(81) رحمت پيرزادو
[شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]
اصل نالو : رحمت الله
ادبي نالو : رحمت پيرزادو
ولد. : مير محمد
ذات : پيرزادو
جنم : 01 فيبروري 1978ع
تعليم : بي.اِي (ايگريڪلچر)، ايم.اي سنڌي.
ڪرت : چيف انجنيئر (ايگريڪلچر)
رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي
رابطو : 03337551931
لکڻ جي شروعات : 1992ع
ڇپيل مواد : سنڌ جي سمورن اخبارن ۽ رسالن ۾
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، ڪالم وغيره.
ڇپيل ڪتاب : ”ڪليسا جي دريءَ ما“، “ڪينڊل لائيٽ”، “خمار، گيت، چاندني”، “اڪيلائيءَ جو ڪئنواس”، “خدائي رقص ۾ آهي”، “دلين جا داخلي رستا”، “صليب جاڳ اسان جي”(ترتيب).
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نظـــــم[/b]
مسافر ڇوڪري آهي
مسافر ڇوڪري آهي
ٽڪي پئي روح منهنجي ۾
هُو جيڪا جل پري آهي
سفر ۾ ساڻ آ مون سان
هوا ۾ هٿ هڻان ٿو مان
ته ڪا ڪوساڻ آ مون سان
بدن رنگريز وانگر ٿس
هوا ۾ هرک هاري ٿي
اُها مون کي سڏي ٿي پئي
اُها مون کي پُڪاري ٿي
انهيءَ جا نيڻ قاتل هن
انهيءَ جي گھور ٿي گھائي
وفا جا ويڻ قاتل هن
گھٽي آ گھُور ۾ ان جي،
محبت موڪري آهي!
مسافر ڇوڪري آهي!
اسان هن ديس ۾ هوندي به
ڄڻ پرديس ۾ آهيون-
مسافر ڇوڪري ناهي،
اسان جو من مسافر آ!
اسان جو هي سڄو جوڀن،
سڄو درپن مسافر آ!
مسافر پير، پيغمبر،
سڄو عالم مسافر ۽
مسافر مُرڪ آ پنهنجي
اسان جو غم مسافر آ!
سفر جي آجيان ۾ جا
گُلن جي ٽوڪري آهي،
مسافر ڇوڪري آهي!
ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!
[b]نظـــــم[/b]
پيار اسان جو الجبرا جيئن
گھاٽو ڌُنڌ ٻٻر جي ٻاري
سيءُ سُنگھي ويو ماٺ وڻن جي
ڌنڌ دڳن تي آ چوڌاري
ڳوٺ ڊسمبر کي اوڙهيو آ
اسڪولن لئه ٻار اُٿن ٿا
وات منجھان سي ٻاڦ ڪڍن ٿا
جھوني در جو تاڪ کُلي ٿو
هوءَ جيڪا استادڻ آهي
پلڪارُن تي پير رکي ٿي
۽ دنيا کي گول گھُمي ٿي
پيار اسان جو الجبرا جيئن
مايوسيون، مونجھارو آهي
هن جي ڪاري برقعي جو هي
رنگ ته ڪيڏو ڪارو آهي
هُوءَ جا پاڻ اڇي اُجري آ
نيڻ انهيءَ جا جيئن کڄن ٿا
دل ۾ ڪي ئي ساز وڄن ٿا
ڳالهه انهيءَ جي جادوءَ جهڙي
ماٺ انهيءَ جي موسيقي آ
هُوءَ جي ماٺ ڪري ويٺي آ
ٽيبل، ڪُرسي پڻ چُپ آ پر
هن جي ماٺ به ڳالهائي ٿي
هر ڪا واٽ به ڳالهائي ٿي
هُوءَ جا ميٿ پڙهائيندي آ
سُلجھائي الجھائيندي آ
اُلجھائي سُلجھائيندي آ
چاڪ انهيءَ جو ميري من تي
اُجرا اُجرا لفظ لکي ٿو
دردُ دلين کان دور ڀڄي ٿو
ڄڻ هُو پيار پڙهائيندي آ
هُن جي مُرڪ مسيحائي آ
هُن جا نيڻ خدا جهڙا ۽
ڇا ته ڀرون سي جاڙا آهن
هُن ۾ جيڪو واس رهي ٿو
ان سان ڌُنڌ جيان ڍڪيل هي
سارا اوڙا پاڙا آهن
۽ جي ناهي، شهر سڄي جا
گس لڳن ٿا ٻاڙا آهن
دل جو داد، فرياد نه ڪوئي
ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!