(88) اخلاق بلوچ
[شاعر]
اصل نالو : اخلاق احمد
ادبي نالو : اخلاق بلوچ
ولد : محمد اسحاق
ذات : عارباڻي
رھائش : گھوٽڪي
رابطو: 03022386963
تعليم : انٽر
لکڻ جي شروعات : 2016ع
ڇپيل مواد : ڪاليج مئگزين ۾.
لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، نظم، ڪويتا، نعت.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
تنهنجي قدرت تي پيو لکان
پنهنجي فطرت تي پيو لکان
سيني ساڻ لڳايو آ جنهن
ماءُ جي عظمت تي پيو لکان
وَيا لُٽي ھي ڌرتي منھنجي
سنڌ جي غربت تي پيو لکان
ھاري جي ويو ڀينگ ڪري آ
ھن جي محنت تي پيو لکان
ٽوڙي جنھن دل منھنجي آھي
يار جي جرئَت تي پيو لکان
اخلاق ڪري ڇا آ غريب
پنھنجي دولت تي پيو لکان
[b]غـــــــزل[/b]
ڪيڏي اڄ برسات وڻي ٿي
بوندن جي ھا لات وڻي ٿي
سيءُ پارو تن کي ڪندو ڇا
لاھوتين جي لات وڻي ٿي
مچ ڪچھري پئي ھلي اڄ
پوڙھن جي ھر بات وڻي ٿي
ھر ھڪ سٽ ۾ سون سجائي
شاعر جي ھي ڏات وڻي ٿي
ڇا ٿيندو ھن قوم جو ھاڻي
تنھنجي ھي فڪرات وڻي ٿي
ھڪ مون ۾ اخلاق ھن خاميون
باقي بلوچ ھر ذات وڻي ٿي
[b]نظــــــم[/b]
ڪاليج جون آخري گھڙيون
غمن جو سي ٿي سبب بڻيون
جدا ٿيندي ائين رناسين اسان
موسم بدلجندي جئين ٽاريون ڇڻيون
خبر پئي آخري آ اڄ پيرڊ ھتي
ملي دوستن سان ڪيوسين رڙيون
جنھن سان نہ ھو ڪڏھن ھٿ ملايو
ڪلاس ۾ تن جون ڳالھيون پئي وڻيون
ھر موڙ تي پيا ملنداسين مٺا
دل سان اوريون پئي مڙئي سکڻيون
لڙڪن بند بڪ”اخلاق“ کان ڪرايو
نہ تان اڃا بہ ڳالھيون ھيون گھڻيون