شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(11) مجيب سنڌي 

]شاعر، ڪهاڻيڪار]
اصل نالو : مجيب الرحمان 
ادبي نالو : مجيب سنڌي 
والد جو نالو : محمد حيات 
جنم: 5مارچ 1983ع
ذات : ڪورائي 
رهائش : عمر مارئي ڳوٺ قائد آباد، بن قاسم ٽائون ڪراچي
رابطو: (0203006_0300)
تعليم : مئٽرڪ 
ڪرت : پنهجو ڪاروبار
لکڻ جي شروعات : 1998ع 
ڇپيل مواد : سنڌي مئگزين، رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي تخليقون ڇپجنديون رهن ٿيون. 
صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، بيت، نظم، مضمون ۽ ڪجھه ڪهاڻيون وغيره
 ڇپيل ڪتاب : تياري جي مرحلي ۾ آهي
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

[b]غــــــزل [/b]
ڇا جي چاهت ڇا جي ياري 
 هر ڪنهن وٽ آ دنيا داري

رشتن جو ڪو مان نه آهي 
 سڀ کي پياري ناماچاري

هر ڪو ساڙ سڙيو ٿو ڏسجي 
 هر ڪنهن وٽ آ مارا ماري

مفلس ماڻهو سورن ۾ آ
 آهي تماشو دنيا ساري

نيٺ مجيب اڀرڻو آهي 
 مون جنهن سج جي راھ نهاري.

[b]غــــــزل [/b]
شاھ گداگر تنهنجي در تي
ڪيئي گوهر تنهنجي در تي

آئون به دل جو دان رکان ٿو
منهنجا دلبر تنهنجي در تي

مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن
سڀ ثنا گر تنهنجي در تي

هيڪر ٻيهر ٽيهر ڇا لئه
ايندس هر هر تنهنجي در تي

[b]وائـــــي[/b]

هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا

ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
  آيا سانوڻ مينهنڙا


[b]ڪافي[/b]

پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي 
پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي

جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
دنيا ان کي خوار ڪيو آ 

تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي
مست ملنگن جو هي ٽولو

سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي

حسن عجب ۽ پيار عجب آ
هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ 

الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي
محبت ماريل اک نماڻي 

مجيب هر دم لڳي اياڻي 
 پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي