شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(23) سائل پيرزادو

تعارف نمبر (23)

[شاعر، ڪهاڻيڪار، مضون نگار[
اصل نالو: غلام حسن
ادبي نالو: سائل پيرزادو
والد جو نالو: هادي بخش
ذات: پيرزادو
ڄمڻ جي تاريخ : 4 اپريل 1978ع
ڄمڻ جو هنڌ: تعلقو سڪرنڊ، ضلعو شهيد بينظير آباد
رهائش: سڪرنڊ
رابطو: (3524041_0342)
تعليم: اسٽاڪ اسسٽنٽ ڊپلوما
لکڻ جي شروعات: 1992ع
 ڇپيل مواد: عبرت ميگزين، ڪاوش ميگزين، سوجهرو، ريکائون، همرچو، پرهه، مومل، پرک، سنڌو ڊائجسٽ، مهراڻ، تخيل، مسيحا سڪرنڊ، ساک سڪرنڊ، هزار داستان، ڪينجهر، ادب، امرتا، رمجهم، نئين زندگي، سنڌ لائين، برسات، جاڳو، ڪاوش ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سوڀ، ڪوشش، عبرت، وغيره
صنفون: نظم، غزل، بيت، وائي، گيت، دوها، ترائيل، هائڪو، نثري نظم، آزاد نظم
ڪجهه ڪهاڻيون، مضمونَ ڇپيل.
شاعري جا 3 ڪتاب ڇپيل : 1. سمنڊ ڪناري ڪوڏ، 2. خوشيون پرڏيهه جا پنڇي، 3. اکين ۾ مند مينهوڳي. 
تاڻيان تندُ نه نبري ترتيب ثناءُ الله خاصخيليءَ جا مضمون
اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ شاعريءَ جو.

سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــــزل[/b]

جي به مليا ٿَڪَ اَٿَس ڪي پنڌ ۾
ساڻ آيو، آ کڻي، سَنڌَ سَنڌَ ۾

هُو اُٿي، آفيس هليو آ ويو
ماءُ ويڙهي خواب رکيا هَنڌَ ۾

ديس کي ڇا لاءِ پيا آهن اَچي
هيل ڀي مهمان ڪيئي ڪَنڌَ ۾

هُوءَ ڪري ويران ڪيئي گهَرَ وئي
ڇا ته پنهنجي حُسن جي آ اَنڌَ ۾

هيل سانوڻ خوب برسيو آ پرين
ٻار مورن سان نچيا آڳَنڌَ  ۾

[b]غـــــــزل[/b]

ڪاغذن جان ڇار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
هي حياتي سار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

جيل مان آهي اُماڻيو هن سنيهو،
پنهنجي منزل دار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

پوپٽن جو موت ايندو ديس ۾، يا
دل گلن مان خار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

ڇو امن! منهنجي وطن تي ڪونه آئين،
سنڌ سڄي آثار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

هي جدائي روح جي لئه او! پريتم،
نانگ جا ڪي وار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

روشنيءَ جي راههَ آئين ڪونه سائل،
گهُگهه اوندهه يار  ٿيندي، پوءِ ايندين؟