(120) منور ملاح
[شاعر]
اصل نالو : منورعلي
ادبي نالو : منورملاح
ولد : ٽلندو خان
ذات : ملاح
جنم : 05 جنوري 1980ع
تعليم : بي.اي. ڪرت خانگي ملازمت
رھائش : ملاح ڪالوني،کپرو. لکڻ جي شروعات : 2000ع
رابطو : 03455237685
ڇپيل مواد : سوجھرو، ادب، ھالار، ھزارداستان، عبرت ميگزين، پرک، ھمرچو، نئين زندگي، نئين خوشبو، نئين آس، ٽه ماھي مھراڻ، امرتا، نئون نياپو، ميگھه، لڙڪ ميگزين، ڪاوش ميگزين، سوڀ ميگزين، عبرت ميگزين، خبرون، آفتاب، تعميرسنڌ، عوامي آواز، عبرت.
لکيل صنفون :غزل، نظم، وائي، گيت، ھائيڪا، بيت، قطعه، دوها.
ڇپيل مواد : شاعريءَ جي گڏيل ڪتابن ”سُک نه سُتا ڪڏھين" ۽ “کپرو جا دورِ حاضر شاعر“ ۾ پڻ شاعري شامل.
ٻن ڪتابن جيترو نثر ۽ ھڪ ڪتاب جيترو شاعري جو مواد موجود
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
ھوءَ اندر ۾ ترسي آھي
ڄڻ مندر ۾ ترسي آھي
وينگس وار سڪائي ويٺي
اُس آڳر ۾ ترسي آھي
خوشين جو سنسار لڳي ٿي
جنھن جي گھر ۾ ترسي آھي
توکان پوءِ ھر چانڊوڪي
ڄڻ کنڊر ۾ ترسي آھي
سوچ مُصور سونھن سکي جي
ڄڻ منظر ۾ ترسي آھي
ڪير ھوا ۾ سڙھ سنڀالي
موج لھر ۾ ترسي آھي
ماءُ اکين ۾ الڪا ساڳيا
ديد به در ۾ ترسي آھي
نيڻ ڪنوارا نکري پيا ھن
ڪنھن تصور ۾ ترسي آھي
خوف اڃارو ڀٽڪيو مون سان
ھرڻي بر ۾ ترسي آھي
پاڻ صدين جا تارا سوچيا
اک امبر ۾ ترسي آھي
شايد ھوءَ آ آسي پاسي
خوشبو ڀر ۾ ترسي آھي
ھاڻي منور موٽي ايندو
بارش ٿر ۾ ترسي آھي
[b]غـــــزل[/b]
روز ٿو زخمي ڪري عاشقي کي حادثو
روز آ منھنجي اندر آرسي کي حادثو
تون نظر ڦيري وئين راھ تي لاشا ھئا
ڇو نٿو عبرت ڏئي آدمي کي حادثو
ھردفعي آھي ملي ڇوڪري ڪنھن موڙتي
ھو مُڙي ڇا ڄڻ ھيو زندگي کي حادثو
رات مون تارا ڏٺا ھا ٽٽا آ ڪاس تان
سوچ جي آيو ڪٿان سرشٽي کي حادثو
ھا سوالن کي نوان ڪيترا چھرا مگر
ڪير ويو آھي لکي خودڪشي کي حادثو
فاصلا ھن پاڻ ۾ روز ٿا وکري وڃون
شڪ جو لوڏي ٿو وڃي دوستي کي،حادثو
سونھن مان مرڪي ڏسڻ روڪ ھي قاتل ادا
روز آھي ھر نئين اجنبي کي حادثو