي هٿن ۾ اسان جو آ جيون
[b]غــــــزل[/b]
ٻڌو ٻڌو اي دوستو! دماغ ڪم نٿو ڪري
صداقتون نه ڀروسو دماغ ڪم نٿو ڪري
رُلي رُلي جهان ڏٺم وفا سندي تلاش ۾
مليو نه ڪو هتي سچو دماغ ڪم نٿوڪري
جفا جي شهر ۾ سڄو بدن سڙي جلي پَيو
وسو وسو اي بادلو! دماغ ڪم نٿو ڪري
نه رهنما نه همسفر نه مهربان ڪا نظر
اي رهبرو اي دلبرو! دماغ ڪم نٿو ڪري
کڻي اُميد جو ڏيئو وفائي اڄ اچي پيو
ڏِيو ڪو پيار جو ذرو دماغ ڪم نٿو ڪري
[b]نثري نظــــم
“فيصلو”[/b]
ڪو ويچارو ديوانو
اونداهي ڪوٺيءَ ۾
اڪيلو ڪنهنجي يادن ۾
مسلسل روئندو رهيو
ٽڙپندو رهيو
نيٺ پنهنجا لڙڪ پاڻ اگهي
دل کي چيائين
اچ ته اڄ هڪڙو فيصلو ڪريون
هاڻ هي مسئلو حل ڪريون
يا ته هُن جي تمنّا نه ڪر
مونکي ايڏو تنگ نه ڪر
هر ڳالھه تي ضد نه ڪر
يا اچ ته ٻئي همٿ ڪري
جستجو ڪري
هن کي هميشه لئه پنهنجو ڪريون..!!